• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تلهار جي تاريخ دستاويزي سهيڙ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jtebSFjibUClT.jpg

تلهار سنڌ جي لاڙ پاسي جو بدين ضلعي جو شهر آهي جيڪو هاڻي تعلقي جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي. تلهار شهر تي محترم عبد الشڪور ايم کتري جو لکيل ڪتاب ”تلهار جي تاريخ“ منهنجي هٿن ۾ آهي. هي ڪتاب تلهار بابت هڪ دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. تلهار بابت اڳ ان قسم جي ڄاڻ ڪٿي به موجود ڪانه هئي پر سائين عبدالشڪور نه صرف ان کي انٽرنيٽ تي آندو آهي پر ان سان گڏ سڀني لکڻين، ڊيٽا ۽ ڄاڻ کي سهيڙي ڪتابي شڪل ۾ آندو آهي. هي ڪتاب اڳتي لاء تلهار جي تاريخ لکندڙن لاء هڪ رهنما جي حيثيت ماڻيندو. تلهار شهر بابت تاريخي، سياسي، سماجي، ادبي حوالي سان سڀ ڪجهه موجود آهي. جيتوڻيڪ هي ڪتاب تلهار ۾ به ڪافي ماڻهن جي+ تنقيد جو نشانو بڻبو ڇو ته ليکڪ سان ماڻهن جو رويو هاڪاري گهٽ ئي رهيو آهي. ڪتاب ۾ تلهار ۾ رهندڙ ذاتين، تلهار جي اوليائن ۽ انهن بابت روايتن، تلهار جي سياسي تاريخ، سياسي شخصيتن، تلهار جي تاريخي بلڊنگز، روڊن، ڊاڪٽرن ،استادن، اسڪولن، سماجي تنظيمن، ادبي ۽ علمي شخصيتن، سميت ڪجهه عام مضمون ۽ ڄاڻ به شامل ڪئي وئي آهي.
هي ڪتاب پڙهي مونکي به تلهار بابت گهڻي ڄاڻ ملي. سائين عبد الشڪور جس لهڻو جو ايڏو وڏو ڪم اڪيلي سر ڪيو اٿس. سندس لکائي موتي جي داڻن مثال آهي. سندس لکيل هٿ اکر ۽ خط مون سانڍي رکيو آهي.
پڪي جلد، رنگين ٽائيٽل، سٺي پيپر ۽ پلاسٽڪ ڪوٽنگ ڪور سان گڏ 200 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 400 روپيا آهي جيڪو ساحل پرنٽرز حيدر آباد پاران ڇپايو ويو آهي.
 
Back
Top