موٽِي مانڊاڻِ جِي، واري ڪَيائِين وارَ؛ وِڄُون وَسَڻ آئِيُون، چَؤڏِس ۽ چَوڌارِ، ڪي اُٿِي ويئِيُون اِسِتَنبولَ ڏي، ڪي مَڻِـيُون مَغرَبَ پارَ؛ ڪي چِمِڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَهَنِ سَمَرِقَندِيُنِ سارَ؛ ڪي رَمِي ويئِيُون رومَ تي، ڪي ڪابُلَ، ڪي قَنڌارَ؛ ڪي دَھلِيءَ، ڪي دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرِنارَ؛ ڪَنھِين جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏنا بيڪانِير بَڪارَ؛ ڪَنھِين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنھِين ڍَٽَ مَٿي ڍارَ؛ ڪَنھِين اَچي اَمرَ ڪوٽَ تان، وَسايا وَلھارَ؛ سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ؛ دوسَ! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين. سُر سارنگ بيت ڇهون
اصل بيت: سائينم سدائين ڪرين مٿي سِنڌ سُڪار، دوست مٺا دلدار ، عالم سڀ آباد ڪرين. ڏکين لفظن جي معني. سائينم : منهنجا مالڪ ، منهنجا سائين. عالم : پوري دُنيا. مطلب: منهنجا مالڪ، تون سنڌ کي سدائين آباد رکج، دل وارن دوستن سميت پوري دنيا کي آباد ڪج.