• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي تعليم لاءِ نصاب نه پر نظام تعليم هڪ جهڙو گهرجي

سنڌ جي تعليم

___________

سنڌ کي تعليمي نصا ب جي تبديلي جي ضرورت نه آهي بلڪ هڪ نظام تعليم جي ضرورت آهي جيڪو ڌرتي جي وجود سان وابسته هجي ۽ هي آڪسفورڊ ،هي ڪيمبرج ۽ آغاخاني طريقو بند ڪريو جنهن جو وزن صرف ٻارن جي والدين تي وڏي ،ڳري فيس جي صورت ۾ آهي ...باقي پرائيوٽ تعليم جي نالي تي سنڌي ٻولي جي ۽ سنڌيت جي تباهي ڪرڻ بند ڪريو سنڌ ۾ ...ڪشمور کان ڪراچي تائين هڪ تعليمي نظام گهرجي جتي هر ٻار هڪ سهولت ...واري اسڪول ۾ نفسياتي هڪ جهڙائي تعليمي سرشتو هلايو ...هي پرائويٽ نظام فورن بند ڪريو ...ڇو ته اسان اڃا ترقي پذيري ۾ هلون پيا ۽ ترقي يافته تائين اهو سلسلو هلڻ گهرجي ...هر صوبي جو پنهنجو تعليمي نظام هجي .....تعليم کي سينٽرلائيزيشن جي ضرورت نه آهي ....جن وٽ الفابيٽ نه آهي ته ان سان سنڌي ٻولي جو ڪهڙو ڏوه .........سو عقل مند ٿيو سنڌي ٻولي کي پنهنجي صوبي ۾ سگهارو ڪريو ...هر دفتر آفيس اسمبلي ۽ اسڪول جي ٻولي ڪري رائج ڪريو پوري صوبي ۾ ۽ سائين بورڊس ۾ لکائي به سنڌ ۾ هجي ...هي آ معقول حل سنڌ جي تعليم ۽ يڪسانيت جو ...جي نه ته تباهي سامهو پئي نظر اچي .........
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top