محبت هڪ احساس آئون هميشه ايئن ئي چوندو آهيان ته جنهن دل ۾ پيار ناهي اهو انسان ئي ناهي، محبت هڪ اهڙو احساس آهي جيڪو تڏهن پيدا تٿئي ٿو جڏهن ڪوئي خوبصورت ماڻهو دل تي حڪمراني ڪرن لڳندو آهي. محبت فقت هڪ احساس آهي جنهن کي صرف محسوس ڪيو ويندو آهي. محبت ڪنهن شخص لاءِ تڏهن پيدا ٿئي ٿي جڏهن ڪنهن شخص جي ڪا خاصيت ان جي دل ۽ دماغ تي اثرانداز ٿيو پوي. مثال طور انسان ۾ مختلف خوبيون موجود آهن. ڪنهن شخص جون ڪنهن ٻئي شخص کي ان جون خوبيون پسند ا چي وڃن ٿيون ۽ ان جي بنياد تي محبت جي شورعات ٿئي ٿي. انسان ۾ ته ڪئي خوبيون الله سائين جي ڪرم سان موجود آهن. خوبصورتي قدرت طرفان مليل هڪ تحفو آهي. ڪنهن شخص کي ڪنهنجو حسن وڻي ٿو ته هو ان سان محبت ڪرڻ لڳي ٿو. اهڙي ريت آواز ۽ انداز به هڪ قدرتي ڏات آهي پوءِ رب سائين جنه تي مهربان ٿئي ان کي ان سان نوازي ٿو. آواز ۽ انداز اهي طاقتون آهن جيڪي سڌي طرح دل تي حملو ڪنديون آهن ته نتيجي ۾ انسان ان سا ن محبت ڪري ٿو. ڪنهن کي وري ڪنهنجو ڪردار موهي وجهندو آهي ۽ مجبورن اهڙي انسان کي به دل ڏيڻي ئي پوندي آهي. محبت ۾ گهڻو ڪردار اکيون ادا ڪنديون آهن. بقول حليم باغي جي نه مٽجي سگهيون سي ته دل جي پٽي تان، ڪنهن شرميلي وينگس جون چڪندڙنهارون، نه ڀلجي سگهيس هن جي گونگي ڪلپنا نه وسري سگهيس هن جي اک جون الارون. محبت پنهنجي وس ۾ ناهي هوندي ڇو ته مٿين بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته محبت ڪئي ناهي ويندي پر محبت ٿي ويندي آهي. محبت کي ٻن اسٽيجز ۾ ورهايو ويو آهي. محبت جي ابتدا کيعشق مجازي چيو وڃي ٿو ۽ انتها کي عشق حقيقي. جنهن سان انسان جي محبت ٿي وڃي ٿي ان جي اندر ۾ پنهنجي محبوب کي ڏسڻ جي هۡ تڙپ پيدا ٿيندي آهي. هڪ اهڙي تڙپ جيڪا نه چاهيندي به رڪجي ناهي سگهندي ۽ ان جي نتيجي ۾ انسان هر وقت بيقرار رهندو آهي. محبوب جي تڙپ نه ان کي سمهڻ ڏيندي ۽ نه وري گهمڻ ڦرڻ ۽ نه ئي کائڻ پيئڻ. ان تڙپ ۾ انسان هن وقت پريشان رهي ٿو بس هن جي اهائي خواهش هوندي آهي ته محبوب منهنجي سامهون ويٺو هجي ۽ آءُ ان کي ڏسندو رهان. ان جي باوجود چاهي هو ڪيتريون به خوبصورت شيون ڏسي پر ان کي اهو مزو نه ايندو جيڪو محبوب جو ديدار ۾ هوندو. ڀٽائي چيو آهي ته اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا، ڳلن تان ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن، سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي. محبت فقط هڪ دفعو ئي ٿيندي آهي بار بار ناهي ٿيندي. محبت ٿيڻ کان پوءِ انسان فقط پنهنجي محبوب جي ذڪر ۾ محو ٿي وڃي ٿو، عشق ڪندڙ دنيا کان ڪٽجي وڃي ٿو. هو فقط محبوب جي خيالن ۾ ٻڏل نظر اچي ٿو. راشد شر
محبت زندگي آهي ... محبت جيئڻ جو احساس ڏياري ٿي. محبت ماء به آهي ته ڌيء به .... محبت پيء به آهي ته پٽ به ، محبت زال به آهي ته ڌرتي سان عشق به ...... ها بس محبت زندگي آهي
اوهان ناهيو ته پنهنجي دل، بهارن سان ٿا وندرايون اسان ڏي جي اوهان ايندؤ، بهارن کي نه ڏسندا سين اڪيلا ئي اڪيلا موج سان، پوندا سين الجهي اڄ سهارن کي نه ڏسندا سين، ڪنارن کي نه ڏسندا سين اسان سونهان زماني جا، اسان جو ماڳ سان مطلب ڏکين واٽن، ورن وڪڙن ۽ چارن کي نه ڏسندا سين