• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آل سعود جو فتنو

اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

راشد علي چانڊيو

سينيئر رڪن
اڄ جي دور ۾ جتي دنيا تمام گهڻي ترقي ڪري چڪي آهي اُن جي باوجود به اسان مسلمان هڪ ٻي سان وڙهڻ ۾ پورا آهيون . گذريل ڏهاڪي کان وٺي مسلمان ملڪن ۾ تمام گهڻي خون ريزي ٿي آهي، افغانستان هجي يا عراق شام هجي يا يمن هر جا تي مسلمان مرندا رهيا آهن.
جڏهن آمريڪا 11/ 9 کان پو افغانستان خلاف وڙهڻ لاِ تيار ٿيو ته پاڪستان نه صرف پنهنجي ملڪ جي فوج موڪلي بلکه پنهنجا فوجي اڏا نيٽو فوج جي حوالي ڪري ڇڏا
ان کان بعد ساڳيو ئي آمريڪا عراق ۾ صدام حڪومت جي خلاف ٿي ويو ۽ اُتي به مسلمانن کي قتل ڪرڻ لڳو.


تازو شام ۽ عراق جي وچ واري حصي تي داعش جي جهڙي تنظيم اسلام کي داغ دار ڪرڻ لا اُڀري آئي جنهن جي پويان سعودي عرب سميت آمريڪا ۽ يورپ جو پيسو هو.
انهن دولت اسلامي جي نالي تي ڪيترا گهر اُجاڙيا ؟ ڪيترن کي يتيم ڪيائوڻ ؟ زنا بالجبر جو حڪم ڏيندي جهاد النڪاح جي فتوا جاري ٿي وئي ان فتوا کان پو يورپ سميت اسلامي ملڪ پاڪستان مان ڪافي عورتون دائش جي نوجوانن جي لا موڪليون ويون.
اڄ به دائش عراق ۽ شام ۾ بي گناه مسلمانن کي قتل ڪري رهي آهي جڏهن ته اسلام ڪنهن به بي گناه ڪافر کي به قتل ڪرڻ جو حڪم ناهي ڏنو پر انهن نه صرف عيسائين بلڪه مسلمانن کي قتل ڪري جنت جي ٽڪيٽ حاصل ڪري رهيا آهن

دائش ۽ القائده ٻنهي ۾ ڪو فرق نه آهي انهن منجهان ڪافي پهريان القائده جا رڪن هئا، جيڪي يمن ۾ پنهنجون ڪاروايون ڪري رهيا هئا جڏهن کان هن دائش جو نالو تمام گهڻو مشهور ٿيو ته القائده سميت تحريڪ طالبان پاڪستان وارن به دائش جي سربراه ابوبڪر البغدادي جي بيعت ڪري ڏني . يعني جنهن به مسلمان ملڪ ۾ ويڙه ٿئي اُتي هڪ ئي سوچ جا ماڻهون اسلام جي نالي تي گمراه ٿيل نظر ايندا آهن.


هاڻي جڏهن يمن ۾ حوثين انقلاب جي خاطر قيام ڪيو ته سڀ کان وڌيڪ پنهنجي پاڻ کي مسلمان سڏرائيندڙ ملڪ سعوديه ميدان تي لهي آيو ۽ 10 ملڪن جي اتحاد سان يمن جي معصوم عوام تي ميزائلن جي برسات ڪري ڏني اٿس !! ڇا جن کي اسان خادمين حرمين شريفين چئي رهيا آهيون اُهي مسلمانن جي اهڙي خدمت ڪندا آهن ؟؟؟
ڇا ڪنهن هڪ بي گناه مسلمان کي قتل ڪرڻ پوري انسانيت کي قتل ڪرڻ جي برابر نه آهي ؟؟؟
آخر سعوديه يمن تي حملو ڇو ڪري ؟؟؟
سعوديه فلسطين جي معاملي تي ڇو خاموش آهي ؟ هڪ يهودي ملڪ اسان جي پهرين ڪعبه تي قبضو ڪيون ويٺو آهي ۽ سعوديه جهڙو ملڪ خاموش ويٺو آهي !!!!


هن وقت تائين سعوديه شام سان گڏ يمن جي به مخالفت ڪئي آهي
شام ۾ ان ڪري مخالفت ڪيائين جو بشارت الاسد جو شيعه حڪومت هلائي رهيو آهي جيڪو سعوديه کي ڪڏهن به برداشت نه ٿيندو . هاڻي جڏهن ايران جون 5 وڏن ملڪن سان ڳالهيون هلي رهيون آهن تڏهن به سعوديه ايران جي مخالفت ڪندي نظر اچي رهيو آهي ، آخر ڇو ؟؟ ان ڪري جو ايران جي اندر شيعه حڪومت آهي جيڪا سعوديه کي پسند نه آهي .

بحرين ۾ سعوديه ڪيترو ظلم ڪيو ؟؟؟ ڪيترا مسلمان شهيد ڪيائين ؟؟؟ آخر ڇو ؟؟ ڇا اُهي مسلمان نه هئا ؟؟ ها هئا پر شيعه مسلمان سني مسلمان نه هئا ، هاڻي به يمن تي فوجي ڪاروائي ڪئي ٿي وڃي ڇا جي ڪري ؟؟ ان ڪري جو اُتي حوثي قبيلي وارا شيعه آهن جيڪا ڳالهه سعوديه يا آل سعود کي برداشت نٿي ٿئي . بحرين ۾ به شيعه هئا جن پنهنجي حق لا روڊن تي نڪري آيا جتي 75 فيصد شيعه آبادي آهي پر پو به آل خليفه جي حڪومت قابض آهي هر عوام کي جمهوريت جي لا قدم کڻي سگهي ٿي ۽ هر قوم چاهندي آهي ته ان سان انصاف ٿئي پر پنهنجي ملڪ کان علاوه ڪا ٽين طاقت(سعوديه) مداخلت ڪري انهن کي پنهنجي حقن کان محروم ڪرٿي.

اهيو ساڳيو ئي ملڪ هن ڪڏهن به فلسطين جي عوام سان همدردي ناهي ڪئي شام تي حملي لا آمريڪا تي زور رکي رهيو هو پر اسرائيل جي خلاف زبان بند ڪري ويٺو آهي ڇو جو اُتي يهودي آهن شيعه نه آهن. اسان جا ڪافي دوست چوندا آهن جيڪڏهن ڪير سعودي کي وڃي چوي ته اسرائيل شيعه ٿي ويو آهي ته اُنهي وقت عرب ممالڪ سان گڏ مسلمان ملڪن کي گڏ ڪري اسرائيل خلاف ڪجه ڪرڻ تي راضي ٿي ويندو .


هاڻي جيڪا يمن ۾ ڪاروائي ڪئي پئي وڃي ڇا اُن جي اسلام اجازت ڏئي ٿو؟ ڇا ڪنهن معصوم ٻار کي قتل ڪرڻ ڪنهن مسلمان جو ڪم آهي ؟؟ ڇا جي ڪري ڪنهن قوم کي پوئتي رکيو ٿو وڃي ؟؟؟ ان ڪري ته هو شيعه آهن ؟؟؟ هي ساڳيو سعودي دائش کي تيار ڪري شام حڪومت خلاف وڙهائي پيو پر يمن ۾ وري حڪومت جو حامي ٿي ڪري معصوم عوام کي قتل ڪرڻ لا ٻين ملڪن کان مدد گهري رهيو آهي!!!
پاڪستان جيڪو سڄي عمر سعوديه کان پنندو ٿو اچي هاڻي سعوديه پاڪستان کي به مدد جي اپيل ڪئي آهي ۽ پاڪستان جي حڪومت ان جي اپيل کي قبول ڪيو آهي ته اسان فقط سعوديه جي سرحن جي حفاظت ڪنداسين !!! هي پاڪستاني سرڪار جو اپوذيشن ۽ ٻين تنظين کي ڪوڙي خاطري آهي سعوديه پاڪستان کي 3 کان 4 هزار فوجي گهريا آهن زميني جنگ لا .

آل سعود جو اصلي چهرو سڀني جي سامهون کهلي ويو آهي هي پنهنجي پاڻ کي خادمين حرمين شريفين چورائيندا آهن پر هميشه آمريڪا جي غلامي ڪندا ٿا اچن هاڻي به انهن کي آمريڪا جي حمايت حاصل اٿن جڏهن ته يمن جي طرفداري ڪرڻ وارا ڪمزور ملڪ آهن جهڙو ايران، عراق ، لبنان ۽ شام .
وڌيڪ پڙهندڙ پنهنجي ڳالهه ڪري سگهن ٿا .


 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ايران جنهن لڳ ڀڳ 60 هزار جينو سائيڊ ڪري سني مسلمان ڪهي ڇڏيا انقلاب ايران جي نالي ۽ ان آمريڪا جو پڪو دوست ٿي عراق ۾ خون ريزي ڪرائي ....تاريخ روئي رهي آ پٽڪو ڪري رهي آ .....ههڙي ظلم جبر تي جنهن ۾ ڪنهن به وات مان ٻڙڪ نه ڪڍي آ اڃا تائين ...شرم آ انسانيت جو راڳ الاپڻ وارن تي هيڏي مجرمانه خاموشي تي

ايران جي مداخلت وڌندي پئي وڃي عالم اسلام ۾ جنهن ۾ هن شام ،اردن لبيا مصر فلسطين ۽ هاڻي يمن ۾ به شورش پيو وڌائي ...هن ايران کي روڪيو نه ته سڀ ملعون ٿي ويندا .....عرب ملڪن ۾ هي ڪاهي پيو آ هن جا عظائم ڪنهن به غير مسلم ...يهود نصارا کان گهٽ نه آهن
 
ان سڀ ۾ اسان سنڌين کي ڌڪڻ نا انصافي آهي ..... مان سمجهان ٿو هتي سڀ فرقن جا دوست موجود آهن. تنهنڪري هي ليک متنازعه رهندا. ان ڪري هن ليک کي هتي ئي بند ڪجي ته بهتر آهي.
 
اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
Back
Top