ڪامريڊ حسن ناصر تاريخ توکي نٿي وساري سگهي سارنگ مصطفى

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ماضيءَ کان سواءَ مستقبل نٿو ٿي سگهي،ماضيءَ ۽ حال کي فِراموش ڪري جنهن مستقبل کي جوڙيو وڃي اهو مصنوعي طور تي چند حڪمرانن لاءَ خوش حال ته ٿي سگهي ٿو پر سماجن، تهذيبن ۽ انسانن کي بد حاليءَ کان سواءِ ڪجهه به نٿو ڏئي سگهي وقت بيهندو ناهي هٿرادو فلسفا ۽ فرد اُن ۾ رڪجي ويندا آهن، ائين تاريخ جو هڪ نئو باب پنهنجي سيني مٿان ماضيءَ جي ارڏن ڪردارن کي جاءِ ڏيندو آهي، فرد ختم ٿي ويندا آهن پر قردار هميشه زنده رهندا آهن .
    چون ٿا ته تاريخ ۾ اهڙا لمحه به ايندا آهن جڏهن وقت جي رفتار تيز ٿي ويندي آهي، صديون سالن ۾ سال مهينن ۽ مهينا ڏيهن ۾ سميٽجي ويندا آهن، عمومي سماجي شعور بلند ٿيئڻ لڳندو آهي .محنت ڪش عوام تيزيءَ سان نتيجا وٺڻ شروع ٿي ويندي آهي ۽ حڪمرانن جون تمام سازشون انهن جي سامهون بي معنى بڻجي وينديون آهن ۽ انهن جون چالبازيون هڪ هڪ ٿي بي نقاب ٿي وينديون آهن، اهڙي ڪيفيعت جي سڀ کان پهرين اهيا نشاني هوندي آهي ته ماڻهون سوچڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن، سوچ ڪيتري نه عظيم ٿيندي آهي جنهن کي محنت ڪش عوام پنهنجي آس پاس وکريل مسئلن کي ، مشاهدن ۽ تجربن سان حاصل ڪندي آهي ، سوچ تمام گهڻن سوالن کي جنم ڏيندي آهي ۽ پوءَ اهي سوال جوابن جا متلاشي بڻجي ويندا آهن، تڏهن حڪمرانن جي ايوانن ۾ لرزش اچي ويندي آهي اهي تمام عياشيون،عيش و عشرتن کي بچائڻ ۽ سرمائيدارن جي منافعي جي حفاظت ڪرڻ خاطر محنت ڪش عوام جي سوچن مٿان جبر جو تالو هئڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن ،ڪڏهن خوف ته وري ڪڏهن لالچ جو هٿيار حڪمرانن ساڻ هوندو آهي پر جن فردن کي سوالن جا جواب ملي ويندا آهن اهي خوف ۽ لالچ جي سرحدن کان تمام اڳيان نڪري ويندا آهن، انهن جو شعور ڌرتيءَ مٿان ڦهليل سرمائيدارانا غلاظت جو حصو ٿيئين بجاءِ انقلابي فلسفي جي اڻهانگي سفر جو راهي بڻجي ويندو آهي ، تاريخ جي انهن قردارن مان حسن ناصر به هڪ ڪردار آهي جنهن کي 1960 ۾ ايوب خان جي دورِ حڪومت دوران ٽارچر سيلن جون سختيو ڏيئي شهيد ڪيو ويو جنهن جو ڏوهه اهيو هو ته هن جي شعور ڪجهه سوالن جا جواب ڳولهي ورتا هئا ۽ مارڪس جي فلاسافي کڻي محنت ڪش عوام کي هڪ اهڙي شعور طرف کڻي وڃي رهيو هو جنهن کي سوشلسٽ نظام چيو ويندو آهي،
    حسن ناصر جيڪو پاڪستان جي مزدورن ۽ هارين جي پارٽي جوڙڻ جي عمل ۾ هيو زندگيءَ جون تمام خواهشون ۽ خواب صرف انقلاب بڻجي چڪا هئا،چون ٿا ته جيڪي انسان پنهنجي فقر ۽ فلسفي تي پختگيءَ رکندا آهن اهي پهنجي اندر ۾ بهاڙن مثل بڻجي ويندا آهن جن کي هوائون يا طوفان لوڏي ناهن سگهندا .
    تاريخ جو سفر به عجب جي نشاني جيان ٿيندو آهي ،جيئن تاريخ جي جڙت قردارن سان ٿيندي آهي ائين شهرن سان پڻ ٿيندي آهي ،
    جڏهن آئون هن مضمون کي لکي رهيو آهيان ته منهنجي ذهين ۾ بار بار لاهور شهر جي متعلق ڪجهه خيال اچي رهيا آهن ،اهوئي شهر جنهن ۾ ڀڳت سنگ کي ڦاهي ڏئي شهيد ڪيو ويو ، هي اهوئي لاهور شهر آهي جنهن ۾ حسن ناصر کي تشدد وگهي شهيد ڪيو ويو هڪ اهو قردار جيڪو ورهاڱي کان پهرين هندستان ۾ سوشلسٽ انقلاب لاءِ جدوجهد دوران حڪمرانن هٿا شهيد ٿيو ٻيو حسن ناصر جنهن کي ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۾ سوشلسٽ انقلاب لاءِ جدو جهد دوران شهيد ڪيو ويو
    1968 جي انقلابي تحريڪ يا 1969 جي دوران محنت ڪش طبقي جي تمام جدو جهد تي اگر گهرائيءَ سان نظر وجهندا سين ته ان تحريڪ پٺيان سرڪشيءَ جي جذبي اندر اسانکي حسن ناصر جهڙن نوجوانن جون ئي قربانيون نظر اينديون .
    افسوس صرف ان ڳالهه جو آهي ته پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي ان انقلابي شعور کي محنت ڪش طبقي تائين رسائي نه ڏئي سگهي،
    کاٻي ڌر جو وڏو حصو اڄ اين، جي، اوز جي دلدل ۾ ڦاٿل نظر ٿو اچي رهيو آهي جيڪو اولهه جو سامراجي ۽ اصلاح پسند رجحانات ۽ ٻئين ادارن جي مالياتي طور مر هون منت ٿي انهن جي نظرياتي ۽ سياسي پرچار کي فروغ ڏيئڻ لاءِ انهن جا ملازم ٿي رهجي ويا آهن پنهنجي انهن انقلابي نظريات ۽ لائح عمل جي تنزليءَ لاءِ طرح طرح جا جواز ڏئي حقيقت ۾ اهي مارڪس ازم ۽ انقلابي سوشل ازم لاءِ رڪاوٽ ۽ ضد بڻجي ويا آهن
    50 سالن جي سفر کان پوءِ اڄ جيترو مارڪس ازم نوجوانن توڙي محنت ڪش مٿان اثر انداز ٿيو آهي پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن ايترو اثر انداز ناهي رهيو حالات ۽ واقعات انقلاب طرف وڃي رهيا آهن سامراجي لٽ مار جيترو هينئر ظاهر ٿي آهي پهرين ڪڏهن ناهي ٿي imf يا ورلڊ بينڪ جي قاتل شرطن اڄ انسانيت جو قتل عام ڪرڻ لا کلي سامهون اچي چڪيون آهن .
    ايترو شدت سان غربت ۽ آهو بڪا جون رڙيون بلند ٿي رهيون آهن ، جيترو وحشت سان اشرافيه جون عورتون مهنگيون خريداريون ڪندي ٿيون نظر اچن ،ايترو ئي ذلت سان محنت ڪش عوام مهنگائيءَ جي عذاب ۾ دٻجي قوت خريد کان محروم ٿي رهي آهي
    جيترا وڏا وڏا پلازه ٺهي رهيا آهن آوتروئي هيٺ غريبن جا ڪکاڻا گهر زمين دوش ٿي رهيا آهن حڪمرانن جي محلاتن ۾ ڳرن جنريٽز سان جيتري تيز روشني آهي ان کان ڪئي گنا زياده غريبن جا پاڙا لوڊ شيدنگ جي ڪري اونڌهائي ۾ ٻڏي رهيا آهن ،جيترا اعلى معيار عياش گاهن جي طرز تي حڪمرانن جي لاءِ پرائيوٽ ڪلينڪ ٺهي رهيون آهن اوتروئي تيزيءَ سان هي محنت ڪش عوام علاج کان محروم ٿي رهي آهي جيترا عاليشان تعيلمي ادارا بالادست طبقات جي اولادن لاءِ ٺهي رهيا آهن اوترو ئي وڌيڪ غريبن جا ٻار اسڪولن ۽ تعيلم کان محروم ٿي رهيا آهن .
    اهڙي معاشري کان بغاوت جو نالو حسن ناصر جي جدو جهد آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو