هي فلسطيني مٽي جودردآ

'مقالا' فورم ۾ حبيب طرفان آندل موضوعَ ‏9 اپريل 2015۔

  1. حبيب

    حبيب
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    38
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هي فلسطيني مٽي جودردآ
    عاجزامان الله چانڊيو
    انسان جي عظمت اعليٰ آهي دنيا جي ڪنهن به مذهب ۾ انسان سان ناروا سلوڪ ڪرڻ واري تي جرم عائد ٿئي ٿو ليڪن اسرائيل انسانيت جا ليڪا لتاڙي وحشت جون حدون اورانگهي چڪو آهي ، دهشت جو ڦهلاءَ ڏسي پوءِ به ڪيترائي ملڪ خاموش تماشائي بڻيل آهنماٺ جي موسم ماڻهن جا چپ سبي ڇڏيا آهن . درد وڻ ويڙهي جيان فلسطينن جي وجود کي وڪوڙي ويو آهي لڙڪن جا بند ڀڃي پيا آهن، سڏڪا ۽ دانهون گونجي رهيون آهن عزه جي گلين ۾ ماتم برپا ٿي پيو آهي دنيا جي جهنجٽن کان بي نياز بادشاھ سڏجندڙ ٻار جي سلطنت ان ويل اُجڙي وئي جڏهن جيجل ماءٌ جي رت رڱيل لاش سان چنڀڙي اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪري آسمان ڏانهن نهاري اهو سوال ڪري رهيو ته خدا جي خدائي ڪيڏانهن گم ٿي وئي آهي؟ ان ٻالڪ کي ڪهڙو جواب ڏجي جنهن جي اکين جي آرسي ۾ چلڪندڙ چنڊ جهڙا سپنا ڀور ڀور ٿي پيا آهن ، ڪيتريون ئي سهاڳڻيون ڏهاڳڻيون ٿي ويون آهن ڪيترن ئي ونين جا وَر سڪ جا سڏ ورنائڻ کان منهن موڙي ڌرتي جي دامن سان ٻکجي اگهور ننڊ سمهي پيا آهن آءُ اوراهون سُپرين وڃ مَ اڳاهون ٿڪي کڻي ٿرن ۾ ٻاڪاري ٻانهون دردن جون دانهون مون مارينديون موٽ تون شاھ ڪير ٻڌائي سون ورنين کي ته محبوبن جا سڏ هاڻي ساڻا ٿي چڪا آهن، سوڳ جي آڳ ۾ ڳاڙھ سرين اکين کي ڪير سمهجائي جيڪي بالم جي نگاھ سان ڪجراريون ٿي پونديون هيون.خوابن جون ڦلڙيون ڇڻي ويون آهن اُميدن جي ڏيئي جي روشني جهڪي ٿي چڪي آهي فلسطين جي گلين ۾ بيسرائي ڪر کڻي ڀوائتو منظر پيش ڪري رهي آهي . اڄ درتي ڌڻي ڪيڏا بيوس ۽ لاچار نظر اچي رهيا آهن، انهن همدردي جو مظاهرو ڪندي اسرائيل کي جيءَ ۾ جايون ڏئي پنهنجي سرزمين تي پيررکڻ ڏنو ان ڏينهن کان ڄڻ فلسطينن جي پيرن هيٺيان ڌرتي کسڪڻ شروع ٿي وئي .

    کس کے ‎ظرف سے بڑھ کر نہ کر مہر وفا ہر گز ورنہ اس شرافت کا بڑا بيجا نقصان ہوتا ہے اڄ فلسطين جي عورتن جي عزت محفوظ ناهي وحشي درندن هٿان ڪيترين ئي دوشيزه عورتن کان ڪنوارپ کسجي رهي آهي ڪيڏو نه المناڪ واقعو آهي، بارود جي باھ سان فلسطين ٻري رهيو آهي بيگناھ انسانن جون زندگيون داءُ تي لڳن هن اسرائيل جديد هٿيارن جي زور تي وڏي هوڏ سان فضائي ۽ زميني حمله ڪري فلسطين جي عوام کي حراسان ڪري رهيو آهي اقوام متحده جي هڪ اشاري سان فلسطين تي ماٺار ڇائجي سگهي ٿي، پرالائي ڇو فلسطين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي آمريڪا جي بيان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو اسرائيل جي مدد ۾ لڪل هٿ ڪهڙا آهن ...؟ ڪرب جي پيڙاھ ۾ عيد ڪيئن ٿيندي.......؟ سوڳوارن جي سيني ۾ مانڌاڻ متل آهي ، وڇوڙي جو وڍ انسان کان اڌ زندگي کسي وٺندو آهي ، تنهائين سان تانگھ ۾ سانگ وسري ويندو آهي،شادمانه اتي هوندا آهن ، جتي بارود جي شعلن سان صبح جو آغاز ٿئي ڏينهن جي اختتام تائين لاشن جا ڍير جمع ٿي وڃن ته اُت هڪ نئي ڪربلا جاڳي پوندي آهي ۽ خوشيون پٺي ڏئي ڏورانهين ماڳ ڏانهن روانيون ٿي وينديون آهن. اڄ غزه جون ناريون نراسائي ۾ ويڙهجي ويون آهن جيڪي عيد جي ڏينهن ۾ سوَ سينگار ڪري چوٽن ۾ چنبيلي لڳائي، مهنديءَ جي هڳاءُ سان ٻانهون ڦهلاري چوڙين جي ڇن ڇن سان همسفر ساجن کي ڀاڪرن ۾ ڀري عيد جون وڌايون ڏيندي سُرهيون ٿي پونديون هيون.... مگر افسوس ...! اڄ عيد آهي، سينگار ناهي، چوٽا آهن، چنبيلي ناهي، مهندي آهي، هڳاءُ ناهي، ٻانهون آهن، چوڙيون ناهن، ڀاڪر آهن، ساجن ناهي، وقت جي ڪيڏي نه ناانصافي آهي..! شوخ هوا ۾ سڏڪو آهي ، مهنديءَ ۾ ڪا خوشبوءِ ناهي، منڪر ڪافرموسم چئجي، ياته منافق ماڻهو سڏجي، ڪنهن جي منهن تي دانگي ملجي، ڪنهن کي ڪنهن کي ڏوهي چئجي. جيڪڏهن سمورا مسلمان ملڪ اسرائيل سان بائيڪاٽ ڪري ڪارواهنور ٺپ ڪري سخت لفظن سان تنبيھ ڪن ته اسرائيل کي ڇرڪ ضرور پوندو پر ائين ڪير ڪري ...؟ آمريڪا دنيا جو طاقتور ملڪ آهي پر آمريڪي سياست بدمست هاٿي جيان آهي جنهن جان ڏند ڏيکاءُ جا ته هڪڙا آهن ۽ کائڻ جا ڏند ٻيا آهن ، دهشگرد اسرائيل ان خونخوار جانور جيان آهي، جيڪو ڪيترو ئي عرصو گلي ۾ پيل نيئر ۾ رهڻ کانپوءِ جڏهن مالڪ ان جي گلي مان نيئر ڪڍي شڪار جو حڪم ڪندو آهي ته هو پنهنجي وحشيپڻي سان اڻ ڳڻيو نقصان ڪري ڇڏيندو آهي ڇوته ان کي خبر هوندي آهي ته مالڪ جي مهر نظر آهي. اسرائيل جي بربريت خونريزي غزه جي وسندين ۾ گهر ڪري وئي آهي، اسرائيل جي ساٿاري آمريڪا لاءِ اياز امرشيخ جو هي سٽون.... رستن تي رت جو ڄڻ درياھ پوي ٿو اُٿلي، رهبر جو رهزني سان اعلان ٿو وڪامي. ايازامر اسرائيل جي نفسياتي وزيراعظم نيتن ياهو جنهن جو دماغي توازن ٺيڪ ناهي، اهڙن ماڻهن کي چريو ڪوٺيو ويندو آهي، جيڪي ٻين جي اشارن تي هلندا آهن نيتن ياهو ته گهڻي عرصي کان چرپڻ ۾ مبتلا آهي. سعودي جا باشنده شاهي محلن جي دستر خوان کي شاهي طعامن سان سجائي گرمجوشيءَ سان عيد جون مبارڪون ڏئي ٽهڪ پکيڙي مد جي سرور ۾ گم آهي. ليڪن انهن جا ٽهڪ فلسطين جي ان ماءُ جي جيءُ کي جهرڻي جان ولوڙين ٿا جيڪا ڳڀرو پٽ جي سرد جسم کي چمندي روئندي پاراتو ڏيندي اسرائيل جي بي رحمانه تشدد تي احتجاج ڪندي، سنک جيان دانهون ڪري رهي آهي، واڪا ڪرڻ هون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو جو ( شاھ) ليڪن انهن ٻروچن کي ڄڻ نانگ سونگهي ويو هجي سعوديه جا مسلمان ڀائر بدحواس ٿي ويا آهن انهن کي ڄڻ سُڌ ئي ڪونهي ته غزه تي ڪيڏو ڪِيس ٿي رهيو آهي، اقتدار جي نشي ۾ رهندڙن کي انسانيت جو درس ياد رکڻ گهرجي، يهودي ملڪن جي عوام جام مينا جي خمارن ۾ آهي جيڪي پکين جي زخمي ٿيڻ يا ڪنهن پاران نقصان پهچائڻ تي عدالت تائين پهچي وڃن ٿا انصاف ملڻ تائين خاموش نه ٿا ويهن . ليڪن فلسطين جي عوام جو درد انهن کي نظر ئي نٿو اچي . هي ڪهڙو ماڻهپو آهي ...! فلسطين جي مٽي تي ميري اک رکندڙ اسرائيل جي اک جو ڪنڊو ياسر عرفات اوچي ڳاٽ سان فلسطين جي مٽي ۾ رلجي ويو پر سندس گوريلن جا لشڪر اڄ به هزارين حوصله ساڻ ڪري ويڙهاند ڪندي اڳتي وڌي رهيا آهن ويڙهاڪ ته ڪجھ فرد هوندا آهن پر انهن جو مقصد پوري ملڪ جي سرحدن جي بقا ۾ آهي ، پوري دنيا جي اڳيان فلسطين سواليه نشان آهي ؟ آخرفلسطين جي عوام جي وڌندڙ بيچيني جو انت ڪڏهن ٿيندو ....؟


    عاجز امان چانڊيو

    Amanullahchandio5@gmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو