انصاف

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ Shabir Ahmed Qureshi طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2015۔

  1. Shabir Ahmed Qureshi

    Shabir Ahmed Qureshi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2015
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    __
    انصاف....خليل جبران .
    _________________
    هڪ رات بادشاهي محل ۾ دعوت هلي رهي هئي .ايتري ۾ هڪ ماڻهو آيو جنهن پاڻ کي شهزادي جي حضور پيش ڪيو.سڀ مهمان متوجه ٿي ويا.انهن ڏٺو ته ايندڙ ماڻهوء جي هڪ اک نڪتي پئي هئي لڙڪي پئي ۽ خالي جاء مان رت پئي وهيو.
    شهزادي پڇيو ”توساڻ ڪهڙي واردات ٿي“ ؟
    ماڻهوء جواب ڏنو ”حضور مان پيشه ور چور آهيان مان اڄ رات هڪ سيٺ جي گھر چوري جي نيت سان داخل ٿيڻو هئس پر ڀل ۾ ڀر واري ڪوريء جي گھر ۾ داخل ٿي ويس .دريء مان اندر ٽپو ڏنم ته منهنجو مٿو ڪپڙي اڻڻ جي مشين تي لڳو ۽ منهنجي اک نڪري پئي ..هاڻي مان ڪوريء جي سلسلي ۾ اوهان کان انصاف جو طالب آهيان.
    اهو ٻڌي شهزادي ڪوريء کي گھرايو ۽ منٽن ۾ فيصلو صادر فرمايو ته بدلي ۾ ڪوريء جي اک ڪڍي وڃي.
    ڪوريء باادب عرض ڪيو ظل سبحاني توهان جو فيصلو درست آهي ته منهنجي اک ڪڍي وڃي پر سائين منهنجي ڪم ۾ ٻنهي اکين جي ضرورت آهي ته جينئن ساڄي طرف ۽ کاٻي طرف جي ڪپڙي کي ڏسان ۽ ڪپڙو اڻان......
    منهنجي پاڙي ۾ هڪ موچي رهي ٿو ان جون ٻئي اکيون سالم آهن،هن جي ڌنڌي ۾ صرف هڪ اک جي ضرورت آهي ٻي اک واندي اٿس ...
    ظل سبحاني هڪدم موچيء کي طلب فرمايو هو آيو ۽ شهزادي جي حڪم تي سندس هڪ اک ڪڍي وئي ....
    ۽ اهڙي طرح ”انصاف جو تقاضو“ پورو ٿيو.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄ انصاف ساڳي طرح اکيون پيو ڪڍي ...... ۽ مسند تي اهڙا ئي منصف ويٺا آهن
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    بلڪل اڄ جي دور جو انصاف به ائين ئي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو