سنڌ سلامت کي ڇهه سال مڪمل ٿيڻ تي واڌايون

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏16 اپريل 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم،
    سنڌ سلامت کي اڄوڪي ڏينهن آن لائين ٿيندي ڇهه سال مڪمل ٿي چڪا... انهن ڇهن سالن ۾ سنڌ سلامت طرفان سنڌي ٻولي ۽ مواد کي انٽرنيٽ جي پنن تي وکيڙڻ ۾ ڪا قصر نه ڇڏي وئي آهي.. پر ان باوجود اڃان گهڻو ڪم ڪرڻو آهي.. هميشه جيان سنڌ سلامت سالگره ڏڻ تي انهن اڌورن ڪمن کي ساري پاڻ کي هڪ دفعو وري جوش ۾ آڻڻ جا واعدا ڪيا ويندا آهن... ڪوشش ته هن دفعي به انهن وعدن کي ورجائي عمل ڪرڻ ۾ چستي ڏيکارڻ آهي پر هن دفعي سنڌ جي ڪنهن ڏورانهين حصي ۾ هجڻ ڪري جتي اڄ جهڙي ٿري ۽ چارجي جهڙي دور ۾ پڻ انٽرنيٽ کان پري آهيان.. ان ڪري واعدن کي ياد ڪرڻ ته پري پر هن وقت رڳو سنڌ سلامت جي ڊيولپمينٽ ۽ روز روز ايندڙ نت نين ٽيڪنالاجيز جي سنڌ سلامت ۾ انٽيگريشن ئي ڏکيو ٿي پيو آهي..
    اهڙي صورتحال ۾ جتي سليمان وساڻ اڪيلي سر ٻيڙي کي گهلي رهيو آهي اتي ادا عبدالحفيظ لغاري ۽ محترم عبيدالله ٿهيم جهڙن دوستن کان پڻ مدد وٺندي سلسلي کي ڳنڍيندي ٽٽڻ کان بچايو ويو آهي.. دوستن جي اهڙي سهائتا کي ڳائبو رهبو..
    منهنجي هڪ سال جو ڏورانهين سنڌ ۾ آفيشل ٽاسڪ پوري ٿيڻ جي ويجهو آهي جنهن کان پوءِ ٻيهر سنڌ سلامت جي اڻپورن پروجيڪٽس کي مڪمل ڪري انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌ ٻوليءَ کي ڪجهه وڌيڪ سهل بڻايو ويندو..
    اڄ ڇهن سالن کي مڪمل ڪندي جڏهن پٺتي نظر ڦيرائجي پئي ته ماضي جي مقابلي ۾ حال کي وري به بهتر پيو ڏسجي.. اڄ انٽرنيٽ جي سهولت هر ننڍي وڏي نوجوان ۽ پوڙهي پڪي جي هٿن ۾ آهي.. هتي تيز انٽرنيٽ کان پري هجڻ باوجود موبائيل انٽرنيٽ تي پاڻ کي دنيا جي باقي سنڌين سان گڏ ڏسي سمجهي سگهجي ٿو ته هي وقت آهي سنڌيت جو پيغام هر سنڌي تائين پهچائڻ جو ۽ گڏ هر سنڌي کي دعوت ڏيڻ جو ته هو به پنهنجي معلومات دنيا جي ٻين سنڌين تائين پهچائي.. پر هن عمل ۾ جيڪو ڏکيو پاسو سامهون اچي رهيو آهي سو آهي.. موبائيل ۽ ٽيبليٽس جو سنڌي فرينڊلي نه هجڻ اهو ئي سبب آهي جو سنڌ سلامت تي ڦيرو ڀرندڙ گهڻا سنڌي پنهنجي پيغامن ۽ معلومات کي ٻين سنڌين تائين پهچائڻ کان قاصر آهن..
    سنڌ سلامت سنڌي ٻولي جو خالص فورم آهي.. هتي صرف ۽ صرف سنڌي مواد کي شامل ڪرڻ جي اجازت آهي.. ٻين ٻولين جي مواد کي سنڌي اسڪرپٽ ۾ تبديل ڪندي حوالي سان پيش ڪرڻ جي اجازت ته آهي پر ائين ڪرڻ هڪ محنت طلب ڪم پڻ آهي.. ان ڪري دنيا جي تيزرفتاري ۽ معلومات جي سمنڊ کي سهيڙي هر سنڌيءَ تائين پهچائڻ لاءِ هر وقت دوستن سان صلاح مشورا ٿيندا رهندا آهن..
    انهن مشورن ۾ هڪ مشورو هر وقت اڳيان ايندو آهي ته ڇو نه سنڌي لکندڙن سان گڏو گڏ سنڌي رومن لکندڙن کي به پنهنجي خيالن کي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.. پر هر دفعي سنڌيت کي نقصان سمجهي ان مشوري کي رد ڪيو ويندو رهيو آهي.. جنهن سان اهڙن سنڌين جي جيڪي سنڌي اسڪرپٽ بجاءِ رومن سنڌي ۾ پنهنجي خيال کي وڌيڪ بهتر طريقي سان پيش ڪري سگهن ٿا پنهنجي خيالن کي پيش ڪرڻ جي حق تلفي ٿيندي رهي آهي.. ان کان علاوه پاڙيسري ملڪ انڊيا ڏانهن لڏي ويندڙ سنڌين سان انٽرنيٽ جهڙي تيز رابطي باوجود ڪٽيل رهجيو پيو وڃي..
    رومن سنڌي لاءِ بهتر پليٽ فارم نه هجڻ ڪري اسان جا ڪافي سنڌي ڀائر هاڻي به پنهنجي خيالن کي هڪ ٻئي سان ونڊڻ لاءِ رومن اردو جو سهارو وٺندا رهندا آهن.. جيڪو پڻ هڪ ناڪاري پهلو آهي..
    اردو جيڪا هتان جي لوڪلائيزيشن ۾ انٽرنيٽ تي پکيڙجندڙ سڀ کان وڏي ٻولي آهي تي جڏهن نظر ڦيرائي وئي ته معلوم ٿيو ته جتي اردو جا خالص فورم موجود آهن اتي تڪڙي ۽ سولي رابطي لاءِ رومن اردو فورم پڻ ڪافي تعداد ۾ موجود آهن..
    جنهن کان پوءِ ان خال کي ڀرڻ لاءِ سنڌي رومن کي پروموٽ ڪرڻ جو خيال آيو.. پر جيئن ته اهڙو فيصلو انٽرنيٽ تي پکڙجندڙ سنڌي اسڪرپٽ لاءِ نقصانڪار ٿي سگهيو پئي ان ڪري اهو مشورو سموري سنگت آڏو پيش ڪيو ويو .. مشورن ۾ اها ڳالهه وڌيڪ وزنائتي لڳي ته سنڌي ٽائيپ نه ڪندڙن کي اردو رومن لکڻ کان بچائڻ لاءِ ننڍي پئماني تي ڪوشش ڪندي هڪ ٽرائيل طور الڳ سنڌي رومن فورم تيار ڪيو وڃي..
    جنهن کان پوءِ سنڌ سلامت جي وي بليٽن لائيسنس کي استعمال ڪندي “سنڌ فورم” نالي سنڌي رومن فورم تيار ڪيو ويو آهي.. جتي سنڌي لکڻ سان گڏو گڏ سنڌي رومن لکڻ جي پڻ اجازت هوندي..
    دوستن کي ياد ڏياريندو هلجي ته سنڌ فورم سنڌ سلامت کان اڳ سڀ کان پهريون سنڌي فورم هيو جيڪو مفت اسڪرپٽ پي ايڇ بي بي تي محترم اڪبر لاکو طرفان آندو ويو هو پر بدقسمتي سان وڌيڪ عرصوهلي نه سگهيو.. پر جيئن ته ان سان پراڻو ناطو هو ان ڪري ساڳي ڊومين کي ٻيهر حاصل ڪندي سنڌي رومن فورم طور عارضي عرصي لاءِ آندو ويو آهي.. جنهن جي نظامت سنڌ سلامت جي سينئر رڪن محترم عبيدالله ٿهيم کي ڏني وئي آهي..


    ياد رهي ته سنڌ فورم کي رڳو هڪ سال لاءِ آزمائشي بنياد تي جوڙيو ويو آهي.. جنهن کي مستقل بنياد تي هلائڻ لاءِ سڀني سجاڳ ڌرين جي صلاحن ۽ سنڌ فورم تي هلندڙ سرگرمين کي ڏسي ڪيو ويندو..
    سنڌ سلامت جي سالگره ڏڻ تي ڪيل سنڌ سلامت طرفان هن فيصلي بابت توهان پنهنجا ڪاٽو يا واڌو ويچار پيش ڪري سگهو ٿا.. جنهن کي هميشه وانگر واڌو نظر سان ڏٺو ويندو..
    والسلام
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهو ڪم به لاڀائتو پر سچ اهو آهي ته اسان جهڙا ماڻهو رومنائيزيشن کان ڀڄندا آهن .... ڇو ته رومن سنڌي کي پڙهڻ ايئن آهي ڄڻ جنن جي ٻولي هجي .... پوء به اوهان ڀلي ان کا هلائي ڏسو ته نتيجا ڇا ٿا اچن
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا مان اوهانجي ڳالھ سان متفق آهيان
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ڪجهه مهينا اڳ جڏهن سائين رشيد سان سنڌي ٻولي بابت تفصيلي ڪچهري پئي ٿِي ته اُن وقت هڪ ٻيو سوال ذهن ۾ اُڀريو، اُهو هو رومن سنڌي کي عام ڪرڻ.
    سنڌسلامت تي ڪجهه دوستن پاران رومن سنڌي ۾ ڪجهه موضوع موڪليا ويا ته سوچيوسين اسان به هڪ رومن فورم ٺاهيون جيڪو صرف ۽ صرف رومن سنڌي تي ئي هُجي ، جنهن جا فائدا تمام گهڻا آهن... فون تي ڳالهيون هلنديون رهيون سي به ڏاڍو هو رات جا 11 ٿيا هُئا ۽ سائين رشيد کي جڏهن فورم ٺاهڻ جو چيم ته سڀ کان پهريون سوال سائين رشيد اهو اٿاريو ته ”فورم کي سنڀاليندو ڪير؟ فورم کي سنڀالڻ هڪ ماڻهو جي وَس ناهي“. ته اُن وقت مون حامي ڀَرِي، فورم کي سنڀالڻ ، ان کي پروموٽ ڪرڻ، ماڻهن کي رومن سنڌي طرف آڻڻ مطلب ته سڀني ڪمن جي مون حامي ڀَرِي ته سائين رشيد به ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هُن صرف ٻن ڏينهن ۾ فورم جو اسڪرپٽ سَرور تي رکي مونکي لنڪ ڏِنو ، جيڪو عارضي هو ۽ پو اُن تي سائين رشيد ڪَم به ڪيو ۽ پو مونکي اختيار ڏَنائين.
    فورم جو پهريون مرحلو جڏهن مڪمل ٿيو ته ٻيو مرحلو آيو فورم جي ڪيٽيگيز کي ٺاهڻ جو، ان ۾ سائين عبدالحفيظ لغاري کان صلاح مشورا وٺندو رهيس ۽ سائين رشيد پنهنجي آفيشل ڪم ۾ مصروف ٿي ويو هو ان ڪري کيس گهڻو تنگ نٿي ڪرڻ چاهيم ;) . بحرحال جڏهن فورم جون ڪيٽيگريز ٺهي ويون ته پو فورم جو ڊومين نيم وٺڻ لا سائين رشيد کي فون ڪال ڪيم.. ته سائين رشيد جڏهن فورم ڏِٺو ته اُن تي تمام گهڻو ڪم ٿيل هو ، سائين رشيد جا خوشي ۾ چيل لفظ مونکي اڃان به ياد پيا اچن ۽ سائين رشيد ان فورم جو ڊومين به وٺي ڇڏيو..
    ٻنپهرن جا 12 ٿيا هُئا ته سائين رشيد فون ڪري چيو ته ”عبيد فورم جو ڊومين وٺي ڇڏيو اٿم ۽ فورم کي چيڪ ڪري وٺ ته يو.آر.ايل صحيح ڪم ڪري ٿي؟“ :) ، بس پو منهنجي خوشي جي ڪا حد نه رَهي، ڳوٺ ۾ نيٽ اسپيڊ سِلو هئڻ ڪري موٽرسائيڪل تي ليپٽاپ کڻي شهر هليو آيس ۽ اُتي فورم تي بقايا ڪم ڪرڻ شروع ڪيم.. ليپٽاپ به گرم ٿي ويو (اُهو ان ڪري جو ڳوٺ ۾ جڏهن ليپٽاپ پئي هلايم ته ليپٽاپ تڪڙ ۾ بند ڪرڻ وسري ويو ۽ ائين کڻي بيگ ۾ رکيم، جڏهن شهر پهتس ته ليپٽاپ هليو پئي.. :D ) پر ليپٽاپ مان هٿ ڪڍڻ تي دل ئي نه چوي...
    اهي سڀئي ڪم مڪمل ٿيڻ کان پو آيو فورم جو لوگو ۽ بينر ٺاهڻ ۽ لڳائڻ جو مرحلو ، مون هڪ اڌ لوگو ٺاهيو پر مونکي نه وڻيو اُن ڪري مون منهنجي محسن استاد ابو واصف کي چيم ، سائين جَن ٻن ڏينهن ۾ لوگو ٺاهي موڪليو ته پو بينر ٺاهڻ منهنجي لا آسان ٿي پيو.. فورم جو بينر ٺاهي اهو لڳايم ۽ فيويڪان به لڳائي فورم تان ٻه ٽي ڏينهن غائب ٿي ويس ۽ انتظار ڪرڻ لڳس سائين رشيد جي ڪال جو. جڏهن فورم کي لانچ ڪرڻ جي باري ۾ سائين رشيد کي چيم ته سائين رشيد چيو ”اڃان ان تي گهڻو ئي ڪم رهيل آهي جيڪو مڪمل ڪري پو ئي لانچ ڪنداسين“ . اهو ڪم جڏهن مڪمل ٿي ويو ته سائين رشيد پنهنجي آفيشل ڪمن ۾ تمام گهڻو مصروف ٿي ويو. سائين رشيد جيڪو آفيشل ڪمن ۾ تمام گهڻو مصروف هئڻ باوجود به هِن فورم تي ايڪٽوٽي برقرار رکندو اچي ، آئون سندس ٿورائتو آهيان جو هُن مونکي اِن لائق سجهيو ۽ سنڌفورم جي ايڊمن جا اختيار ڏنائين.
    جيئن ته هر فورم کي ايڪٽو ان جا ميمبرز ئي رکندا آهن، فورم هوندو آهي ميمبرز سان ۽ جيڪڏهن ميمبرز ئي نه هُجن ته فورم نه هلي سگهندو. آئون سڀني دوستن کي گذارش ٿو ڪريان سڀئي دوست جيڪي سنڌسلامت ۽ فيسبوڪ موبائل تان استعمال ڪندا آهن ۽ اُهي اردو رومن استعمال ڪندا آهن ته انهن کي گذارش ٿو ڪريان ته مهرباني ڪري پنهنجي ٻولي ۾ لکو، پنهنجي ٻولي کي ترقي وٺرائڻ ۾ هٿ هٿ ۾ ملايو.
    باقي جن دوستن کي رومن سنڌي پڙهڻ ۾ ڏُکي پئي لڳي ته اُهي به آهسته آهسته هِري ويندا (جيئن آئون). رومن اردو پڙهڻ آسان اُن ڪري آهي جو اُها سالن کان استعمال ٿيندي پئي اچي ، جڏهن رومن سنڌي عام ۽ جام ٿي ويندي ته سنڌي ماڻهون رومن اردو لکڻ کان پري ڀڄندا اُهي به رومن سنڌي لکندا (انشا الله). :rolleyes:
    وري به آئون ٿورائتو آهيان سائين ذيشان رشيد جو جنهن پنهنجي آفيشل وقت مان ڪجهه وقت ڪڍي فورم کي لانچ ڪيو . ;):)
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سڀ کان پهرين سنڌ سلامت جي سرواڻ ادا رشيد کي ۽ ٻين دوستن کي هن محبتن جي منڊلي ۽ سهڻي اوطاق جي 6هين سالگرهه تي دل جي گهرائين سان واڌايون.. 4 ڏينهن کان ڪمپيوٽر کان لاگ ان نه ٿيڻ سبب سنڌ سلامت جو ڀيرو به نه ڀري سگهيس. پر اڄ هن موضوع کي پڙهي دل خوش ٿي وئي..
    معمول مطابق ادا رشيد هر سالگرهه تي اوطاق جي ميمبرن لاءِ ڪو نئون تحفو کڻي ايندو آهي، هن ڀيري پيش ڪيل تحفو به وڻيو. رومن سنڌي ۾ فورم بلڪل هجڻ کپي ۽ ان تي ڪم ٿيڻ کپي.. توڙي جو هن وقت سائين ماجد ڀرڳڙي ۽ سندن ٽيم جي مهرباني سان ويب تي سنڌي لکڻ صفا آسان ٿي ويو آهي پر جيڪو مواد هينئر تائين رومن سنڌي ۾ انٽرنيٽ تي لکيو ويو آهي ان کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ لاءِ به ڪو فورم هئڻ کپي يا وري نون دوستن لاءِ جن کي اڃان سنڌي اکر ٽائپ ڪرڻ نه ٿا اچن يا وري اهي موبائل تان گهڻو لاگ اِن ٿين ٿا انهن لاءِ رومن سنڌي فورم جوڙڻ هڪ تمام بهترين ڪم آهي..
    اسان توهان دوستن سان گڏ آهيون.. سلامت رهو.. سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    اهيو ڪم وڻيو
    نئون فورم ڏسي بيحد خوشي ٿي
    ادا رشيد ۽ عبيد جا لک قرب
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. محمد بخش لغاري

    محمد بخش لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 فيبروري 2010
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    283
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    مير پور ماٿيلو
    سنڌ سلامت جي سموي سٿ کي مبارڪون......
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا رشيد کي سنڌ سلامت فورم کي مسلسل ڇهه سال پورا ڪرڻ تي دل جي گهرائين سان مبارڪ باد پيش ڪجي ٿئي
    ۽ انهن دوستن جي پڻ جنهن جو سنڌ سلامت فورم کي هلائڻ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي
    ادا رشيد ۽ انهن دوستن جي ڪري ئي هي سنڌ سلامت فورم جو ميلو متل آهي
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سنڌ سلامت جي سموي سٿ کي مبارڪون.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سجاد علي سومرو

    سجاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    237
    ورتل پسنديدگيون:
    371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    Shahdadkot
    مبارڪون هجن سنڌ سلامت جي سموري ساٿ کي.
    ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي........
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو