مصر: فرعون جا ماءُ پيءُ سڳا ڀاءُ ڀيڻ هئا: تحقيق

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏2 اپريل 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG] مصر جي آڳاٽي زماني واري بادشاهه فرعون بابت ڪيل نئين تحقيق ۾ ڪجهه نين ڳالهين جو انڪشاف ٿيو آهي ته سندس ماءُ پيءُ سڳا ڀاءُ ڀيڻ هئا، جنهن سبب هو خانداني بيمارين جي ور چڙهي مري ويو هو، پرڏيهي ميڊيا موجب فرعون جي ممين کي ۽ ٻين دستاويزن کي ڳنڍي ڪمپيوٽر تي پوسٽ مارٽم ڪيو ويو جنهن کان پوءِ سندس شخصيت بابت نين ڳالهين کي پروڙيو ويو. تحقيق موجب فرعون جا سامهون وارا ڏند وڏا هئا، هو ٽنگ کان منڊو ۽ سندس منڍي ڳوري هئي. فرعون گهوڙي سواري جو شوقين هو پر منڍي ڳوري هجڻ سبب هن ڪڏهن به گهوڙي سواري نه ڪئي. برطانوي اخبار ڊيلي ميل موجب هڪ قبر مان 130 کان وڌيڪ ڪاٺيءَ جون لٺيون هٿ آيون، جِن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته فرعون انهن سهاري منڊڪائي هلندو هو. هڪ تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته سندس موت گهوڙي تان ڪرڻ سبب ٿيو، پر سندس والدين جي غير فطري شادي مان خبر پوي ٿي ته هو خانداني بيمارين جي ور چڙهي مئو هو. جڏهن ته هڪ ٻي تحقيق موجب فرعون جو ڏاڏنگ وڏيون عمريون رکندڙ هو پر سندس پيڙهي ۾ عمريون گهٽجي ويون هيون.اٽلي جي تحقيقي اداري موجب فرعون جي پيءُ جو نالو ”عنخ آمون“ هو ۽ هن جا سڳي ڀيڻ سان ناجائز لاڳاپا هوندا هئا جنهن کان پوءِ ٻنهي جي شادي ٿي هئي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    ادا جبار آزاد منگي صاحب هي تحقيق قرآن مجيد سان ٽڪرائجي ٿي مٿي جيڪو توهان ذڪر ڪيو آهي اهو ممڪن هوندو ته هن جي موت واري تحقيق اسلام تاريخ کان هٽي ڪري بيان ڪئي وئي آهي . خير هي تحقيق انگيزن جي آهي اُنهن جي ڪوشش هوندي آهي ته قرآن ۽ اسلام کان هٽي ڪري بيان ڪئي وڃي.
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    پر تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته ان دور ۾ مصر جي هر حڪمران کي فرعون سڏيو ويندو هو. ان ڪري قرآن ۽ مغربي تحقيق جي ٽڪراءُ هجڻ تي ڪا اچرج نه ڪرڻ گهرجي
     
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    مان اوهانجي ڳالھ سان ڪجھ متفق آهيان ، واقعي ۾ به ان دور جي هر حڪمران کي فرعون سڏيو ويندو هيو مگر واضع رهي ته سيدنا موسا ۽ هارون عليهم السلام جي زماني واري فرعون جو نالو معصب ابن ريان ابن وليد هيو ، جيڪو درياھ قلزم ۾ غرق ٿيو هيو جنهنجو لاش اڄ به مصر جي ميوزيم ۾ محفوظ آهي . تفصيل لاءِ سنڌ سلامت جي هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو