• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گڏجا ڻي.

حميده ميربحر

سينيئر رڪن
انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگويج اينڊ لٽريچر( آءِ.اي.ايل. ايل) يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو طرفان تاريخ 9 اپريل 2015 تي هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ انگلش ڊپارٽمنٽ مان ايم فل ۽ پي.ايڇ.ڊي ڪندڙ اسڪالرز کي سندن فيڪلٽي َجي پروفيسرز ۽ ساٿي اسڪالز سان هڪ هنڌ گڏجي ويهڻ جو موقعو ڏنو ويو ته جيئن هُو پنهنجا اِشوُز ڊسڪس ڪن. ان گڏجاڻيءَ جو اصل مقصد اهو هيو ته جيئن ته رسرچ جو ڪم هر هڪ اسڪالر پنهنجي منهن پنهنجي سپروائيزر جي نگرانيءَ هيٺ ڪري رهيو/رهي آهي تنهنڪري انهن جو پنهنجي ساٿي اسڪالرز سان گڏجڻ ڪونه ٿو ٿئي. جيئن ته رسرچ جي فيلڊ ۾ رهڻ سان هر هڪ اسڪالر وٽ پنهنجا پنهنجا تجربا ٿين ٿا تنهن ڪري ڪا اهڙي گڏجاڻي يا ويهڪ هئڻ گھرجي جتي اچي ڪري هر هڪ پنهنجا تجربا ۽ رسرچ ۾ ايندڙ مشڪلاتون،پريشانيون ۽ پنهنجون لرننگس شيئر ڪن ته جيئن ٻين اسڪالرز جي سکيا ٿئي ۽ هُو به انهن تجربن کان آگاه ٿي پنهنجي ڪم جي صحيح پلاننگ ڪري سگھن. ان گڏجاڻيءَ جو سڄو ڪريڊٽ ڊاڪٽر فراز علي ٻگھيو ۽ ڊاڪٽر امبرين شهريار ڏانهن وڃي ٿو جن اهڙي سوچ جو اظهار ڪيو ۽ ( آءِ.اي.ايل. ايل) جي سڀني ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙ اسڪالرز(جيڪي تقريبن 50 کان وڌيڪ آهن جن ۾ ايم فل لنگئسٽڪ جا 23 ايم فل لٽريچر جا 20 ۽ پي ايڇ ڊي جا 3 جيڪي هيل تائين انرولڊ آهن) کي هڪ هنڌ گڏجڻ جو موقعو ڏنو. آءِ.اي.ايل.ايل جي ڊئريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي جي اجازت سان اها گڏجاڻي انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگويج اينڊ لٽريچر ۾ رکي وئي جنهن ۾ ڊپارٽمنٽ جا تقريبن سڀ پروفيسرز(ميل،فيميل) موجوُد هئا. پروگرام جي شروعات پوفيسر وسيم ملڪ قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي،ان کان پوءِ داڪٽر امبرين شهريار سڀني پرفيسرز ۽ اسڪالرز کي ويلڪم ڪيو تنهن کان پوءِ اداري جي ڊئريڪٽر ڊاڪٽر محمد خان سانگي سڀني سان پنهنجا ويچار ونڊيا ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته اهڙيون گڏجاڻيون دپارٽمنٽ ۾ ٿيڻ سان آءِ.اي.ايل.ايل ۾ هڪ اسڪالري ڪلچر ڊولپ ٿيندو جيڪا هڪ سٺي شروعات هوندي. تنهن کان پوءِ ڊاڪٽر طارق عمراڻي ان ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو ته هي هڪ اهڙوپليٽ فارم آهي جتي اسڪالرز پنهنجا مسئلا ۽ اچيومينٽس هڪ ٻئي سان شيئر ڪري سگھن ٿا ۽ جيڪي مونجھارا درپيش آهن انهن جو حل ڳولهي سگھن ٿا. اهريءَ طرح ڊاڪٽر فراز ٻگھيو چيو ته اسان وٽ اهڙيون گڏجاڻيون بلڪل ڪونه پيون ٿين۽ سندن راءِ هئي ته اهڙين گڏجاڻين سان رسرچ جي فيلڊ ۾ سٺا نتيجا ملي سگھن ٿا. پرفيسر وسيم ملڪ ۽ اتي موجود بيا اسڪالرز به اهڙين گڏجاڻين ڪرائڻ جي لاءِ سهمت ٿيا ۽ پنهنجي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ڪجھ فيميل اسڪالرز داڪٽر امبرين کي چيو ته اهڙيون گڏجاڻيون گھٽ ۾گھٽ مهيني ۾ هڪ ڀيرو ضرور ٿيڻ گھرجن جنهن ۾ هر اسڪالر پنهنجي ڪم جي پروگريس شيئر ڪري. آخر ۾ اسڪالر ممتاز شائري ٻڌائي ماحول کي فريش ڪيو.تنهن کان پوءِ مانجھاندو ڏنو ويو ۽ گڏجاڻيءَ جي پڄاڻي ٿي. اسين سمجھون ٿا ته سڀني يونيورسٽيز ۾ اهڙيون گڏجاڻيون ٿيڻ گھرجن ۽ خاص ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اهڙا اسڪالري سرڪل يا ڊسڪورس گروپ ٺهڻ رسرچ جي فيلڊ لاءِ ڪارائتا ثابت ٿيندا.
 
Back
Top