
پَلُرَ پِيَڻُ، اَوڇَڻُ اُنَ، جِنِ جَا پَيرَ مَٿَي پَٽَ پَاڪَ
وِهَڻُ وَرَاڪَنِ ۾، اُنِ جِي اَجَوکِي اَوطَاقَ
پَاڻُ نَہ پَسَنِ پَاڻَ کَي، وَيچَارَا بَي بَاڪَ
عُمَرَ ! اُوءِ نَہ عَاقَ، ڏُکِيَا جِمَ ڏُکَوئِين
سُرُ مَارُئِي
پَلُرَ = مِينهَن جو پاڻي، برسات جو پاڻي
اَوڇَڻُ = لباس، ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو
اُنَ = رڍن جا ڪتريل وارَ يا ڏاسَ
پَٽَ پَاڪَ = صاف ميدان، ٿر بر جا پٽ پاڪ آهن
وَرَاڪَنِ = وڻن جا جهڳٽا، وڻن جي ڇانوَ ۾، ويڙهيون
اَجَوکِي = بنا جوکي واري، سلامتيءَ واري، خطري کان خالي
بَي بَاڪَ = بي فڪرا، بي خوف، بي ڊپا، البيلا، آزاد
اُوءِ = اُهي، مارو ماڻهون
عَاقَ = بي دخل، ڌڪار
جِمَ = متان
ڏُکَوئِين = آزارين، ظلم ڪرين
بيت جو پس منظر
~ مارو مِينهَن جو پاڻي پيئن ٿا، رڍن جي ڏاسَ مان تيار ٿيل ڪپڙو اوڍين ٿا ۽ پير اگهاڙا ڪيو پيا پَٽنِ تي هلن.
~ هو وڻن جي ويڙهين، جهڳٽن ۽ ڇانئن ۾ رهن ٿا، اها سندن سلامتيءَ جي جاءِ آهي، جيڪا ڀڄڻ ۽ ڊهڻ جي ناهي.
~ منجهن خودي ۽ خود غرضي بنھ ناهي، هي مارو ويچارا بي فڪرا ۽ البيلا آهن.
~ او عمر ! هي اڳ ئي ڏکويل آهن، انهن کي بي دخل ڪري ويتر پنهنجا ظلم ۽ آزارمتان ڪرين.
سمجهاڻي
مارئي پنهنجي ملڪ ملير جي مارو ماڻهن جو عمر بادشاھ آڏو تعارف ڪرائينديچئي ٿي :
هنن وٽ صاف پاڻي تہ آهي ڪونہ، تنهنڪري برساتن جو پاڻي گڏ ڪري پيئندا بہ آهن ۽ استعمال بہ ڪندا آهن. هي رڍن ۽ ٻڪرين جي ڏاسَ مان پنهنجو لباس کٿيون، کَيسَ، ڪمبل ۽ لويون تيار ڪري اوڍين ٿا.هنن کي جُتي خريد ڪرڻ جي سگھ ناهي سو سدائين پير اگهاڙا ڪيو پيا هلن.
هي گهاٽن وڻن جون ويڙهيون، جهڳٽا ۽ ڇانئون سندن اوطاقون آهن. جتي هڪٻئي سان حال اوريندا آهن.سندن هي جايون سلامتيءَ واريون آهن، جي ڪڏهن ڊهي، ڀڄي، ڀُرِي نه ٿيون سگهن. منهنجا مارو نہ ڪنهن جي هنئينءَ ۾ آهن نہ وري کنئينءَ ۾، هنن ۾ هٺ، وڏائي ۽غرور ناهي.
او عمر ! هي مارو اڳي ئي ڏکويل آهن، تن کي پنهنجن ننگن ۽ دنگن تان بي دخل ڪري ويتر هنن تي ظلم ۽ آزار نہ ڪجان. منهنجي مارن جي توکي پارت هجي.
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____