شخص هڪڙو ياد آيو شام جو.

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
sad-evening-Wallpaper__yvt21.jpg

شخص هڪڙو ياد آيو شام جو،
سهڻو سنهڙو ياد آيو شام جو.
بئينج خالي جي مٿان گلڙا ڏِسي،
جوڙ پنهنجو ياد آيو شام جو.​
تون ٿئين مونکان جُدا ڇو او پِرين ؟،
بخت بڇڙو ياد آيو شام جو..​
سيءُ ويلي جسم تنهنجي تي اوڍيل،
رئو سنهڙو ياد آيو شام جو.​
ڳل گلابي ، اک شرابي زلف ۽،
چنڊ جهڙو ياد آيو شام جو.​
سج لڙيو، لڙڪ لڙيا اڄ عبيد،
پيار اهڙو ياد آيو شام جو..​
 
شخص هڪڙو ياد آيو شام جو ... بهترين ... اختر درگاهي جي غزل جو تسلسل وڻيو ...

اختر درگاهي جو غزل ۽ استاد حنيف لاشاري جو آواز

 
Back
Top