• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

(سنڌين جي پوئتي رهڻ جو اصل راز) -----سائين امر فياض جي ٿورن سان

ڀارتي فلم چميلي پئي ياد اچي. جڏهن چميلي نالي وئيشيا (ڪرينه ڪپور)، شديد بارش ۾ ڦاٿل فلم جي مک ڪردار امن ڪپور (راهول بوس) جي ٿڌي رويي ۽ سنجيده طبيعت کي ڏسندي پڇيس: ”پنجابي آهين؟“ ته هن چيس: ”ها، پر تون ڪيئن سڃاتو؟“ تنهن تي ڇوڪريءَ چيس: ”ائين ئي، لڳين جو پنجابين جهڙو ٿو.“
مونکي ڪنهن به قسم جي حيرت نه ٿي، ڇوته مجموعي طور تي ڀارت ۾ پنجابي پنهنجي مهارتن ۾ ڀڙ ۽ بڇڙاين کان پرتي رهندا آهن ۽ جيڪڏهن اوهان پاڪستان ۾ به ڏسندا ته ساڳي روش هتي جي پنجابين ۾ به آهي. هتي مان بغير وڌاءَ جي ڳالهيان پيو ته سڀ پنجابي خران ناهن، بس هڪ مخصوص طبقو آهي جيڪو وڏا وڏا ڦول وردين تي هڻي، پوري ملڪ جي ماڻهن کي نڪ ۾ دم ڪري رکيو اٿائين. بهرحال مان عام پنجابين جي ڳالهه پيو ڪريان ته اهي هارپي کان ويندي، ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ غضب جا ماهر آهن. جيڪا شيءِ اسان به بلڪل نه هجڻ جي برابر آهي.
انگريزي ٻوليءَ ۾ بزنس مينيجمينٽ ۾ هڪ لفظ ايندو آهي انٽرپنيورشپ (Entrepreneurship) جنهن کي مان تُز سنڌي معني ڏيان به ته مونکي خدا نه ڀلائي ان کي ”نجي ڪاروباريت“ چئي سگھجي ٿو، جنهن ۾ رٿابنديءَ کان ويندي مارڪيٽ تائين بهتر پهچ، خريداري، ڏيٺ وائٺ وغيره جو ڪُل ڪار وهنوار ڪاروبار ڪندڙ جي هٿ هوندو آهي، ائين کڻي چئجي ته هو پنهنجي ڪاروبار ۾ پاڻ بادشاه هوندو آهي، ته ان ڪاروباريت ۾ مڙيوئي نظر اٿي ٿي ته اسان سنڌي صفا پوئتي آهيون.
اسان جي لوڪ دانش ۾ اهي پهاڪا ته ”ليکو آ چوکو، چوکو آ پريت“ يا وري ”ٻه ڀائر، ٽيون آهي ليکو“ مڙيوئي وڃي چوڻ جون ڳالهيون وڃي رهيون آهن. هروڀرو جو اصطلاح ”زبان جو پڪو“ اڄ ڪلهه جي ڪارپوريٽ دنيا ۾ بيڪار ترين جملو آهي جنهن ۾ غير يقيني صورتحال موجود آهي، ۽ مزي جي ڳالهه ته اها غير يقيني صورتحال ئي اسان کي نهوڙي وڌو آهي.
پر ٻئي پاسي جيڪڏهن اوهان ڏسندا ته پنجاب ان سلسلي ۾ غضب جو ڪاروباري ذهن ملندو آهي. انهن وٽ ڪاروبار ڪرڻ جي نفسيات پڪي ۽ پختي ٿئي ٿي. هنن ڪاروبار ۾ روايتي غيرتن جا تصور پرتي ڪري ٻنهي جنسن (مرد ۽ عورت) کي شامل ڪري سچ ته عملي طور تي جيترو به ممڪن ٿي سگھيو آهي عورتن کي پنهنجي ڪلهي بيهاريو آهي. مان هتي ڪجھ مثال ئي ڏيان ته اوهان سمجھي ويندا ته ڪاروباريت وارو ذهن اسان ۽ هنن وٽ ڪهڙي درجي تي ملي ٿو.
1. اوهان ڪراچيءَ کان لاهور ڊائيوو بس تي سفر ڪريو. اوهان ڏسندا ته حيدرآباد، مورو، سکر ۽ ميرپور ماٿيلو وٽ انهن جي طئي ڪيل اڏن تي اوهان کي ڪهڙي سورس ملي ٿي؟ هوٽل جي مالڪن جي آڪڙ، اجائي ڦوشربازي ۾ جام پر سروس کان صفا آنڱوٺو.... پر جيئن ئي اوهان رحيم يار خان اڏي تي بيهندا ته خبر پوندي جهڙوڪ اوهان ڪنهن يورپي موٽل تي پهتا آهيو... زبردست قسم جو هوٽل جنهن ۾ صفائي سٿرائي، ايئرڪنڊيشنڊ ماحول ۽ حفظان صحت جو خيال رکندڙ ٿانو وغيره ملندا، سورس تي مقرر اوهان کي هوٽل ۾ سهڻيون سيبتيون ڇوڪريون ”جي سر، ييس سر“ ڪندي پيو آڏو ڦرنديون.... گراهڪ کي ڪجھ نه به وٺڻو هوندو پر ماحول ۽ سروس ڏسي ڪجھ نه ڪجھ خريد ڪرڻو ئي پوندو.
2. اسان جي وري انٽر سٽي سروس، (صرف نالي ۾ ايئرڪنڊيشنڊ) ويگنن يا ڪوچن ۾ سکر کان ڪراچي يا ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻي وڃي ڏسو، طئي ڪيل اسٽاپن تي هوٽلن جو معيار ڏسو... پر ان کان وڌيڪ سروس تي ٿوري نظر ته وجھو.... تازو، مان خيرپور کان حيدرآباد ”اي ڪي سي“ ويگن ۾ اچي رهيو هئس، ته اها مقرر اسٽاپ يعني نيو سعيد آباد جي هڪ هوٽل تي بيٺي... اتي مان چانهن پيتي، جڏهن پئسا مينيجر کي ڏيڻ ويم ته کيسي مان کليل پئسا نه هجڻ جي ڪري کيس پنج سئو رپين جو نوٽ ڏنم. ته همراه تُنديءَ ۾ چيو ته ”کليا پئسا ڏيو.“ مان کيس ٻٽون ڏيکاريندي چيم ته بابا کليل هجن ها ته مان پاڻمرادو اهي اوهان کي ڏيان ها...“ تنهن تي مينيجر صاحب تپي ويو ۽ چئي ته: ”پيتي ته ڇڙي چانهن اٿوَ، ان تي پنج سئو رپيا ٿا کلايو....!“ مان ڪڇان ته ڇا ڪڇان... خير کيس فضيلت سان اوقات ڏيکاري، (ڇڙٻيندي) جڏهن دٻ پٽي تڏهن ڪرڪر بند ڪيائين.
3. اوهان ڪاڇي کان ڪشمور، يا ڪراچي کان رحيم يار خان تائين ڪار ۾ وڃي ڏسو... اتفاق سان جيڪڏهن گاڏيءَ ۾ ڪو نقص ٿي پوي ته مستري ڳولهيو! اوهان ڇا ٿا سمجھو ته اوهان کي مستري هتان جا ملندا؟ نه... (ڪو اڪو دڪو ملندو به ته ڪم جڳاڙ ۾ ڪڍڻ جو ماهر) اوهان سڀ مستري پنجابي ڏسندا.... ڇو؟ اهو انڪري ته اهي ماهر آهن.. اوهان مارڪيٽ ۾ ڏسو، هڪ پاسي بوٽ پالش ڪرڻ وارو پٺاڻ ويٺو هجي ۽ ٻئي پاسي اسان جو ڪو سنڌي ويٺو هجي ته گراهڪن جي رش ڏسجو... اوهان ڏسندا ته پٺاڻ وٽ جام بوٽ پيا هوندا پر اسان جو سنڌي سٻاجھڙو پيو مکيون ماريندو..... سبب؟ ته پٺاڻ بهترين ڪم ڪن ٿا....
4. روڊ سائيڊ تي ڏسو، زمينون سنڌين جون، هوٽلن جا ٺهرائيندڙ سنڌي پر اهي سڀ جو سڀ هوٽلون اوهان کي لائلپوري، ايبٽ آبادي ۽ مروتي پنجابي ۽ پٺاڻن هلائيندڙ ملندا... اسان جا سنڌي انهن کي هوٽل ٺيڪي تي ڏئي ڪجھ هزارن ۾ مڇون مروڙيندي خوشيءَ ۾ پوزبازيون ڪندا.. ڇو؟ ڇوته کين هوٽل مينيجمينٽ بلڪل نه ٿي اچي.
ته ڇا انهن سڀني ڪمين ڪوتاهين کي اسان نام نهاد غلاميءَ جو سبب ڄاڻائي ماٺ ڪري وڃئون؟ آهي ڪا هتي اهڙي آرگنائيزيشن يا ادارا جيڪي اسڪل ڊولپمينٽ تي سچ ۾ ڪم ڪري سنڌي ماڻهن کي ڪاروباري دنيا سان روشناس ڪرائين؟ آهي ڪنهن سنڌي ماڻهوءَ ۾ اهڙو لڇڻ جيڪو هتي پاڻ سان گڏ ٻين کي اڳتي ڪرڻ ۾ فرينچائيزڊ ڌنڌن ۾ شامل ڪري؟
باقي منهنجا ساٿيو.... هروڀرو لٻاڙ بازي ڪنداسين ته اسان ۽ انهن لوسي تهذيبي نرگسيت جي شڪار ماڻهن ۾ ڪوبه فرق ناهي.... ان تي ڪا رٿا بندي ڪرايو دوستو.... پڙهايو سڀني کي لطيف جا سر سامونڊي، سري راڳ وغيره جيڪي ڪاروباريت سان ڀريا پيا آهن...
 
پادر سان تبديلي ناهي ايندي اُها بادشاهت ٿيندي اسان اهڙي جا اهڙا رهنداسين تبديلي لا تعليم جي ضرورت آهي جنهن جو ذڪر يونس ملڪاڻي صاحب ڪيو آهي
 
1. موالي ڪلچر ۽ جهالت
2. پيري مُريدي ۽ غُلامي.
3. اڻ سهپ ، هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ، رشڪ کان پري پر حسد ۽ ساڙ ۾ (صرف پنهنجي سنڌين سان)سڀ کان اڳ.
4. ڀير تي ڏونڪو، ڪم چوري، سستي ڪاهلي، مفت مال ملڻ جا شوقين.
5. ڪچهرين ۾ فضول ٽهڪ، زور سان ڳالهائي پاڻ پڏائڻ
6. گهر ۾ ڪک نه پوءِ به ڪلف جا ڪپڙا، ٽي ٽي موبائل ۽ اڇن وڳن تي ڪاري واسڪوٽي پاءِ پاڻ کي منسٽر سمجهڻ.
7. ٻتاڪن جا ماهر ۽ ڦني خان، ڊڄڻا حد کان وڌ. ڪو ڌاريون اچي هر ۾ قبضو ڪري ويهي ته ڊپ ۾ ۽ مهمان نوازي نالي خاموش رهڻ، (رُڳو پنهنجي عورتن تي هٿ کڻڻ يا پنهنجا غريب مارڻ )جيڪا نه ملي سگهي ان کي ڪارو ڪاري بهاني مارائڻ ۽ مفت ۾ (ونگار) ڪم ڪرائڻ پر پنهنجي پر ڌارين جي غلامي ۽ ڊپ ۽ پير چٽڻ ۾ ماهر.
8. پنهنجي لاجواب قيادت جي نفي ۽ ڌارئين بدترين کي به اُتم سمجهڻ.
9. رُڳو عشقيه شاعري، ادب ، تعليم کان پري، جهالت پسند، اکين ۾ ڪجل، سُلفيءَ سُٽو ۽ ڀنگ جوپيالو
10. واڻيا، ميمڻ ۽ شيخ ڦرڻ يا ڳوٺن مان لڏائڻ يا سنڌ ڇڏائڻ، ڊاڪا، چوريون، ڦُرون
۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه!
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سنڌين ۾ وڏيرڪي سوچ الائي ڇو ڀريل آهي. سدائين اها ڪوشش ته منهنجي جاءِ آرڊر وٺڻ نه پر ڏيڻ واري هُجي. اوهان جيڪي مثال ڏنا سي سؤ سيڪڙو صحيح آهن. تازو پنجاب وڃي مون پاڻ به اهو ئي محسوس ڪيو.
 
ادا سائين اسان جي ملڪ ڪڏھن تعليم عام ٿيندي ؟ڪڏھن غنڊا گردي ختم ٿيندي؟ ڪڏھن رشوت بند ٿيندي ؟ڪڏھن غريب ۽ مسڪين کي پنهنجا حق ملندا ؟ ڪڏھن امن ٿيندو ؟ مونکي ته ڪونه ٿو لڳي ته ڪا ترقي ٿيندي! ڪجھ ته پڙھيل لکيل دوستو آواز اُٿاريو لڳي ٿو ته سڀ دوست مجبور ۽ بيوس آھن.
 
سائين اوهان صحي آهيو پر اوهان کي مان اهيو ٻڌائيندو هلان ته اسان سنڌي غير ضروري ٽريڪ تي هلي رهيا آهيون جنهن جي هن وقت ڪابه ضرورت نه آهي فل وقت اسان جا جيڪي مسئلا آهن اهي تعليم کي بهتر ڪرڻ سان ته حل ٿيندا پر تعليم خد هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن کي حل ڪرن لاءِ اسان کي ايوانن جي طرف منهن ڪرڻو پوندو. اسان جي چونڊيل نمائندن کي هڪ چڪر ضور رکڻ سان اسان جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. هي ڪم ڪرڻ تمام سولو آهي جيڪو اسان سنڌي ڪندا سي نه بلڪي ان جي جاءِ تي 5 هزار سال پراڻي تاريخ جا سيمينارز ۾ ليڪچر جهاڙينداسي جيڪو هن وقت اسان لاءِ صحي نه آهي صلاح سمهنجو يا ڪا اپيل پر اسان کي چونڊيل نمائيندن کي ياد ڄارائڻو پوندو ته هو اسان جي لاءِ ۽ اسان جي بدولت ايوانن ۾ ويٺا آهن سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
UOTE="سعيد عباس ٻرڙو, post: 191219, member: 6009"]سائين اوهان صحي آهيو پر اوهان کي مان اهيو ٻڌائيندو هلان ته اسان سنڌي غير ضروري ٽريڪ تي هلي رهيا آهيون جنهن جي هن وقت ڪابه ضرورت نه آهي فل وقت اسان جا جيڪي مسئلا آهن اهي تعليم کي بهتر ڪرڻ سان ته حل ٿيندا پر تعليم خد هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن کي حل ڪرن لاءِ اسان کي ايوانن جي طرف منهن ڪرڻو پوندو. اسان جي چونڊيل نمائندن کي هڪ چڪر ضور رکڻ سان اسان جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. هي ڪم ڪرڻ تمام سولو آهي جيڪو اسان سنڌي ڪندا سي نه بلڪي ان جي جاءِ تي 5 هزار سال پراڻي تاريخ جا سيمينارز ۾ ليڪچر جهاڙينداسي جيڪو هن وقت اسان لاءِ صحي نه آهي صلاح سمهنجو يا ڪا اپيل پر اسان کي چونڊيل نمائيندن کي ياد ڄارائڻو پوندو ته هو اسان جي لاءِ ۽ اسان جي بدولت ايوانن ۾ ويٺا آهن سنڌ سلامت ساٿ سلامت[/QUOTE]
ادا توهان جي صلاح بلڪل صحيح آهي ۔ پر سنڌين جو ٻيڙو گرڪ ڪرڻ م اسان جا چونڊيل نمائندن وڏو هٿ آهي۔ جيڪا رقم تعليم،صحت ۽ ٻين ترقياتي ڪمن لا۽ ملندي آهي انهن رقمن کي هي خود واڳو هڙپ ڪري ويندا آهن ۔
 
سائين...... امر فياض جون ڪيتريون ڳالهيون درست آهن ـ منهنجو ڪالم سنڌ ايڪسپريس ۾ خميس 14 سيمٽمبر 2017 تي شايع ٿيو آهي جنهن جو عنوان آهي: اچو ته سماج کي بدلايون، جنهن ۾ پڻ ساڳيون تڪليفون بيان ڪيون اٿم ۽ انهن جو نبيرو به ٻڌايو اٿم ـ
 
تعليم سان گڏ عمل جو ميدان م اچڻ گھرجي. اڌارا ۽ اڳواڻ با ڪردار مثالي ھجڻ کپي.
تعليم عام ڪجي ۽ موالي ڪلچر ۽ جهالت ختم ڪجي
 
آخري ترميم:
Back
Top