• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سحاق ساند ڏٺي ســــُون ڏٺي، انتهائـــــــــــــــي ڏٺي،

اسحاق ساند

ڏٺي ســــُون ڏٺي، انتهائـــــــــــــــي ڏٺي،
تنهنجي نيڻن جي جـــــر ۾، خدائــي ڏٺي!

تڙيون ويون کِلوُن، ديس پنهنجي منجهان،
پاڻ ڀاڪر کان اڳ ئي، جدائـــــــــــي ڏٺي!

ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي، هُـــن هو روئــــــي ڏنو،
پيار پنهنجي جي، مون اڄ ڪمائـــي ڏٺي!

تون اکين کان پـري، مان نظر ڪيئـن کڻان؟
هِن هينئين اڳ ڪٿي، هيکلائـــــــي ڏٺي!

تنهنجا تحفا، چميون، سڀ سنڀالـي رکيم،
پاڻ ننڍڙي اها، بادشاهــــــــــــــــــي ڏٺي!
 
Back
Top