نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس لاءِ اردو زبان ۾ مفت وڊيو ليڪچر

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد نويد جمالي طرفان آندل موضوعَ ‏9 اپريل 2015۔

  1. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    اڄ کان پهرين ڪڏهن به ڪو به معلوماتي موضوع ڪونه موڪليو اٿم تنهن ڪري سمجه ۾ ڪونه پيو اچي ته ڪٿان شروع ڪيان. (موضوع ۾ غلطيون هُجن ته درگزر فرمائيندا)

    اڄ انٽرنيٽ تي سرچ ڪندي هڪ نهايت ڪارائتي ويب سائٽ تي پهتس، ۽ سوچيم ته انهي جي باري ۾ مون کي پهرين خبر ڇونه هُئي؟ (ڇوته مان تقريباََ 2010 کان انٽرنيٽ استعمال ڪندو پيو اچان..) . اها ويب سائيٽ آهي سبق ڊاٽ پي ڪي www.sabaq.pk . هڪ دفعوضرور وزٽ ڪري ڏسجو. هن ويب سائيٽ تي سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخواه ۽ فيڊرل بورڊ جي نصاب جا وڊيو ليڪچر انتهائي سُهڻي ترتيب سان رکيا ويا آهن . جيڪي اردو زبان ۾ آهن. اميد آهي تعليم ۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا.

    1. هن ويبسائيٽ جي مدد سان سالياني امتحان جي تياري ڪري سگهجي ٿي.
    2. سنڌ جي ڪاليجن ۾ تعليم جي حالت ڪنهن کان لڪل ڪونهي، ڪلاس هلن ئي ڪونه ٿا ۽ غريب شاگرد ٽيوشن
    وٺي ڪونه ٿا سگهن. اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن ڪو واحد حل آهي ته اها آهي هي ويب سائيٽ.(هتي ”غريب شاگرد“ جو لفظ انهي ڪري استعمال ڪيم جو انهي جو تجربو اٿم) .
    3. اهي شخص جيڪي پنهنجي تعليمي ڄاڻ ۾ اضافو چاهين ٿا تن جي لاءِ به فائديمند.
    4. اهي شخص جيڪي انٽرويو جي تياري ڪندا هُجن.
    5. اهي شخص جيڪي انٽري ٽيسٽ جي تياري ڪندا هُجن.

    تمام دوستن کي گذارش آهي ته پنهنجي ويجهن دوستن ۽ شاگردن کي هن ويب سائيٽ تائين سونهون ڪن ته جيئن هر ڪوئي هن ويبسائيٽ مان لاڀ حاصل ڪري سگهي...
    اميد آ ته توهان جي لاءِ هي ويبسائيٽ مددگار ثابت ٿيندي...

    www.sabaq.pk

    (سنڌ سلامت انتظاميا کي گذارش آهي ته هن موضوع کي لاڳاپيل فورم ۾ رکي)
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 اپريل 2015
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو