ڪري سينگار اڄ ٻاهر، اسان جو يار آ نڪتو : دادن فقير

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

دادن فقير جي شاعري

ڪري سينگار اڄ ٻاهر اسان جو يار آ نڪتو
پيارو ساهه کان ڏاڍو مٺو منٺار آ نڪتو

هجومِ عاشقن اعلان ڪيو اڄ خير ڪونهي ڪو
کڻي تلوار هٿ ۾ بي ڌڙڪ دلدار آ نڪتو

ڏسڻ ۾ آئيو ٿي پاڪ رُخ دلبر جي زلفن مان
ڪڪر ڪاري منجهان ڄڻ چنڊ چمڪي دار آ نڪتو

ڏسان ٿو جنهن طرف تي تنهن طرف کان مست ٿي ”دادن“
سندس ديدار لئه گهر کان ٻڍو ۽ ٻار آ نڪتو​
 
Back
Top