سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم،
سنڌ سلامت کي اڄوڪي ڏينهن آن لائين ٿيندي ڇهه سال مڪمل ٿي چڪا... انهن ڇهن سالن ۾ سنڌ سلامت طرفان سنڌي ٻولي ۽ مواد کي انٽرنيٽ جي پنن تي وکيڙڻ ۾ ڪا قصر نه ڇڏي وئي آهي.. پر ان باوجود اڃان گهڻو ڪم ڪرڻو آهي.. هميشه جيان سنڌ سلامت سالگره ڏڻ تي انهن اڌورن ڪمن کي ساري پاڻ کي هڪ دفعو وري جوش ۾ آڻڻ جا واعدا ڪيا ويندا آهن... ڪوشش ته هن دفعي به انهن وعدن کي ورجائي عمل ڪرڻ ۾ چستي ڏيکارڻ آهي پر هن دفعي سنڌ جي ڪنهن ڏورانهين حصي ۾ هجڻ ڪري جتي اڄ جهڙي ٿري ۽ چارجي جهڙي دور ۾ پڻ انٽرنيٽ کان پري آهيان.. ان ڪري واعدن کي ياد ڪرڻ ته پري پر هن وقت رڳو سنڌ سلامت جي ڊيولپمينٽ ۽ روز روز ايندڙ نت نين ٽيڪنالاجيز جي سنڌ سلامت ۾ انٽيگريشن ئي ڏکيو ٿي پيو آهي..
اهڙي صورتحال ۾ جتي سليمان وساڻ اڪيلي سر ٻيڙي کي گهلي رهيو آهي اتي ادا عبدالحفيظ لغاري ۽ محترم عبيدالله ٿهيم جهڙن دوستن کان پڻ مدد وٺندي سلسلي کي ڳنڍيندي ٽٽڻ کان بچايو ويو آهي.. دوستن جي اهڙي سهائتا کي ڳائبو رهبو..
منهنجي هڪ سال جو ڏورانهين سنڌ ۾ آفيشل ٽاسڪ پوري ٿيڻ جي ويجهو آهي جنهن کان پوءِ ٻيهر سنڌ سلامت جي اڻپورن پروجيڪٽس کي مڪمل ڪري انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌ ٻوليءَ کي ڪجهه وڌيڪ سهل بڻايو ويندو..
اڄ ڇهن سالن کي مڪمل ڪندي جڏهن پٺتي نظر ڦيرائجي پئي ته ماضي جي مقابلي ۾ حال کي وري به بهتر پيو ڏسجي.. اڄ انٽرنيٽ جي سهولت هر ننڍي وڏي نوجوان ۽ پوڙهي پڪي جي هٿن ۾ آهي.. هتي تيز انٽرنيٽ کان پري هجڻ باوجود موبائيل انٽرنيٽ تي پاڻ کي دنيا جي باقي سنڌين سان گڏ ڏسي سمجهي سگهجي ٿو ته هي وقت آهي سنڌيت جو پيغام هر سنڌي تائين پهچائڻ جو ۽ گڏ هر سنڌي کي دعوت ڏيڻ جو ته هو به پنهنجي معلومات دنيا جي ٻين سنڌين تائين پهچائي.. پر هن عمل ۾ جيڪو ڏکيو پاسو سامهون اچي رهيو آهي سو آهي.. موبائيل ۽ ٽيبليٽس جو سنڌي فرينڊلي نه هجڻ اهو ئي سبب آهي جو سنڌ سلامت تي ڦيرو ڀرندڙ گهڻا سنڌي پنهنجي پيغامن ۽ معلومات کي ٻين سنڌين تائين پهچائڻ کان قاصر آهن..
سنڌ سلامت سنڌي ٻولي جو خالص فورم آهي.. هتي صرف ۽ صرف سنڌي مواد کي شامل ڪرڻ جي اجازت آهي.. ٻين ٻولين جي مواد کي سنڌي اسڪرپٽ ۾ تبديل ڪندي حوالي سان پيش ڪرڻ جي اجازت ته آهي پر ائين ڪرڻ هڪ محنت طلب ڪم پڻ آهي.. ان ڪري دنيا جي تيزرفتاري ۽ معلومات جي سمنڊ کي سهيڙي هر سنڌيءَ تائين پهچائڻ لاءِ هر وقت دوستن سان صلاح مشورا ٿيندا رهندا آهن..
انهن مشورن ۾ هڪ مشورو هر وقت اڳيان ايندو آهي ته ڇو نه سنڌي لکندڙن سان گڏو گڏ سنڌي رومن لکندڙن کي به پنهنجي خيالن کي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.. پر هر دفعي سنڌيت کي نقصان سمجهي ان مشوري کي رد ڪيو ويندو رهيو آهي.. جنهن سان اهڙن سنڌين جي جيڪي سنڌي اسڪرپٽ بجاءِ رومن سنڌي ۾ پنهنجي خيال کي وڌيڪ بهتر طريقي سان پيش ڪري سگهن ٿا پنهنجي خيالن کي پيش ڪرڻ جي حق تلفي ٿيندي رهي آهي.. ان کان علاوه پاڙيسري ملڪ انڊيا ڏانهن لڏي ويندڙ سنڌين سان انٽرنيٽ جهڙي تيز رابطي باوجود ڪٽيل رهجيو پيو وڃي..
رومن سنڌي لاءِ بهتر پليٽ فارم نه هجڻ ڪري اسان جا ڪافي سنڌي ڀائر هاڻي به پنهنجي خيالن کي هڪ ٻئي سان ونڊڻ لاءِ رومن اردو جو سهارو وٺندا رهندا آهن.. جيڪو پڻ هڪ ناڪاري پهلو آهي..
اردو جيڪا هتان جي لوڪلائيزيشن ۾ انٽرنيٽ تي پکيڙجندڙ سڀ کان وڏي ٻولي آهي تي جڏهن نظر ڦيرائي وئي ته معلوم ٿيو ته جتي اردو جا خالص فورم موجود آهن اتي تڪڙي ۽ سولي رابطي لاءِ رومن اردو فورم پڻ ڪافي تعداد ۾ موجود آهن..
جنهن کان پوءِ ان خال کي ڀرڻ لاءِ سنڌي رومن کي پروموٽ ڪرڻ جو خيال آيو.. پر جيئن ته اهڙو فيصلو انٽرنيٽ تي پکڙجندڙ سنڌي اسڪرپٽ لاءِ نقصانڪار ٿي سگهيو پئي ان ڪري اهو مشورو سموري سنگت آڏو پيش ڪيو ويو .. مشورن ۾ اها ڳالهه وڌيڪ وزنائتي لڳي ته سنڌي ٽائيپ نه ڪندڙن کي اردو رومن لکڻ کان بچائڻ لاءِ ننڍي پئماني تي ڪوشش ڪندي هڪ ٽرائيل طور الڳ سنڌي رومن فورم تيار ڪيو وڃي..
جنهن کان پوءِ سنڌ سلامت جي وي بليٽن لائيسنس کي استعمال ڪندي “سنڌ فورم” نالي سنڌي رومن فورم تيار ڪيو ويو آهي.. جتي سنڌي لکڻ سان گڏو گڏ سنڌي رومن لکڻ جي پڻ اجازت هوندي..
دوستن کي ياد ڏياريندو هلجي ته سنڌ فورم سنڌ سلامت کان اڳ سڀ کان پهريون سنڌي فورم هيو جيڪو مفت اسڪرپٽ پي ايڇ بي بي تي محترم اڪبر لاکو طرفان آندو ويو هو پر بدقسمتي سان وڌيڪ عرصوهلي نه سگهيو.. پر جيئن ته ان سان پراڻو ناطو هو ان ڪري ساڳي ڊومين کي ٻيهر حاصل ڪندي سنڌي رومن فورم طور عارضي عرصي لاءِ آندو ويو آهي.. جنهن جي نظامت سنڌ سلامت جي سينئر رڪن محترم عبيدالله ٿهيم کي ڏني وئي آهي..
ياد رهي ته سنڌ فورم کي رڳو هڪ سال لاءِ آزمائشي بنياد تي جوڙيو ويو آهي.. جنهن کي مستقل بنياد تي هلائڻ لاءِ سڀني سجاڳ ڌرين جي صلاحن ۽ سنڌ فورم تي هلندڙ سرگرمين کي ڏسي ڪيو ويندو..
سنڌ سلامت جي سالگره ڏڻ تي ڪيل سنڌ سلامت طرفان هن فيصلي بابت توهان پنهنجا ڪاٽو يا واڌو ويچار پيش ڪري سگهو ٿا.. جنهن کي هميشه وانگر واڌو نظر سان ڏٺو ويندو..
والسلام
سنڌ سلامت ساٿ سلامت