• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بلوچستان ۾ شهيد ٿيل سنڌي پورهيتن جو ڪل انگ 07 نه پر 20 هو

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
تازو بلوچستان جي شهر تربت ۾ بلوچ دهشتگرد تنظيم يعني بي ايل ايف جيڪي پورهيت شهيد ڪيا هئا تن مان سنڌين جو ڪل انگ 07 نه پر 20 هو ڇاڪاڻ ته شهيد ٿيندڙسمورا پورهيت سنڌي هئا ـ انهن مان 05 ٿري، ٻه تلهار جا هئا ۽ 13، هاڻ پڪو پتو پيو آهي ته ماڇڪيَ جا هئا، اهو علائقو سنڌ جو آهي پر ون يونٽ ٽٽڻ وقت جنرل يحى خان ناجائز طور پنجاب سان شامل ڪيو هو ـ

اها افسوس جي ڳالهه آهي ته بلوچستان ۾ سنڌين جي قتلام تي ڪجھه سنڌي قومپرست خاص ڪري دبئي ۾ رهندڙ هڪ قومپرست، شادمانا ملهائي رهيا آهن ۽ بي گناهه سنڌي پورهيتن جي قتلن کي جائز قرار ڏيئي رهيا آهن جڏهن ته بلوچ لبريشن فرنٽ ان جي اڳ ئي ذميداري قبول ڪئي آهي ـ انهيءَ موقعي تي ليوي جي 09 بلوچن کي سر جيئدان ڏنو ويو هو ۽ اهو سڀ ڪجھه شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري ڪيو ويو هو ـ
اهي سڀ ڳالهيون ثابت ڪن ٿيون ته دهشتگردن، ڄاڻي واڻي 20 سنڌين کي شهيد ڪيو هو پر سڀ کان وڏي افسوس جي ڳالهه، سنڌي قومپرستن جي آهي جيڪي دهشتگردن جي کليو کلايو حمايت ڪندا رهيا آهن ۽ چوندا رهيا آهن ته هنن سنڌي پورهيتن کي ماري درست ڪيوـ افسوس ـ
 
سائين اهي سڀ هڪ ٻي جا ڀا آهن انهن جي اک خبر ناهي ڪڏهن کلندي آهي ، ڪڏهن ڪنهن جي مخالفت ڪندا آهن ته ڪڏهن ڪنهن جي حمايت کندا آهن، ڪڏهن گاريون ڏيندا آهن ته وري ڪڏهن ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلندا آهن ، انهن مان اميد رکڻ نه گهرجي .
 
Back
Top