ادا خيردين ! ڏاڍو ڏک ٿيم ته ريل گاڏي تُنهنجي ڳئون کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو. الله سائين توکي صبر ڏي. تُنهجي ڳئون ڏاڍي پياري هُئي، ڳوٺ ۾ گهندي ڦرندي رهندي هُئي ! ڀلا اهو ٻُڌا ريل گاڏي جي هيٺان آئي ڪيئن ! ادا هو ريل گاڏي ڏسي اچي ڀڳي ! خيردين ڪڙي دل سان ٻُڌائڻ لڳو. ڳئون ڏسي انجڻ پٽڙِ تان لهي آئي، ٻني ۾ سندس پيڇو ڪندي رهي، ڳئون ڀڄندي ميدان ۾ پُهتي ته انجڻ اُتي به کيس نه ڇڏيو ۽ اچي پُهتي ۽ پو کيس پڪڙي گهلي ريل پٽڙِ تائين پُهچي وئي کيس پنهنجي ڦيٿن هيٺان چچڙي، سيٽي وڄائيدي اڳتي روانو ٿي وئي. پو سوچي کر دماغ ! توکي اها خبر ڪانهين ته ماڻهون ۽ جانور ريل گاڏي هيٺان ڪيئن ايندا آهن؟