• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فريال ٽالپر

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ TAHIR SINDHI
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
فريال ٽالپر 26 اپريل 1958 تي نوابشاهه ۾ جنم ورتو. هي حاڪم علي زرداري جي ڌيءُ، آصف علي زرداري جي ڀيڻ ۽ منور علي ٽالپر جي گهر واري آهي. هن جي ماءُ بلقيس سلطانه 12 نومبر 2002 ۾ هن فاني جهان مان موڪلائي وئي . هوءَ سڀني ڀينرن مان عمر ۾ ننڍي آهي تنهن ڪري گهر وارا کيس پيار مان انا بي بي سڏيندا اٿس. هن جون ٻه ٻيون به ڀينرون آهن جن ۾ ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جيڪا قومي اسيمبلي جي ميمبر آهي ۽ فوزيا بي بي شامل آهن. هن پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي.

فريال ٽالپر ايم اي سوشلاجي ۾ پهرين سال جو امتحان ڏنو جڏهن ته ٻئي سال جو امتحان هاڻي ڏيندي. فريال ٽالپر سياست ۾ 1997 ڌاري حصو ورتو جڏهن هن جو والد حاڪم علي زرداري، ڀاءُ آصف علي ۽ ور منور علي ٽالپر جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ هئا تڏهن هن مخالف ڌر لاءِ خال ڇڏڻ ممڪن نه سمجهيو. نوابشاهه ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 160 تي 1997 ۾ چونڊ وڙهي پر ان ۾ ڪاميابي نه ماڻي سگهي. هوءَ 2001 ۾ مڪاني چونڊن ۾ ضلعي ناظمه چونڊجي وئي ۽ عوام کيس ترقياتي ڪم ڏسي 2005 ۾ ٻيهر ڪامياب ڪرايو جيڪا هاڻي تائين ضلعي نوابشاهه جي ناظمه طور پنهنجا سرانجام ڏئي رهي آهي. فريال ٽالپر جو هڪ پٽ سرور علي ڦوهه جواني ۾ وفات ڪري ويو. ٻه نياڻيون جن ۾ تانيه بي بي جيڪا شادي شده اٿس ۽ 6 ورهين جي عائشه بي بي آهن. فريال ٽالپر صوفي ازم جي پاڻ کي قائل سمجهي ٿي هوءَ اڪثر درگاهن تي ويندي آهي. صدارتي چونڊ 2007 ۾ هن به پنهنجي نامزدگي وارو فارم ڪورنگ طور جمع ڪرايو صدارتي چونڊ 2007 ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ واحد عورت اڳواڻ آهي.

سليم گل چنا، ڪراچي
 
Back
Top