عثمان فقير سانگي جا ڪجهه بيت

غلام مرتضى ٿهيم

سينيئر رڪن
بيت
خيال خدائي جي خيال ۾، وڃيائي تون ويهه،
وحدت جي درياءَ ۾، پاڻ ڇڏي تون پيهه،
هيٺ م ي هر جاءِ آهي، ڏيهي تنهنجو ڏيهه،
سڄڻ ۽ ساڻيهه، آهين تون ”عثمان“ چئي.
)*(
ڪين کڻي ويا ڪين ڏي، ڪين ڏنئون ڪين،
قرب سڃاڻي ڪين جو، ڪين ڪڇن ٿا ڪين،
ڪين ڏنئون ڪين، الف بنا ”عثمان“ چئي.
)*(
ڪين کڻي ڪين ۾، ڪين به ڏنئون ڪين،
قلزم ڪارنڀار جي، ڪنڌي آهي ڪين،
تو ۾ ساري ڪين، آهي ”عثمان“ چئي.
)*(
ڪين کڻي ڪين ۾، ڪيو ويراڳين وٿاڻ،
نڪو آدم آدمين، نه ڪو پڻس ڪين،
بيرن بيرن ساڻ، امل ٿيا ”عثمان“ چئي.
)*(
ڪين کڻي ويا ڪين ڏي، هوڪين ٿيا وڃي ڪين،
قرب سڃاڻي ڪين جو، هو ڪين ڪڇن ٿا ڪين،
پوءِ ڪين ڏسن ٿا ڪين، الف بنا ”عثمان“ چئي.
 
Back
Top