بگهڙ جو صفتون ۽ خصلتون ٻُڌائڻ کان نٿو تڪجين جيڪو تنهنجي جان جو دشمن آهي. ڪتي کان ان جي حقارت ڏسي نٿي سگهجي جيڪو سندس چوڪيداري ٿو ڪري. گهڻائي ماڻهون به اهڙا ئي ڪمال ٿا ڪن جيڪي انهن جي خدمت ڪن اُهي انهن لا حقير آهن ۽ جيڪي سندن توهين جو موقعو به نه ڇڏين اُهي انهن لا عزتدار ڳڻجن ٿا. واه ڙي انصاف تُنهنجا تقاضا.