• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ 40 سال پهرئين غرق ٿيندي ! اڃان ڇا ٿيندي ڪنارن تي ويهي غرق ڪندي ڏسون ته پيا!

Sindhi Media

سينيئر رڪن
11083901_10206124205284945_8485378599256510773_n.jpg

It is Only Due MAWALI CULTURE feudal indulged us! .We drowned Peoples of Sindh & Extremely Worst Education System in Sindh
سنڌ ۾ مئٽرڪ جا امتحان هلندڙ آهن آئون به ڪنهن سيريل جي شوٽنگ بهاني مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ويس ۽ ايجيوڪيشن سان وابسطا بُنياد ۽ درد رکڻ ڪري اُنهن امتحاني مرڪزن ۾ به گهميس. ڏسي حيرت ٿيم ته ايڪسٽرنل ۽ انٽرنل ممتحن ۽ اسڪولن جي اُستادن ۽ هيڊماسٽرن ، پرنسيپالن سميعت، هٿ سان نه صرف ڪاپي پئي ڪرائي وئي. پر مدد به پئي ڪئي وئي . مون ڏٺو ته پوليس، پٽيوالا، ايريا ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري ادارن جا اسٽاف ۽ آفيسر، ڊيوٽيون ڇڏي به ۽ هر سياسي گروپ سان تعلق رکندڙ، بشمول شهر جا چڱا ڀلا سُفيد پوش ۽ لوفر غُنڊا به هڪ ۽ ٻانهه ٻيلي ٿي ڪاپي ڪرائي رهيا هُئا. (سچ پُڇو جو روئي ڏنم ته سنڌ جي مستقبل جو ڇا ٿيندو) . الله جو قسم مون جن به اسڪولن (پرائيوٽ يا سرڪاري) جي چڪاس ڪئي مونکي اُتي هڪ به اهڙو شاگرد (پوءِ ڀلي پوزيشن کڻندڙ ۽ هوشيار يا ميرٽ وارو ڇو نه هُجي) نه مليو جنهن ڪاپي نه پئي ڪئي. اصل وٺ وٺان هُئي. پيپر ختم ٿيو ته مختف ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڳولي مون کائن آسان ۽ بُنيادي سوال ڪيا ۽ ڪنهن کي به خبر نه هُئي ته اصل سوال پيپر ۾ آيو ڇا آهي. بس اُستاد ۽ انهن ٻُڌايل دوستن کين پنا ۽ تعويذ ڏيندا ويا ۽ هو لکندا ويا. هي اسانجا مستقبل جا اُستد، ليڪچرر ۽ پروفيسر هوندا، هي اسانا سرجن ۽ انجنيئر هوندا ، هي اسانجي فيڪٽرين ۽ انڊسٽرين ۾ ڪم ڪندڙ يونيئن ليڊر هوندا ، هي اسانجا بينڪ مئنيجر، اديب، ميڊيا جا صحافي، اينڪر پرسن ۽ منتظ هوندا جن کي اها ب خبر نه هُئي ته هُنن لکيو ڇا آهي. ۽ اهي سفارش تي اسان مٿان هاوي ڪيا ويندا . جي اهو سلسلو جاري رهيو ته پڪ سنڌ ۾ سُڪار ايندو، موالين ته سنڌ اڳئي مفلوج ڪري وڌي آهي پر هي مستقبل جا ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ۽ بزنيس مين ، راشي ڪامورا، گهوسڙو اُستاد ۽ افيسر، ڊاڪٽر ، اين جي اوز ۽ سوشل ادارا هلائيندڙ ملي ڇا ڪندا توهان سمجهي سگهو ٿا. اچو ته سنڌ جي هن حات تي ملي مااتم ته ڪريون. اچو ته پنهنجن ٻچن جي هن کُلي قتل عام تي ٽهاڙا ۽ چاليها ۽ سال ملهايون ۽ ڀت ڪريون جن جي مستقبل کي پاڻ پنهنجي هٿن سان قتل ڪري ۽ پوءِ کين راوجي نعرن ۾ ويڙهي هاءِ سنڌ سان ظلم لاءِ دانهون ڪوڪو ڪريون ! پوءِ سگهوئي مونکي انهن بُزرگ جي هڪ چوڻي ياد اچي وئي ته قيامت کان پهرئين سنڌ تي قيامت ايندي يعني (سنڌ 40 سال پهرين غرق ٿيندي) .اڃان ٿا ٿيندي يار ! اکين سان غرق ٿيندي ڏسون پيا ۽ جن کي غرق ٿيڻو آهي اُهي ڀير تي ڏونڪا پيا هڻن . يا اچو ته گڏجي ٻاڏايون ۽ پنهنجي رب کي پرچايون (اي رب! سنڌي قوم تي رحم ڪر ! ) موالي زور آهن اسان نٿا پُڄي سگهون !
 
دوستو! اسانکي ۽ توهانکي به احساس ۽ سمجهه آهي ۽ زمينون حقيقتون به آهن ته سنڌ، جي ڌاڙيل ۽ پاٿاريدار نمان ۽ پوءِ ڍايل وڏيرن ۽ راشي ڪامورن، خاص طور ٻهراڙيءَ وارن سنڌين لاءِ (عام، فني يا پروفيشنل) تعليم کي، (بشمول ٽرانسپورت ۽ صحت جون سهولتو)ن هڪ سازش تحت بلڪل ناپيد ڪيو آهي ته جيئن غريب، مُفلس، لاچار، بيوس ۽ معصوم سنڌي ماڻهون سندن ڄار ۾ ڦاٿا رهن جن کي هو پوءِ اوتارا ٺاهي نشن جا موالي يا پينون فقير بڻائي، عزت نفس کان پري ڪري، پنهنجي عياشن جو بندوبست ڪرڻ وارو ڀڙوو، يا پنهنجي ڪاروبار جي وڌاءَ لاءِ چور، ڌاڙيل بڻائڻ جي ڪوششن ۾ آهن. ته پوءِ اهي معصوم سنڌي ڀلي دُنيا اڳيان نيچ، ذليل و رسوا رهن ۽ هميشه لاءِ انهن پيرن، شاهن ، ميرن، رئيسن، راشي ڪامورن، ڀوتارن ۽ پوءِ ڍايل ڌاڙيل نما وڏيرن ۽ جاگيردارن، جي دروازي تي پنهنجي عزتمند عورتن سميعت جُتيون گسائين. ۽ سندن ڇاڙتا ۽ غلام ٿي رهن ۽ خدمت ڪندا رهن.
ته دوستو ! اهڙن معصوم سنڌين کي بچائڻ لاءِ ۽ اهڙن ڀوتارن ۽ راشي ڪامورن جي ان سازش ۽ مشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ، اسان (ايجيوڪيٽ سنڌ مشن) تحت، مُفت موبائل ۽ آن لائين اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين جو پروگرام جوڙيو آهي، جيئن ڳوٺ ڳوٺ ، گهر گهر، پُهچي معصوم سنڌي ماڻهن کي وچڙيل بيمارين بترتيب : (موالي، پينون فقير، ڀڙوو، ڇاڙتو ،چور، ڌاڙي ۽، پاٿاريدار)، ٿيڻ کان بچائي ايجيوڪيٽ ڪري سگهجي ته هو اهي معيوب پيشو اپنائڻ بجاءِ، هوعلم ۽ ڪا ڪرت (فن) سکي روزگار حاصل ڪري ۽ ڏيهه پرڏيهه وڃي محنت ڪري حلال جو روزگار ڪمائي سگهي ۽ واپس عزت وارو انسان ٿي وري جنهنجي تربيت هُن باب الاسلام وارو سنڌي بڻجي ورتي هُئي ۽ دُنيا سان ترقين ۽ ذهانتن ۾ سامهون اچي، هميشه لاءِ ڪاپي ۽ سفارشي، رشوتي ڪلچر کان بچي، ميرٽ ۽ ٽيلنٽيڊ سنڌي ٿي اُڀري.
هن پيج تان اسان سڀني دوستن لاءِ کي مُفت سکيا جو پروگرام بڻايو اهي ته جيئن پاڻ به سکن ۽ اهڙن معصوم سنڌين کي به سيکاري ڀوتارن جي غلاميءَ مان ٻاهر آڻين. هي سکيا، اُستادي شاگرديءَ جي آڙ ۾ 4 يا 5 سالن کان پوءِ سکي اڳتي وڌي روزگار حاصل ڪرڻ وارن لاءِ به رهنمائي بڻبي،۽ هو چند هفتن ۾ ئي سمجهي ۽ سکي سگهندا ۽ پوءِ ڏيه پرڏيه وڃي دُنيا جهڙو ٿي، هڪدم عملي روزگار سان لڳن ته سنڌ به خوشحال بڻجي.
هن سوشل ميڊيا جي نوٽ پيج تي اسان هر ڪورس ڊزائين ڪري رکيو آهي ۽ ٻيا ڪورس به ڊزائين ڪري رکنداسون جيئن توهان انهن تي ڀيرو ڀريو. جيڪي سيکڙاٺ اهو علم پرائي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ته اُهي پاڻ کي اسان وٽ پنهنجي ڪرت ۽ تعليم جي ڊيٽا موڪلي رجسٽر ڪن ته اُهي مُفت ڪورس جي سکيا ۽ تڪميل کان پوءِ ان قابل بڻجن ته ڪنهن اداري ۾ وڃي ڪم ڪري سگهن ۽ اُنهن جون ٽيسٽون پاس ڪري روزگار حاصل ڪن.
دوستو سگهوئي اسان ۽ توهان ملي، ڳوٺ ڳوٺ وڃي موبائل سکيا جو پلان به تيار ڪنداسون ۽ جلد ئي هڪ باقائدگيءَ سان ڪم ڪندڙ ۽ قائم تعليمي مرڪز، بنام (ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر ) جو سنڌ جي وچ واري شهر نيوسعيدآباد ۾ اهتمام ڪرڻ ۾ به رڌل اهيون جتي پورن اڪئپمينٽس سان ريگيولر (ٻنپهر ۽ شام ۽ رات) ۽ ويڪلي ڪورس ڪرائي توهان کي تعليمي ميدان ۾ ڌارين قومن جي مد مقابل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. اسان اپيل ٿا ڪريون ته هر ڳوٺ ۾ جي ڪو سماجي ڪم سان مُحبت رکندڙ تعليم يافته فرد رهي ٿو ته آهي ته اهو اسان سان ٻانهه ٻيلي ٿئي ۽ هن سنڌي قوم جي خدمت ۾ ڀائيار ٿئي ته سنڌي قوم کي جهالت ۽ اونداهيءَ مان ۽ عياش ۽ شودن وڏيرن ۽ ڀوتارن جي غلاميءَ مان ٻاهر ڪڍي سهجي ۽ موالي، پينو فقير، ڀڙوو، چور يا ڌاڙيل بجاءِ هڪ محنت ڪش ، هُنر ڄاڻي روزگار ڪندڙ ۽ حق حلال ڪمائي کائڻ وارو سنڌي بڻائي سگهجي. اسانجو ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي نڌڻڪي قوم جو ساٿ ڏيو.
 
Back
Top