آزاد نظم خادم گهراڻو

khadim ghirano

سينيئر رڪن
آزاد نظم خادم گھراڻو

هن جو جيءُ جھريل

اکين ۾ لڙڪن جي لار

پوءِ به نيڻن منجھه

هڪ آهيس آس

سختيون سٺيون

من ماندو ڪيو

جنهن ڪاڻ

اهو ايندو

هن جا

ڏولاوا ڏور ڪندو پر هن کي

سڌ نه آهي

وقت نه بدليو

انسان بدليو

هن جو سهارو

هن کي کي ڇڏي

دنيا جي گھيري ۾

هن کي وساري ڇڏيو

پر آهيس آس

هن جو پٽڙو

ايندو

هن جو سهارو بنجندو
 
Back
Top