اسان جو سائين ڪير هت

اسان جو سائين ڪير هت

سڀ کي محبت مير هت

ٿي چاهتن ۾ چال هت

وقوف ۾ ڀي وير هت

مصنوعي هت محبتون

جو پنهنجو آ سو غير هت

سڪ ۾ سوز ئي نه آ

ڪهڙو پيار پير هت

وجود ۾ سجود ناه

عبادتن ۾ ڦير هت

دنيا اٿئي مسافري

غلاظتن جو ڍير هت

دشمنيون وڌي ويون

ڪين ڪوئي خير هت

حياءُ ويو حياتي مان

ننگو نچڻ نه دير هت

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top