هڪ عورت جون ٽي نياڻيون هيون، ٽنهي جون شاديون ٿيل هيون. ان عورت کي پنهنجي نياڻين سان تمام گهڻي محبت هئي، ان ڪري نياڻن کي پنهنجي گهر ۾ ئي ٽڪايائين.. هڪ ڏينهن عورت سوچيو ته هاڻي انهن جو امتحان وٺجي ته اهي پنهنجي سَس سان ڪيترا سچا آهن. پهرئين مرحلي ۾ هوءَ وڏي نياڻي سان دريا گهمڻ وئي، اتي مائيءَ بنا ڪنهن دير جي درياءَ ۾ ٽپ ڏنو، وڏو نياڻو اهو ڏسي پريشان ٿي ويو ۽ وڏي مشڪل سان پنهنجي سس کي بچائي ٻاهر ڪڍيائين... اهو ڏسي سَس خوش ٿي ۽ ان نياڻي کي تحفي ۾ ڪار ملي.. وري ڪجهه ڏينهن رکي مائي پنهنجي ٻئي نياڻي کي وٺي ٻيهر دريا تي وئي. وري به درياءَ ۾ ٽپ ڏنائين. هِن همراهه کي وري ترڻ نه ايندو هو، ان ڪري رڙيون ڪري ماڻهو گڏ ڪري ورتائين، جن مائيءَ کي بچايو.. سس کي اها ڳالهه وڻي ۽ ان ٻئين نمبر نياڻي کي تحفي ۾ ”موٽر سائيڪل“ ملي وري هفتو به نه گذريو ته ننڍي نياڻي کي وٺي ساڳي مائي درياءَ تي آئي ۽ درياءَ ۾ ٽپ ڏنائين... همراهه کي توڙي جو ترڻ ايندو هو پر سوچيائين ته مون واري هڪ سنڍو کي هن ڪار ڏني ۽ ٻئي سنڍو کي موٽر سائيڪل ڏنائين.. هاڻي مون کي وڌ ۾ وڌ سائيڪل ئي ڏيندئي.... ڇڏينس ته ڀلي ٻڏي مري وڃي.. ۽ ٿيو به ايئن جو هن ڀيري سس ٻڏي مري وئي.. ڪهاڻي هتي ئي ختم نه ٿي ٿئي، بلڪه ٻئي ڏينهن هن ننڍي نياڻي کي تحفي ۾ پراڊو گاڏي ملي، پر هن ڀيري تحفو سندس سهري طرفان هيو..