
شخص هڪڙو ياد آيو شام جو،
سهڻو سنهڙو ياد آيو شام جو.
بئينج خالي جي مٿان گلڙا ڏِسي،
جوڙ پنهنجو ياد آيو شام جو.
جوڙ پنهنجو ياد آيو شام جو.
تون ٿئين مونکان جُدا ڇو او پِرين ؟،
بخت بڇڙو ياد آيو شام جو..
بخت بڇڙو ياد آيو شام جو..
سيءُ ويلي جسم تنهنجي تي اوڍيل،
رئو سنهڙو ياد آيو شام جو.
رئو سنهڙو ياد آيو شام جو.
ڳل گلابي ، اک شرابي زلف ۽،
چنڊ جهڙو ياد آيو شام جو.
چنڊ جهڙو ياد آيو شام جو.
سج لڙيو، لڙڪ لڙيا اڄ عبيد،
پيار اهڙو ياد آيو شام جو..
پيار اهڙو ياد آيو شام جو..