ڀولڙن جي هڪ پنڃري ۾ ڏاڪڻ رکي مٿي ڪجهه ڪيلا رکيا.. ۽ سائنسدانن هڪ تجربو ڪرڻ گهريو.. جڏهن به ڪيلا کڻي کائڻ لاءِ ڪو ڀولڙو ڏاڪڻ تي چڙهي مٿي ٿي ويو.. ته سائنسدانن ان جي مٿان زوردار ٿڌو پاڻي ٿي هاريو.. ان واقعي کان پوءِ جڏهن به ڪنهن ڀولڙي ڪيلن جي لالچ ۾ مٿي وڃڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي.. ته هيٺ موجود ڀولڙن ان کي ڏاڪڻ تي چڙهڻ ئي نه پئي ڏنو.. ۽ کيس ٽنگن کان گهلي واپس پٽ تي ٿي اڇلايو... ڪجهه دير کان پوءِ ڪيلن جي لالچ باوجود ڪوبه ڀولڙو ڏاڪڻ چڙهڻ جي همت نه پئي ڪري سگهيو... سائنسدانن فيصلو ڪيو ته انهن مان هڪ ڀولڙي کي تبديل ڪجي.. پهرين شيء جيڪا نئين ايندڙ ڀولڙي ڪئي سا هئي ڏاڪڻ تي چڙهي ڪيلا حاصل ڪرڻ ... پر فورن ئي ٻين ڀولڙن نئين آيل ڀولڙي کي مارڻ شروع ڪري ڏنو.. ڪافي دفعا مار کائڻ کان پوءِ نئين آيل ڀولڙي هميشه لاءِ پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته ڏاڪڻ تي ناهي چڙهڻو.. پر کيس اهو نه هو معلوم ته آخر کيس ڏاڪڻ تي چڙهڻ ڪري ماريو ڇو پئي ويو... سائنسدانن هڪ ٻيو ڀولڙو تبديل ڪيو ۽ ان سان به ساڳيو حشر ٿيو .. ۽ مزي جي ڳالهه ته ان کان اڳ تبيلي ٿيل ڀولڙو به ان کي مارڻ وارن ۾ شامل هو.. ان کانپوءِ ٽئين ڀولڙي کي تبديل ڪيو ويو جنهن سان به ساڳيو حشر (مار پوڻ) ٿيو.. ايسيتائين جو پراڻا سمورا ڀولڙا تبديل ٿي ويا.. ۽ نون ايندڙ سڀني ڀولڙن سان ساڳيو حشر ٿيندو رهيو.. هاڻي پنڃري ۾ صرف نوان ڀولڙا رهجي ويا هئا.. جن مان ڪنهن تي به سائنسدانن ٿڌو پاڻي نه هارايو هو.. پر پوءِ به هو ڏاڪڻ تي چڙهڻ واري ڀولڙي کي ماريندا هئا... جيڪڏهن اهو ممڪن هجي ها ۽ انهن ڀولڙن کان اهو پڇجي ها ته توهان ڏاڪڻ تي چڙهندڙ ڀولڙي کي ماريو ڇو ٿا ته يقينن سندن اهو جواب هجي ها ته “اسان کي ناهي خبر... اسان ته سڀني کي ائين ڪندي ڏٺو آ... ” سبق: اها ڳالهه سڀني ساٿين کي سمجهڻ گهرجي ته آخر اسان پنهنجي زندگي ائين ڇو ٿا گذاريو جيئن اها گذري پئي..؟ اسان اهو ڇو پيا ڪريون جيڪو ٻين کي ڪندي ڏسون پيا... ؟ اسان وٽ زندگي گذارڻ جو ڪو منصوبو يا پلاننگ ڇو ناهي..؟ ڇا اسان وٽ هدايت جو سر چشمو قرآن موجود ناهي ..؟ ڇا الله جي پياري نبي سڳوري صلي الله عليه والسلم هر هڪ معاملي ۾ اسان جي رهنمائي ناهي فرمائي...؟ ته پوءِ ڇا سبب آهي ته اسان ٻين کي ڏسي انهن وانگر زندگي گذارڻ چاهيندا آهيون... ۽ ڪنهن عمل کي ڪرڻ جي اها دليل ڏيندا آهيو ته سڀ ائين ڪن پيا اسان ڪيو ته ڇا ٿي پوندو...؟
شايد اهڙي طرح اها ڳالهه فطرت بڻجي وڃي ٿي جنهن جي ڪري اڳيان ايندڙ انسان ان مخصوص فڪر يا ڊپ مان نڪري نه ٿا سگهن.. انسان کي ذهن جو استعمال ڪرڻ گهرجي نه ته مثال ساڳئي ڀولڙن جو ٿيندو... بهترين سمجهاڻي
سٺي ۽ سبق آموز شيئرنگ ... اسان وٽ ڪيئي ريتون، رسمون ۽ رواج هلندا پيا اچن ... جن مان ڪيئي وقت ۽ پئسي جي بربادي کانسواءِ ڪجهه به ناهن ، پر ڇو ته ٻيا سڀ ايئن ڪن ٿا، اسان جا وڏا به ڪندا رهيا مطلب ته اهو هاڻي ريت ۽ رسم ٿي پئي، ثقافتي ڏڻ ٿي پئي يا اسان جو ٽريڊيشن ٿي پيو .... انهن سڀني کي به تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
اسان هرهڪ ڪم جي نِيت ڪرڻ کان به پهرين اهو سوچيندا آهيون ته ”ماڻهو الاءِ ڇا چوندا“... ۽ پوءِ اهو سوچي نِيت ئي ڪونه ڪندا آهيون...
اسان جا وڏا جيئن ڪري ويا لازمي اسانکي انھن جي پيروي مطابق ھلڻو آھي، جيڪڏھن وڏن جي پيروي مطابق ڪون ھلنداسين ته اسان خانداني نه سڏائباسين يا خاندان مان لاتعلق ٿي وينداسين.
ان مثال مان هڪ ٻي ڳالهه به بهترين لڳي ته يار ! جانورن ۾ به هڪ ٻي سان همدردي جو جذبو ڪيڏو بهترين تصوير آهي. جيڪو نئون ڀولڙو پڃري ۾ آيوٿي ان کي ٻين اجايو نه پي ماريو پر کين نقصان کان بچائڻ جي ڪوشش پي ڪئي حالانڪه ان سان نه ٻين کي نقصان ٿي رسيو نه ئي فائدو. اسان پنهنجو پاڻ ۽ معاشري ڏانهن ڏسون ڇا اسان ڪنهن کي تڪليف ۾ ڏسي ان جي مدد لا قدم وڌائيدا آهيون؟ انسان ايترو بي حس ۽ سخت دل ٿي ويو آهي جو جانور ته ٺهيو پر کين اڳيان انسان کي تشدد ڪري ماريو پيو وڃي ۽ هو فقط مزو وٺندي مووي ڀرڻ ۾ هوندو آهي ته نيٽ تي شيئر ڪريان. حيرت آهي اج جي حضرت انسان تي!