حل ٿيل بيت جو مطلب

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ اجمل داس ٺاڪر طرفان آندل موضوعَ ‏2 اپريل 2015۔

  1. اجمل داس ٺاڪر

    اجمل داس ٺاڪر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 مارچ 2015
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    37
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سـدائين ڪرين مـــٿي ســـنڌ ســـڪار
    دوســــت مــــٺا دلــدار عـــالم ســـڀ آباد ڪــــرين
     
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    موٽِي مانڊاڻِ جِي، واري ڪَيائِين وارَ؛
    وِڄُون وَسَڻ آئِيُون، چَؤڏِس ۽ چَوڌارِ،
    ڪي اُٿِي ويئِيُون اِسِتَنبولَ ڏي، ڪي مَڻِـيُون مَغرَبَ پارَ؛
    ڪي چِمِڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَهَنِ سَمَرِقَندِيُنِ سارَ؛
    ڪي رَمِي ويئِيُون رومَ تي، ڪي ڪابُلَ، ڪي قَنڌارَ؛
    ڪي دَھلِيءَ، ڪي دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرِنارَ؛
    ڪَنھِين جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏنا بيڪانِير بَڪارَ؛
    ڪَنھِين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنھِين ڍَٽَ مَٿي ڍارَ؛
    ڪَنھِين اَچي اَمرَ ڪوٽَ تان، وَسايا وَلھارَ؛
    سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ؛
    دوسَ! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.


    سُر سارنگ بيت ڇهون
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    اصل بيت:
    سائينم سدائين ڪرين مٿي سِنڌ سُڪار،
    دوست مٺا دلدار ، عالم سڀ آباد ڪرين.

    ڏکين لفظن جي معني.
    سائينم : منهنجا مالڪ ، منهنجا سائين.
    عالم : پوري دُنيا.

    مطلب:
    منهنجا مالڪ، تون سنڌ کي سدائين آباد رکج،
    دل وارن دوستن سميت پوري دنيا کي آباد ڪج.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو