__ انصاف....خليل جبران . _________________ هڪ رات بادشاهي محل ۾ دعوت هلي رهي هئي .ايتري ۾ هڪ ماڻهو آيو جنهن پاڻ کي شهزادي جي حضور پيش ڪيو.سڀ مهمان متوجه ٿي ويا.انهن ڏٺو ته ايندڙ ماڻهوء جي هڪ اک نڪتي پئي هئي لڙڪي پئي ۽ خالي جاء مان رت پئي وهيو. شهزادي پڇيو ”توساڻ ڪهڙي واردات ٿي“ ؟ ماڻهوء جواب ڏنو ”حضور مان پيشه ور چور آهيان مان اڄ رات هڪ سيٺ جي گھر چوري جي نيت سان داخل ٿيڻو هئس پر ڀل ۾ ڀر واري ڪوريء جي گھر ۾ داخل ٿي ويس .دريء مان اندر ٽپو ڏنم ته منهنجو مٿو ڪپڙي اڻڻ جي مشين تي لڳو ۽ منهنجي اک نڪري پئي ..هاڻي مان ڪوريء جي سلسلي ۾ اوهان کان انصاف جو طالب آهيان. اهو ٻڌي شهزادي ڪوريء کي گھرايو ۽ منٽن ۾ فيصلو صادر فرمايو ته بدلي ۾ ڪوريء جي اک ڪڍي وڃي. ڪوريء باادب عرض ڪيو ظل سبحاني توهان جو فيصلو درست آهي ته منهنجي اک ڪڍي وڃي پر سائين منهنجي ڪم ۾ ٻنهي اکين جي ضرورت آهي ته جينئن ساڄي طرف ۽ کاٻي طرف جي ڪپڙي کي ڏسان ۽ ڪپڙو اڻان...... منهنجي پاڙي ۾ هڪ موچي رهي ٿو ان جون ٻئي اکيون سالم آهن،هن جي ڌنڌي ۾ صرف هڪ اک جي ضرورت آهي ٻي اک واندي اٿس ... ظل سبحاني هڪدم موچيء کي طلب فرمايو هو آيو ۽ شهزادي جي حڪم تي سندس هڪ اک ڪڍي وئي .... ۽ اهڙي طرح ”انصاف جو تقاضو“ پورو ٿيو.