• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بدنام زمانا جنرل حميد گل چوي ٿو ته شهيد ڀٽي سنڌ ۾ اردوءَ جي بدران سنڌي ٻوليءَ کي لاڳو ڪري ظلم ڪيو

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
بدنام زمانا ريٽائرڊ جنرل حميد گل چوي ٿو ته وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي سنڌ ۾ قومي ٻولي (اردوءَ) بدران سنڌي ٻوليءَ کي لاڳو ڪري سنڌين سان وڏو ظلم ڪيو آهي ـ هو راولپنڊي آرٽ ڪائونسل ۾ خطاب ڪري رهيو هو ـ
اهڙي ريت جنرل (ر) حميد گل انهن ڪيترن سنڌي قومپرستن جي منهن تي دانگي ڦيري ڇڏي آهي جيڪي شهيد ڀٽي جي دشمنيءَ ۾ اها ڪوڙي پروپئگنڊا ڪندا رهيا آهن ته 1972 واري ايڪٽ ۾ سنڌ کي ٻه لساني صوبو (اردو ـ سنڌي) قرار ڏنو ويو هو ـ جڏهن ته سچائي اها آهي ته سال 1972 واري ٻولي ايڪٽ هيٺ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي قرار ڏنو ويو هو جنهن تي بدنام اڳوڻي جنرل حميد گل کي مرچون لڳيون آهن ـ
وڏيڪ خبر لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪريوhttp://www.thenewstribe.com/2015/03...ain-cause-of-injustice-in-society-hameed-gul/
 
ڀُٽي جو اهو فيصلو تاريخي ۽ بهادرانه هو .... پر افسوس جو اهو سياسي حالتن جي ور چڙهي ويو ۽ ٻولي فساد ڪرايا ويا. ان فيصلي تي اڄ تائين عمل ڪونه ٿيو آهي. ڏسون ته ان فيصلي تي عمل ڪهڙي پارٽي ۽ ڪڏهن ڪرائيندي
 
ڀُٽي جو اهو فيصلو تاريخي ۽ بهادرانه هو .... پر افسوس جو اهو سياسي حالتن جي ور چڙهي ويو ۽ ٻولي فساد ڪرايا ويا. ان فيصلي تي اڄ تائين عمل ڪونه ٿيو آهي. ڏسون ته ان فيصلي تي عمل ڪهڙي پارٽي ۽ ڪڏهن ڪرائيندي
ٻٻرن کان ٻير گُهرڻ، جي برابر آهي
 
Back
Top