هڪ تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته سندس موت گهوڙي تان ڪرڻ سبب ٿيو، پر سندس والدين جي غير فطري شادي مان خبر پوي ٿي ته هو خانداني بيمارين جي ور چڙهي مئو هو. جڏهن ته هڪ ٻي تحقيق موجب فرعون جو ڏاڏنگ وڏيون عمريون رکندڙ هو پر سندس پيڙهي ۾ عمريون گهٽجي ويون هيون.اٽلي جي تحقيقي اداري موجب فرعون جي پيءُ جو نالو ”عنخ آمون“ هو ۽ هن جا سڳي ڀيڻ سان ناجائز لاڳاپا هوندا هئا جنهن کان پوءِ ٻنهي جي شادي ٿي هئي