1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

سنڌ جون سريويچياڻيون پنڌ ۾

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,849
    ورتل پسنديدگيون:
    2,485
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    نومبر 2009ع جو ڏينهن منهنجي زندگي جو نرالو ۽ يادگار ڏينهن هو جڏهن آئون صبح جو سويري سنڌ جي اقتدار اعليٰ، پاڻي، زمينون، شهر، وسيلا ۽ ٻولي بچائڻ لاءِ ننڍي کنڊ جي طويل لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ هٽڙي پهتو هئس.
    لانگ مارچ جڏهن هٽڙي کان حيدرآباد ڏانهن روانو ٿيو تڏهن قافلي ۾ شريڪ ٻارن، نوجوانن، پوڙهن مردن ۽ عورتن ۾ مون جيڪا پنهنجي ڌرتي وطن، درياهه، وسيلن ۽ قومي وجود کي بچائڻ لاءِ جيڪي شعور ڏٺو تڏهن مون کي سنڌي قوم جي حقيقي آزادي جي منزل ويجهو ڏسڻ ۾ آئي.
    مردن سان گڏ سنڌياڻيون جيڪي مارچ ۾ هيون هو ڄڻ للڪاري رهيون هيون انهن جي اکين ۾ آزادي جو سپنو هو، هو ميدان عمل ۾ هيون هو ائين هلي رهيون هيون جيئن آزادي جا سپاهي فتح کان پوءِ پنهنجي ڌرتي تي مارچ ڪندا آهن.
    پر مون جي اکين ۾ ان وقت لڙڪ تري آيا جڏهن هڪ کير پيئائيندڙ عورت جو معصوم ٻار روئي رهيو هو. اها بهادر عورت پنهنجي ٻار کي چپ ڪرائڻ بدران گجگوڙ نعرن جا جواب ڏيڻ ۾ مصروف هئي، ان وقت موت جي ذهن ۾ ويٽنامي عورتن جون پنهنجي ديس جي آزادي لاءِ ڏنل قربانيون ياد آيون ۽ شيخ اياز جي اها وائي ياد آئي.
    جيڪا هن سنڌياڻي تحريڪ کان متاثر ٿي لکي هئي.
    پڙ ۾ آهه پچار، نه گهر گهگهيريون آئيون،
    وڃن پيون واٽ تي، ٻانهن جهلي ٻار،
    گهر گهگهيريون آئيون
    کير پياڪ ٻار روئي رهيو هو شايد کيس کير جي ضرورت هئي پر امڙ جيڪا ڪنڌڪوٽ کان 600 ڪلو ميٽر جو پيادل مارچ ڪري آئي هئي تنهن جي ڇاتي ۾ ڇا کير هوندو.
    اها سورمي پنهنجي ٻار جي روئڻ جو فڪر انهي ڪري نه ڪري رهي هئي جو اها امڙ پوري سنڌ جي ٻارن جي آزادي واري جدوجهد ۾ مصروف هئي ۽ هن کي پوري سنڌ جي ٻارن جي آزادي جو فڪر هو. سنڌ جون عورتون پنهنجي مٿي تان گنديون لاهينديون ڪو نه آهن ڇو ته هو پنهنجي گندي تي فخر ۽ ناز ڪنديون آهن پر لانگ مارچ ۾ ڪيترن ئي امڙين جي مٿي مان مون گنديون پنهنجي ڌرتي جي بقا لاءِ لٿل ڏٺيون هيون.
    هنن کي ٽائيم ئي ڪو نه جو هو مٿي تي گنديون رکن هو اڳيان وڌڻ واريون سرويچياڻيون هيون. هنن کي پنهنجا شهر فتح ڪرڻا هئا. لانگ مارچ ۾ مون هڪ بهادر دلير عورت ڏٺي جنهن کي بلوچي لباس پاتل هو شايد ڪنڌڪوٽ واري علائقي جي هئي، هٿ مٿي کڻي جيئي سنڌ جي نعرن جو جواب ڏيئي رهي هئي.
    سندس جذباتي انداز ۾ نعرا هڻڻ ۽ جواب ڏيڻ کي مون جڏهن غور سان ڏٺو تڏهن مون کي اتر سنڌ جي عورت جي غلامي واري زندگي جو خاتمو ڏسڻ ۾ آيو.
    سنڌياڻي تحريڪ جون سرويچياڻيون جڏهن ڳاڙها جهنڊا اڀا ڪري گجگوڙ نعرا هڻندي هوشو جي شهر حيدرآباد پهتيون تڏهن سندن نعرا للڪاريون بڻجي دشمنن جون دليون ڌڌڪائي رهيا هئا.
    تڏهن مون کي شيخ اياز جا اهي لفظ ياد آيا جيڪي هن 10 جولائي 1987ع تي شاهپور چاڪر ۾ ٿيل سنڌياڻي تحريڪ جي ڪنويشن لاءِ موڪليا هئا.
    ” مون اوهان کي پنهنجي شاعري جو حصو بڻائي ڇڏيو هو اوهان منهنجي خواب جي عظيم ترين تعبير آهيو منهنجي ان مستقبل جي تصور جي بهترين تصوير آهيو جي اڳتي هلي اسان جي نجات ثابت ٿيندو“
    مطلب ته هر سنڌياڻي پوءِ اها جوان نينگري هجي يا کير پياريندڙ امڙ اڌوهيءَ واري هجي يا پوڙهي جيجي هر هڪ امڙ انهيءَ ڏينهن ڌرتي جي آزادي واري جدوجهد ۾ مصروف هئي.
    هنن امڙين کي وطن جي سڪ ۽ تڙپ واري انداز ۾ ڏسڻ کان پوءِ مون کي سنڌ امڙ جي آزادي جو سج ويجهو ڏسڻ ۾ آيو.

    سليم جمالي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو