شعر جو جواب شعر ۾

ڪنهن مهربان جي شعر جي جواب ۾ عرض آ
_________________________________

ڏسي جو دين جون ڳالهيون اهو تو لئه مسئلو آ .......
خدا جي راه جو لائي اهو تو لئه مسئلو آ

پڙهي قرآن هو عالم ٻڌائي ٿو رباني راه ....
تنهن کان منهن لڪائين ٿو تو لئه هي مسئلو آ

رهي بي راه دنيا ۾ جيئڻ ٿو چاهين جيئن جانور ...
عقل ڪر يار بندو ٿيئءُ نه مسلماني مسئلو آ

قدرت رب جي آهي سڀ اختيار هت اهڙو
منجهايو ڪين ماڻهن کي معاشي جي مسئلو آ

هلين جي دين تي پورو جنت ٿي وڃي دنيا
هتي انڪار تنهنجو هي اسان لئه ئي مسئلو آ

وڏائي ڇڏ ڪر نوڙت خدا جي آڏو جهڪ سائين
خدا آڏو جهڪڻ تنهنجو سمجهان ٿو مسئلو آ

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top