وڏو انعام.....

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏5 اپريل 2015۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    هڪ عورت جون ٽي نياڻيون هيون، ٽنهي جون شاديون ٿيل هيون.
    ان عورت کي پنهنجي نياڻين سان تمام گهڻي محبت هئي، ان ڪري نياڻن کي پنهنجي گهر ۾ ئي ٽڪايائين..
    هڪ ڏينهن عورت سوچيو ته هاڻي انهن جو امتحان وٺجي ته اهي پنهنجي سَس سان ڪيترا سچا آهن.
    پهرئين مرحلي ۾ هوءَ وڏي نياڻي سان دريا گهمڻ وئي، اتي مائيءَ بنا ڪنهن دير جي درياءَ ۾ ٽپ ڏنو، وڏو نياڻو اهو ڏسي پريشان ٿي ويو ۽ وڏي مشڪل سان پنهنجي سس کي بچائي ٻاهر ڪڍيائين...
    اهو ڏسي سَس خوش ٿي ۽ ان نياڻي کي تحفي ۾ ڪار ملي..
    وري ڪجهه ڏينهن رکي مائي پنهنجي ٻئي نياڻي کي وٺي ٻيهر دريا تي وئي. وري به درياءَ ۾ ٽپ ڏنائين. هِن همراهه کي وري ترڻ نه ايندو هو، ان ڪري رڙيون ڪري ماڻهو گڏ ڪري ورتائين، جن مائيءَ کي بچايو..
    سس کي اها ڳالهه وڻي ۽ ان ٻئين نمبر نياڻي کي تحفي ۾ ”موٽر سائيڪل“ ملي
    وري هفتو به نه گذريو ته ننڍي نياڻي کي وٺي ساڳي مائي درياءَ تي آئي ۽ درياءَ ۾ ٽپ ڏنائين... همراهه کي توڙي جو ترڻ ايندو هو پر سوچيائين ته مون واري هڪ سنڍو کي هن ڪار ڏني ۽ ٻئي سنڍو کي موٽر سائيڪل ڏنائين.. هاڻي مون کي وڌ ۾ وڌ سائيڪل ئي ڏيندئي.... ڇڏينس ته ڀلي ٻڏي مري وڃي.. ۽ ٿيو به ايئن جو هن ڀيري سس ٻڏي مري وئي..
    ڪهاڻي هتي ئي ختم نه ٿي ٿئي، بلڪه ٻئي ڏينهن هن ننڍي نياڻي کي تحفي ۾ پراڊو گاڏي ملي، پر هن ڀيري تحفو سندس سهري طرفان هيو.. ;)
     
  2. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    ”وڏو انعام“ پڙهي ٽهڪ نڪري ويو!
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    وڏي وقت کان پوءِ مون اڄ ٻيهر هي لطيفو پڙهيو، لطف اچي ويو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو