پوسريل ڪاغذ

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ڪيترا لمحا ڪاغذن کي تڪيندي گذريا آهن.
    سوائين پنجين وڳي صبح جو فجر کان وٺي، ڏينهن جي سوائين ڏهين وڳي تائين، ڪاغذ ۽ قلم جو ”رسامو“ مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي. جيڪي ڪجهه لکڻ گهران ٿو، اهو ڪاغذن تي شايد اچي نه ٿو سگهي.دل جي دنيا جو درد عجيب آهي. پنهنجي انهيءَ سوچ ۾ ماڙيءَ جا ڏاڪا انيڪ ڀيرا لتاڙيا اٿم. اضطراب ڏسي گهر وارا به پريشان ئي ٿين ٿا.ڪمٽمينٽ بهرحال ڪمٽمينٽ آهي... ڪم ته ڪرڻو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن روح تي الاءِ ڪيترا اداسيءَ جا تَهَه چڙهي ويندا آهن، پنهنجو پاڻ تان ويساهه کڄي ويندو آهي، لفظن جي حرمت الاءِ ڪيڏانهن هلي ويندي آهي.سڀ ڪجهه ڇسو، نالائق ۽ اڻ سونهون لڳندو آهي.ماڻهو جهان کان رُسي ته پرچي سگهي ٿو، پنهنجو پاڻ کان رُسي ته پرچائڻ ناممڪن ٿيو پوي.
    ڪهڙا ڀاشڻ ڏجن؟ ڪهڙيون ڪهڙيون سٺيون ڳالهيون ڪجن...؟ اندر ۾ ڪهڙن گلابن جي ٽڙڻ جو ذڪر ڪجي. جڏهن نگاهه کي عجيب منظر وڪوڙي وڃن، جڏهن روح ملول ٿي وڃي ۽ پنهنجا لفظ به پراوا لڳن، معزز خواتين و حضرات ...ته پوءِ ماٺ جي ردا اوڍڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي... تقرير ڪرڻ هر دفعي هر جاءِ تي ضروري ته ناهي...
    اڄوڪي اخبار ۾ لاشن جون تصويرون آهن... احمدين جي عبادتگاهن تي وحشت جي ماريل وجودن حملا ڪيا آهن. اسي کان مٿي جانيون، اجل جي ڀاڪر ۾ ڀرجي زمين ۾ لٽجي چڪيون آهن. ان کان هڪ ڏينهن پهرين جي اخبارن ۾ به ذڪر ڪو چڱو نه هو.علم جي ڳولا ڪندڙن ۽ علم جي وکير ڪندڙن سان سلوڪ، اخبارن جي پهرئين صفحن جي زينت بڻيو آهي. اهي جيڪي ڪهڙا به کڻي هجن، آهن ته ”ماستر“... انهن تي پاڻيءَ جي ڦوهاري ”ڀيڄ...ڀيڄ...“ ناهي ڪئي، اهي آلا نه ٿيا آهن... اسان جي سوچ آلي ٿي وئي آهي.... ۽ اهو نوجوان نسل، جيڪو علم جي اُساٽ ۾ ”لوڊشيڊنگ“ جي شيڊ جي اها عظيم ڇانوَ، قبولڻ کان انڪاري ٿئي ٿو، تن کي بيد ۽ ڀونڊي سان اخبارن ۾ نوازيندي ڏيکاريو ويو آهي.ڪنهن جو سور روئي ڪنهن جو روئجي روين جو، سلوڪَ جو.. بي مهريءَ جو يا بي قدريءَ جو.
    قانون، قانون هوندو آهي، ۽ اهو ڪنهن کي به هٿ ۾ وٺڻ جو اختيار ناهي. ائين ئي هنن سڀني کي به اختيار نه هئو، پر ڇا اهو جيڪو سلوڪ ڪيو ويو، ڇا انهيءَ جو حق سلوڪ ڪندڙن کي حاصل هو؟...هرڪو جي ائين ليڪا لتاڙيندو رهندو ته علم و عقل، ڪهڙي دڳ تي بيٺل نظر ايندا عزيزانِ مَن؟
    خواب نگر جو هي فقير، ڊڄڻو، گيدي ۽ ڀاڙيو آهي. ان ۾ ٻي ڪا به راءِ ڪانهي ته سياست ۽ ان جون ”چيره دستيون“ هن پاڳل کي سمجهه ۾ نه ٿيون اچن، ۽ نه ئي بالا ايوانن جي اندر مان ڪڏهن گهمي اچڻ جي سعادت نصيب ٿي آهي ته فيصلا ڪيئن ٿا ٿين ۽ ڪهڙا ٿا ٿين؟... پر بهرحال جيڪي ڪجهه ٿئي پيو ٿو، اهو ڏسڻ ۾ ته اچي ٿو نه... پنهنجو پاڻ کان ئي سوال پڇجي ٿو ته اهو سڀ ائين ڇو پيو ٿو ٿئي؟ ۽ پاڻ ئي ڪو به جواب نه ٿو ملي ته ”وائڙائپ“ ته لازم آهي نه... اها وائڙائپ، جيڪا عجيب مايوسين کي جنم ڏئي ٿي... پنهنجو چهرو ڏسي، پاڻ ئي ڪرڀ ٿي اچي ته خوشگوار ڳالهين جي ڪهڙي موسم کڻي اچجي. جڏهن روح ”ناگواري“ محسوس ٿو ڪري...بدن مان سور لٿو ئي نه هجي ۽ اسين ويهي ڪاميڊي فلم ڏيکاريون، اهو ڪهڙو موقعو آهي. پنهنجو پاڻ سان مذاق ته کڻي ڪجي... ٻين ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي! حياتيءَ ۾ مايوسي ڪفر آهي، ائين حد کان وڌيڪ هيٺ به نه ٿجي... پر بهرحال ماڻهو ته ماڻهو آهي. جتي مرڪن جا گلاب مُکَ تي ٽڙنس ٿا، اتي ئي درد جا ڳوڙها به ته سندس نيڻن ۾ ئي جرڪن ٿا. پاڻ کي سنڀالڻ جي چڪر ۾ چڪرائجي وڃڻ جو عمل به ته رستو ڏسندو رهي ٿو.
    منهنجو تعلق انهيءَ پيغمبري پيشي سان آهي، مان هڪ ماستر آهيان... ”ماستر محمود...“، ۽ مان پنهنجي هن جهان مان لاڏاڻي کان پوءِ اهو ئي چاهيان ٿو ته مان ڪنهن براڊ ڪاسٽر، ٽيلي ڪاسٽر، ڪمپيئر، ناولسٽ، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ مترجم جي نالي سان پنهنجي موت کان پوءِ دلين ۾ ياد نه رهان... مان جي ڪنهن کي ياد رهان ته صرف هڪ ”استاد“ جي حيثيت ۾... استاد اهو نه.... جنهن جو نالو بدناميءَ جي ذمري ۾ اچي ٿو، بلڪه اهو استاد، جيڪو حياتيءَ ۾ فيض جي واٽ ڏيکاري ٿو... جيڪو ماستر صاحب هجي ٿو... جنهن جي جسم تي سادا ڪپڙا هجن ۽ پيرن ۾ ٻه پٽي جُتي، پر جنهن لاءِ بازار ۾ سڀ دڪاندار ماٺڪا ٿي وڃن...هر نگاهه جهڪي کيس رستو ڏئي، هر اک ۾ ادب ۽ احترام هجي... جنهن سان ڪو به ڳالهائي ته احترام ۽ محبت سان ڳالهائي، ۽ جنهن تي سڀني کي اعتبار هجي.
    هاڻي اتي اهم ڳالهه اها به آهي ته وري ان استاد کي ”صاحبِ ڪردار“ به هئڻ گهرجي... جنهن ”خانه پري“ ڪئي، جنهن وٽ هر مهيني جي پهرين تاريخ جو انتظار سڀني عملن کان شديد تر آهي ۽ جنهن وٽ سواءِ ”زر“ جي ٻي ڪا دولت معنيٰ نه ٿي رکي، تنهن کي ”استاد“ سڏائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ٿي سگهي ٿو ڪنهن حدون اورانگهيون هجن، ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ننڍڙي ڳالهه مان ڪا چڻنگ ٻري پئي هجي... ڪو ڀڀڙڪ ڀڙڪي اٿيو هجي... صاحبِ حيثيت ناراض ٿي ويا هجن ۽ واٽر ڪينن جا مُنهن کلي ويا هجن... پر اتي اهو به ته ٿورو سوچجي صاحبانِ هوش و خرد، ته پاڻيءَ جي ان ”لتاڙ“ ۾ استاد هئا، مرد ۽ عورتون.... مردن کي ته کڻي پاڻيءَ جي ڦوهاري ترڪايو پئي، پر عورتن جي حالت ڇا هئي... ان تي ڇا لکي سگهجي ٿو؟
    دور عجيب آهي... جنهن کي ڏس تنهن وٽ پنهنجي ڪهاڻي آهي... ۽ هرڪو پنهنجي پاران اعتبار جون ڀريون ٻڌي پيو اچي... قانون نافذ ڪندڙن وٽ پنهنجو ”ورزن“ (Version) هوندو ۽ استادن وٽ پنهنجو... پر جيڪي ڪجهه ٽيليويزن جي اسڪرينز تي نظر آيو، انهيءَ اسان جهڙن کي آلو...ڀَتُ ڪري ڇڏيو آهي. راڻي الزبيٿ جي سواري آئي پئي... اوچتو موٽر ڪيڊ بيهجي ويو، راڻيءَ پڇا ڪئي ڇا ٿيو آهي؟ شوفر وراڻيو ”ملڪه عاليه... هي وقت فلاڻي پروفيسر جي هن رستي تان واڪ ڪرڻ جو آهي، هو ڄاڻ ڪي گذريو. بس لنگهي وڃي ته پاڻ هلون ٿا...“، ۽ سڀني ڏٺو ته ڪجهه ئي لمحن ۾ مَن موجي استاد... رستي تان هلندو، ڪتاب جا ورق ورائيندو... وات مان پائيپ جا دونهان ڪڍندو روانو ٿي ويو... هن اک کڻي به ڪو نه ڏٺو ته ڪهڙيون سواريون هن جي مانَ ۾ بيٺل آهن... سندس گذري وڃڻ کان پوءِ شاهي سواري اتان لنگهي.
    ترقي يافته ملڪن ۾ استاد جي اهميت ائين ئي هوندي آهي ۽ شاگردن تي وري ٻاجهه جي هٿ جي توفيق عنايت ٿيندي آهي. هڪ ئي ڏينهن تي، ٻنهي جي مٿان ”مارا ماري“ ڏسي، دل چوي ٿي ته ماٺ ڪجي... ماٺ جي ردا کي اوڍي ڇڏجي، ڇاڪاڻ ته جيڪي ڪجهه ڳالهائجي ٿو، انهيءَ جو ٻڌندڙن تي ته ڪو اثر نه ٿو ٿئي، ته پوءِ ايترن ڀاشڻن ۽ ايترين تقريرن جي ڪهڙي ضرورت آهي؟
    قلم، ڪاغذ کي تڪيندو رهي ٿو... ڪاغذ، جيڪو ڀِڄي چڪو آهي... ۽ جنهن مٿان هر تحرير ”پوسرجي“ ويندي ۽ پڙهڻ ۾ نه ايندي.

    محمود مغل
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پوسريل ڪاغذ

    مغل صاحب جو هي ليک پڙهي، نه فقط پاڻ تي ڪاوڙ ٿي اچي پر اکڙين مان رت جا ڳوڙها پڻ وهي نڪتا آهن،
    اي رب العالمين، اسان ته تنهنجي نانوَ، ۽ تنهنجي پسنديده دين اسلام جي نالي سبب پاڪستان ۾ شامل ٿيا هياسون، ان دين خاطر جنهن ۾ علم حاصل ڪرڻ اولين فرض آهي ته پوءِ هي ڇا هن ملڪ ۾ علم ڏيندڙ ۽ علم حاصل ڪندڙ ماڻهن سان اهڙو حشر ۔۔۔

    پڪ سان اسان کان غلطي ٿي وئي آهي ۔۔۔ اسان اسلام جي نالي ۾ ڌوڪو کاڌو آهي ۔۔۔ اسلام ائين ته نٿو چوي ته حق گهرندڙ ۽ بي يارو مددگار استادي پيشي سان تعلق رکندڙن سان اهڙي ڏاڍائيءَ سان پيش اچجي ۔۔۔ ها پاڪستان ۽ پاڪستان جو نظام شايد انجي اجازت ڏيندو هجي ۔۔۔ جي اهڙي ڳالهه آهي ته اسانجي توبهه ۔۔۔ اهڙو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني ۔۔۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: پوسريل ڪاغذ

    بلڪل سائين اهو ئي حشر لڳو پيو آهي هت
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: پوسريل ڪاغذ

    بلڪل سائين اهو ئي حشر لڳو پيو آهي هت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو