• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌين جا 13 بلوچ قاتل مقابلي ۾ مارجي ويا ـ ويچارن ڪجھه سنڌي قومپرستن کي صدمو ـ

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
07 سنڌي ۽ 13 سرائيڪي بي گناهه پورهيتن کي بلوچستان جي شهر تربت ۾ ٽارگيٽ ڪري قتل ڪند، هڪ بلوچ ويڙهاڪ گروپ سان واسطو رکندڙ 13 قاتل مقابلي ۾ مارجي ويا آهن، جنهن جي ذميداري بي ايل ايَف يعني بلوچستان لبريشن فرنٽ، ڪئي هئي ـ اها خبر جيو ٽي وي ڏني ـ
ياد رهي ته ڪجھه سنڌي قوم پرستن، بيگناهه سنڌي پورهيتن جي بلوچستان ۾ قتل کي نندڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اهي سنڌي پورهيت ٿرپارڪر ۽ بدين کان پنهنجو روزگار ڪمائڻ لاءِ ڇو بلوچستان ڪھي ويا هئا؟ ساڳي وقت ته هو اهو به ٻڌائڻ کان لاچار هئا ته انڊس ڊيلٽا جي پنجاب طرفان تباهيءَ سبب لکين سنڌي مهاڻن سنڌ کان لڏپلاڻ ڇو ڪئي جن مان گھڻائي، اڄ به پنجاب جي ڍنڍن تي آباد آهي؟ مختلف علائقن جا پورهيت، نه رڳو ساري ملڪ ۾ روزگار لاءِ وڃن ٿا پر ملڪ کان ٻاهر به ويندا رهندا آهن ۽ ائين ساري دنيا ۾ ٿيندو رهندو آهي ـ جيئڻ ڪارڻ جيڏيون مون وڏا وس ڪيا ـ
هاڻ ڏسون ته 20 سنڌي ۽ سرائيڪي بيگناهه پورهيتن جي، 13 بلوچ قاتلن جي موت تي، اهي هٿ ٺوڪيا سنڌي قومپرست (سڀ نه ) ڪڏهن ٿا سوڳ ملهائين؟
 
Back
Top