هڪ سنڌي اخباري نمائندو به پوڙهن ۽ رٽائرڊ ماڻهن لا ٺهيل گهر ۾ پُهچي سندن طويل عمر جو رازمعلوم ڪرڻ پُهچي ويو. ان گهر ۾ اڇن وارن ۽ جهڪيل چيلهن وارا پوڙها ئي رهندا هُئا جنهن سان سندن طويل عمر ظاهر ٿيندي هُئي. سنڌي جرنلسٽ جڏنهن اُتي موجود هڪ پوڙهي شخص جي چهري جي گهنج پيل چهري کي ڏسي ساڻس انٽرويو ڪرڻ پهتو، جنهن جي هٿ پير الغرض جسم جا سڀئي وار بلڪل اڇا پئي ڏٺا ۽ هٿن پيرن ۾ لرزش ۽ پورو جسم ڏڪندڙ پئي لڳس ته کائنس سوال ڪيائين جرنلسٽ : سائين توهان ٻُڌائيندا ته جواني ۾ توهانجا مشغلا ڪهڙا هُئا. پوڙهو : (ڏڪندڙ آواز ۾) مونکي سُلفي ۽ ٻيڙي پيئڻ سان گڏ، ڀنگ ۽ ديسي ٺري (ڪچو شراب) پيئڻ ۽ ڏينه رات مڪانن ۽ اوتارن تي چرس جي سوٽن ڀرڻ ۽ ڀنگ پيئڻ جو شوق هو. چانهه به گهڻي پيئندو هوس . جوا به ايتري گهڻي ڪندو هوس جو مڪان ۽ اڏي تي ڏينهن جا ڏينهن پيو هوندو هوس خبر ئي ڪانه پوندي هُئي ته ڪڏنهن صبح ٿيو ۽ ڪڏنهن رات . الله ڀلو ڪري شاهن ۽ پيرن جوجيڪي اهي قيمتي انمول شيون پيا پُهچائيندا هُئا جن جي اسان غريبن کي خريد ڪرڻ جي جسارت ڪانه هوندي آهي ۽ پويان اهي ڀوتار مُنهنجي نياڻين ۽ زالن ، نهن جو خيال به پيا رکندا هُئا. آئون ڪونه رکي سگهندو هوس ! جو آئون ته نشي ۾ ئي هوندو هوس ! شاباس هُجين ! جرنلسٽ : (حيرت ۾) ماشاالله اهي ڀوتار آهن ئي سنڌي قوم جا همدرد! اسان جا همدرد، اسان کي مجال آ جو ڪو ڪم ڪرڻ ڏين ! بيشڪ شابس هُجين! ڀلا سائين توهانجي عمر ڪيتري هوندي هن وقت! پوڙهو : (هٿ جي آڱرين تي ڳڻي) ابا ٻٽيه سال ! هن اڇن وارن تي نه وڃجائين! دوستو بيشڪ هي قوم سان کل ڀوڳ ڪرڻ ۽ شرم جو مقام آهي پو به اسان غلامي کان باز نٿا اچون! ممڪن آهي ڪي ڀوتارن جا پاٿاريدار مُنهنجي هن ڳالهه کي مذاق ۾ اڏائي چون ته ڀلا هن ۾ کل ڀوڳ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. ڇا قوم سان اها مذاق (کل ڀوڳ) ناهي! فيصلو اوهان ئي ڪندا.
ڇا ڪنهنکي توهان کل ڀوڳ ڪندي به شرمسار ٿي روئندي به ڏٺو آهي نه ! ته هي به هڪ اهڙي صنف آهي. دوستو بيشڪ هي قوم سان کل ڀوڳ ڪرڻ ۽ شرم جو مقام آهي پو به اسان غلامي کان باز نٿا اچون! ممڪن آهي ڪي ڀوتارن جا پاٿاريدار مُنهنجي هن ڳالهه کي مذاق ۾ اڏائي چون ته ڀلا هن ۾ کل ڀوڳ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. ڇا قوم سان اها مذاق (کل ڀوڳ) ناهي! فيصلو اوهان ئي ڪندا.
قوم جي ذلت توهانکي مزاق ٿي لڳي ؟؟؟ شرم اچڻ کپي اهڙن ليکڪن کي جيڪي قومي ڏکن ۽ زيادتن کي به کل ڀوڳ ۾ شامل ڪري پنهنجون لکڻيون پيش ڪن ٿا.