سنڌ جو باغي

'مقالا' فورم ۾ حبيب طرفان آندل موضوعَ ‏9 اپريل 2015۔

  1. حبيب

    حبيب
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    38
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سنڌ جو باغي

    سمنڊ جي سيني جيڏو ماڻهو جڏهن به وير ٿي وڌندو آهي، ته ڪئين ٻيلا ٻوڙي ۽ ريگستانن جي راتين کي اُڃ جي احساس کان ڌڪي پري ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ڪئين اُميدن جا ساوا سَلا ڌرتيءَ جي دامن مان ڪنڌ کڻي وڻ ٿيڻ جي واس سان واسجڻ لڳندا آهن، ۽ ڌرتي گُلن جا گيت ڳائڻ لڳندي آ، صُبح سنڌ جي سينڌ کي سنڌور جهڙي چُمي ڏئي خوشيءَ جي خيال ۾ کٿوري ٿي کُلي پوندا آهن ، ۽ ايامن تائين عشق وجد جي وهڪرن ۾ وهنجڻ لڳندو آهي، ساٿ جون سڳيون هٿن ۾ هندورو ٿي لڏڻ لڳنديون آهن، وفائن جون آڱريون وارن ۾ ويڙهجي پيار جا پتڻ پار ڪرڻ لڳنديون آهن، جن کي ڪنهن به درياھ جو ڌڙڪوميهارن جي منزل تان واپس ورائي ناهي سگهندو.

    جڏهن به اهڙي ڪردار جي قصي جي قدمن تائين قلم جا چپ پڳا آهن ته هڪ سنڌ جي باغيءَ جو آواز روحل واءِ جي مٽيءَ مان اُٿي هر دؤر جي ڌوڙ کي پاڻ مان ڇنڊي سن جي سفر ڏانهن قلندري قدمن سان هلندي نظر آيو آهي،حليم باغي هر وقت سنڌ ۽ سن جي قعبي جي اڏوات شاعريءَ جي سرن سان ڪئي آهي سندس هر سٽ ڄڻ ته سنڌ جي اکين ۾ پاتل ڪو آزاديءِ جو سُرمون آهي، جنهن اڳيان ڪجلا سَر به پنهنجو ڪنڌ هيٺ جهڪايو ڇڏي، حليم باغي سنڌ جو اهو سڏ آهي جنهن جي والار وطن جي سرحدن تائين ساھ کڻندي محسوس ٿئي ٿي ۽ سندس شاعريءَ کي ان اُجرڪ جهڙيون اکيون آهن جيڪا اجرڪ دودي سومري جي ڪُلهن ۾ پيل هوندي هُئي ۽ ٻاگهل ٻائيءَ جي سَر تي سُهندي هئي، جڏهن به ڪي نادر شاھي نيڻ سنڌ تي اُلري اُٿيا آهن ته باغي جا نظم سينا سَپر ڪري روپلي جي تلوارجئيان تجلائي ڪارونجهر جي ڪڇ کان وٺي وڳھ ڪوٽ جي واٽن تائين وڙِهندي نظرآيا آهن، هي سنڌ جو درياھ خان شاعر ڪنهن به دؤر جي زلزلي ۾ ڪٿي به زبون ٿيندي نظر ناهي آيو جڏهن به سندس شاعريءَ کي پڙهجي ٿو ته من مياڻي جيئان سڄو ريٽجي ڳاڙهو ٿي پوي ٿو ڪئين ڀالا بدن ۾ ڀڄڻ لڳن ٿا ڪيئن ڦاپيون ۽ آميون لٽجندي نظر اچن ٿيون ۽ هڪ نئين جنگ جيءَ ۾ طبل وڄائڻ لڳي ٿي، حليم باغيءَ جي شاعري سنڌؤ ندي جي ڪناري تي ويهي لکيل اُن رگويد جهڙي آهي جيڪا ڪنهن مذهبي مُراقبي جي ڦندي ۾ ڦٿڪندي نظر ئي نٿي اچي، ۽ پاڻ ڌرمن جي دُنيا کان آجو انسان سڄو سادگيءَ ۾ ويڙهيل نظر ايندو آهي اُها سادگي جيڪا ٿر کي فطري طور مليل آهن جنهن ۾ مورن جا کيڙا به آهن ته ڀالوا جي ڀٽن تان اڏامندڙ اُن ٻاٻيهي جي ٻولي به شامل آهي جيڪو مارئي جي کوھ تي ويهي پاڻيءَ جو پراهون پنڌ ڏسندي ئي اُڃ ۾ اُجهامڻ لڳندو آهي، پر جڏهن به ان سادگيءَ مٿان بارش ڀٽن کي ڀاڪرن پائي وسڻ جو ويس پارائڻ لڳندي آهي ته ويرا واھ جي واٽن کان وٺي گاءُ مُکي جي گسن تائين سمورو اُڃ جو احساس روح جي رڳن مان پاڻ پُسي ٻاهر نڪري ايندو آهي ۽ هڪ نئون عشق آرس موڙي حليم باغيءَ جي گيتن ۾ ڪونڀٽن جا قصا ميڙي ڳاڱين جي ڳاڙهن ڳلن تائين رسجڻ لڳندو آهي جنهن مان ڪئين اُميدن جا آڌي گام راسوڙن جي رنگ ۾ رچي ڳالهين جو ڳوٺ بڻجي پوندا آهن ۽ سمورا پيار جا پاري نگر دلين جا دلا کڻي هڪ نيئن سڪ سان پاڻ کي دلبرين جي درياھ ۾ ڌوئڻ لڳندا آهن جن اڳيان وقت جا سمورا وحشي ڪُن به ماٺ جي موت ۾ جڪڙيل نظر ايندا آهن، حليم باغي جي شاعري اُن ڪٺل هرڻ جي کليل اکين جي درد جهڙي آهي جنهن جو احساس اڄ تائين وارثيءَ لاءِ واجهائيندو رهي ٿو اهڙي وارتاءُ ۽ واويلا ڏي نهاريندي من جي مڪليءَ جي قبرن مان به ٻيهر ٻاهر نڪرڻ چاهي ٿو پر پوءَ به حليم باغي سچائيءَ جو سرمد بڻجي ٺٽي جي سرخ سانجهين تائين آواز جي سلسلي کي ساڻو ٿيڻ نٿو ڏئي ،ويتر ڪيترن ئي ماٺ جي مندرن ۾ هڪ نئين گوڙ سان گهنڊ وڄائيندي نظر ٿو اچي جنهن مان ڪئين عشق جا اڀيچند وفا جي وجود سان وکون کڻڻ لڳن ٿا ۽ ڪيترائي پٽ تي ڀُري ڪرندڙ ڀڳوان تلڪ جي تاريخ مٽائي فرقن کي فنا جي رستن تي ڦٽو ڪري ڇڏين ٿا، ۽ موهن جي دڙي جي مٽيءَ ۾ پاڻ کي ٻيهر ڳوهڻ لڳن ٿا جن مان وري به هڪ سنڌ جي تهذيب ساھ کڻندي محسوس ٿئي ٿي ڌرتي جي دامن کان ڇڏائجي ويل ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته ٻوليءَ جي ٻانهن جا هار ڪيڏا حسين هوندا آهن، اهي ٻوليءَ جي ٻانهن جا هار هر ديس جي قومي شاعر کي گيتن جي گلابن سان گڏ ورثي ۾ مليل هوندا آهن ، جن کي ڪوبه وقت جو ويري وڍي اُڇلائي نٿو سگهي اهڙي ريت حليم باغيءَ جي شاعريءَ جي ٻوليءَ جون ٻانهون به ايتريون ته وڏيون آهن جو اُنهن کي ڪير به وڍي نٿو سگهي،

    ڇو ته سندس سڏ سنڌ جي مٽيءَ مان ڦُٽل اُن رابيل جهڙا آهن جنهن تي ڪنهن به خزان جو اثر ناهي، جي نت ان راھ ۾ نڪتل سنڌ جا ٻيا به شاعر هُئا جيڪي رُتن جي رولاڪين ۾ پنهنجا گس گُم ڪري گوڏن ڀر گسڪندي به نظر آيا هئا آهن جن جي اهميت جو قد مراتون حاصل ڪندڙ دربارن جي درن جي چائنٺ سان چنبڙيل نظر اچي ٿي، جن جي ڪرادر جي قميص تان ڪڏهن به داغ ڌوٻي نٿا سگهجن، پر حليم باغي سنڌ جواُهو بيباڪ شاعر آهي جنهن هر وقت سن جي قعبي ۾ سنڌ جو اذانون ڏنيون آهن ۽ قومي خطبه پڙهيا آهن جن جو اثر هڪ ڏينهن ضرور سنڌ جي پيشانيءَ تي آزادي جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندو،

    اروڙ جان اوجاڳيل حليم باغيءَ جي نظمن جا نيڻ اڄ به وطن جي وارثيءَ جي ويڙھ ۾ وڙهندي نظر اچي رهيا آهن سندس سٽ سٽ ۾ صدين جي تسلسل جي ڊگهي تاريخ جو ڪو ورلاپ واڪا ڪندي نظر اچي ٿو ۽ دردن جي ڌُن تي ڌڳندڙ سندس غزل به ائين غيرتن سان گلاب ٿيل آهن ڄڻ صالح آخوند جي ڪٽيل زبان جو ڪو تازو زخم هجن،

    اکيون باندي رڳون به باندي پرين ڪجي ڇا تُنهنجو شهر آ

    چپن جي رڦڻي هتي جرم آ، اکين جي کينچل هتي ڏمر آ

    تنهنجي اکين ۾ اُداسي ڇا جي اڙي اوشاعر اڙي او باغي

    اڃان ته ڪوڙين ڪليون به کلنديون سنڌوءَ جي مٽي نه ٿي ڪلر آ

    حليم باغي ساموئي جي صُبح مان اُڀريل هڪ اهڙو سج آهي جنهن مٿان ڪنهن به رات جو رنگ نظر نٿو اچي جڏهن ته سندس چاهت جون چلوالايون به لاڙ جي ٻانهن ۾ پيل چانڊوڪي جي چوڙن جهڙيون آهن پاڻ ڄامشوري جي هوائن ۾ وڃائجي ويل مُحبتن جو اهو مُسافر شاعر آهي جيڪو اڄ به سفيد ڪپڙن واريءَ کي من جي پوريل مُٺ مان ٻاهرناهي ڪڍي سگهيو ۽ سندس سڪ جي سُرندي جي تارن ۾ به ڪيتريون ئي مُحبتن جون ميرانئون نچندي نظر آيون آهن، سندس هينئين جي هٿن ۾ ڪيترائي سنڌيورسٽي جا سال سانڍي رکيل آهن جن ۾ پدمڻين جا پنڌ به آهن لوهي سيخن جا سفر به آهن، سفيدن جي سائي ۾ ويٺل ڇُڙواڳ ڇوڪرين جا ٽهڪ به آهن ته هاسٽل جي ڇت تي رات جي رلي ويڙهي ويٺل انتظاريون به آهن جن ۾ ڪيترائي پرين جهڙا پيار پوکيل آهن حليم باغي جي شاعري ۽ شخصيت تي لکڻ جي لاءِ ڪيترائي زمانا هڪ جاءِ تي زنده بيهاري پوءِ ئي ڪجھ انصاف جي اک سان ويهي لکي سگهجي ٿو آئون سندس شاعريءَ جي شهر مان ڪا به سٽ جي سُرڪي ڪاغذ جي چپن تائين ان ڪري به نه آڻي سگهيو آهيان جو سندس سمورا خيال ڪائنات جي قصي جان حُسناڪين جون حدون ڪراس ڪيو بيٺا آهن تنهن ڪري سندس ڪنهن به هڪ خيال کي زوري ڀاڪرن مان ڇڪي ٻاهر نٿو ڪڍي سگهجي پر ايترو ضرور چوندس ته هن روحل فقير جي نئين صوفي سڏ کي سمجهڻ لاءِ سمورو ئي سنڌ ٿيئڻو پوندو جنهن جو ويساھ ڏيڻ لاءِ هي سٽون ساھ مان سٽ ڏئي اڀرڻ لڳن ٿيون ته .....

    اسان جيئن جيئي ڀلا ڪو جهان ۾ سدائين نشان تي سدا امتحان ۾ پرين ڇا ڪجي پل وڃن ٿا اُڏاڻا هليو آءَ اڄ ڇا رکيو آ سُڀان ۾ ڪڏهن آندي اُلري ڪڏهن ڪڙڪي بجلي ڪٿي ڪک رهيو آ منهنجي آشيان ۾
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو