ڪامريڊ حسن ناصر شهيد کي سرخ سلام  امرتا سومرو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ڪامريڊ حسن ناصر جو تعلق حيدرآباد (دکن انڊيا) سان هو. ڪامريڊ حسن ناصر جو والد رٽائرد هوم سيڪريٽري هو. نظام حيدرآباد (دکن انڊيا) جي خلاف تلنگانه ڪسان تحريڪ ۾ به ڪامريڊ ڀرپور حصو ورتو . ورهاڳي کانپوءِ ڪامريڊ حسن ناصر 1948ع ۾ پاڪستان آيو ۽ هتي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ۾ سرگرم ٿي ويو. ڪامريڊ حسن ناصر شهيد ضلعي تنظيمي ڪميٽي ڪراچي جو سيڪريٽري صوبائي تنظيمي ڪميٽي حيدرآباد جو رڪن ۽ علائقائي تنظيمي ڪمٽي جو رڪن هو.
    ڪامريڊ حسن ناصر شهيد هڪ انتهائي سلجهيل، ديانتدار ۽ قرباني جو جذبو رکندڙ نوجوان هو. ڪامريڊ حسن ناصر شهيد هڪ اهڙو ڪامريڊ هو جيڪو دوستن سان پئسي ڏوڪڙ کان وٺي لٽي، ڪپڙي ۽ کاڌي پيتي تائين پنهنجي هر شئي ونڊيندو هو، باوجود ان جي جو هن جو تعلق سکي ستابي گهراڻي سان هو. پر هو پاڪستان جي مزدور طبقي ۽ مظلوم قومن جي حقن لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار هوندو هو.
    ڪامريڊ حسن ناصر شهيد کي پنڊي سازش ڪيس ۾ 15 جولاءِ 1951ع ۾ گرفتار ڪيو ويو (واضح رهي ته ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مقبوليت کان خوف کائي حڪمرانن ان سازش جي آڙ ۾ جولاءِ 1954ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان تي بحيثيت سياسي پارٽي پابندي لڳائي ڇڏي.
    قيد مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڪامريڊ روپوش ٿي پارٽي ۾ ٻيهر سرگرم ٿي ويو. 1955ع ۾ ون يونٽ جي خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي. 1956ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان الاٽي ڪسان تحريڪ شروع ڪئي جنهن کي عوام بي حد موٽ ڏني. ڪامريڊ حسن ناصر شهيد هارين کي منظم ڪرڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي.
    1958ع ۾ جڏهن فوجي آمر ايوب خان اقتدار تي راتاهو هنيو ته ان جي خلاف پارٽي جدوجهد کي منظم ڪيو ۽ آخرڪار ان جدوجهد جي جواب ۾1960ع ۾ ڪامريڊ حسن ناصر کي روپوشي جي حالت ۾ گرفتار ڪري لاهور شاهي قلعي ۾ آندو ويو جتي ڪامريڊ کي 1960ع ۾ تشدد ڪري شهيد ڪري ڇڏيائون جڏهن ته ڪامريڊ جي عمر صرف 33 سال هئي. ڪامريڊ حسن ناصر شهيد ۽ ڪامريڊ نذير عباسي شهيد جي قربانين اسان ڪميونسٽن ۾ هميشه هڪ نئون جوش، جذبو ۽ اتساه ڏنو آهي ۽ اسان جي ان يقين کي اڃان به مضبوط ڪيو آهي ته هڪ غير طبقاتي ۽ ڦرلٽ کان آزاد معاشري جو خواب هڪ ضرور ساڀيان ٿيندو . فتح آخرڪار عوام جي ئي ٿيندي. 1956ع ۾ پارٽي پاران ڪيل ڪسان الاٽي تحريڪ اڄ هاري حقدار جي شڪل اخيتار ڪري چڪي آهي ۽ پارٽي شهيد شاهه عنايت جي ”جو کيڙي سو کائي“ جي جدوجهد جي تسلسل کي برقرار رکندي اڄ ”زمين به هاري جي ۽ پيداوار به هاري جي زمين تان نجي ملڪيت جو خاتمو ڪري جاگيرداري کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏيراڻڻ لاءِ عوام جي جدوجهد کي پنهنجي نوجوان ۽ کاهوڙي ڪامريڊ خادم ٿهيم جي قيادت ۾منظم ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان 8 نومبر تي جيڪب آباد ۾ هاري حقدار ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو ان ڪانفرنس لاءِ جيڪو وال پوسٽر جاري ڪيو ويو ان ۾ هاري کي پنهنجي ڏاٽي سان غلامي جي زنجير تي وار ڪندي ڏيکاريو ويو آهي ڇاڪاڻ ته ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان اهو سمجهي ٿي ته هاري ۽ مزدور جو اتحاد ئي ملڪ مان جاگيرداري ۽ سرمائيداري جي پاڙ پٽي سگهي ٿو .
    1956ع ۾ پارٽي پاران ڪيل ڪسان الاٽي تحريڪ جيان اڄ هاري حقدار کي به عوام پاران وڏي موٽ ملي رهي آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان جو عوام اهو سمجهي ٿو ته هن عظيم ڪميونسٽ رهنما ڪامريڊ حسن ناصر شهيد جي جدوجهد کي سرخ سلام پيش ڪرڻ ۽ ان جي خون جو بدلو وٺڻ جو اهو ئي رستو آهي ته ان جي پارٽي جي جدوجهد ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو وڃي.
    شاعري جي زبان ۾ پرويل خيال مزاحمتي شاعر حبيب جالب ۽عظيم ڪميونسٽ رهنما ڪامريڊ حسن ناصر جي شهادت کي ڀيٽا ڏيندي چيا هئا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو