زندگي ائين نه گذاريو جيئن گذري پئي...

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    ڀولڙن جي هڪ پنڃري ۾ ڏاڪڻ رکي مٿي ڪجهه ڪيلا رکيا.. ۽ سائنسدانن هڪ تجربو ڪرڻ گهريو.. جڏهن به ڪيلا کڻي کائڻ لاءِ ڪو ڀولڙو ڏاڪڻ تي چڙهي مٿي ٿي ويو.. ته سائنسدانن ان جي مٿان زوردار ٿڌو پاڻي ٿي هاريو.. ان واقعي کان پوءِ جڏهن به ڪنهن ڀولڙي ڪيلن جي لالچ ۾ مٿي وڃڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي.. ته هيٺ موجود ڀولڙن ان کي ڏاڪڻ تي چڙهڻ ئي نه پئي ڏنو.. ۽ کيس ٽنگن کان گهلي واپس پٽ تي ٿي اڇلايو...
    ڪجهه دير کان پوءِ ڪيلن جي لالچ باوجود ڪوبه ڀولڙو ڏاڪڻ چڙهڻ جي همت نه پئي ڪري سگهيو...
    سائنسدانن فيصلو ڪيو ته انهن مان هڪ ڀولڙي کي تبديل ڪجي.. پهرين شيء جيڪا نئين ايندڙ ڀولڙي ڪئي سا هئي ڏاڪڻ تي چڙهي ڪيلا حاصل ڪرڻ ... پر فورن ئي ٻين ڀولڙن نئين آيل ڀولڙي کي مارڻ شروع ڪري ڏنو.. ڪافي دفعا مار کائڻ کان پوءِ نئين آيل ڀولڙي هميشه لاءِ پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته ڏاڪڻ تي ناهي چڙهڻو.. پر کيس اهو نه هو معلوم ته آخر کيس ڏاڪڻ تي چڙهڻ ڪري ماريو ڇو پئي ويو...
    سائنسدانن هڪ ٻيو ڀولڙو تبديل ڪيو ۽ ان سان به ساڳيو حشر ٿيو .. ۽ مزي جي ڳالهه ته ان کان اڳ تبيلي ٿيل ڀولڙو به ان کي مارڻ وارن ۾ شامل هو.. ان کانپوءِ ٽئين ڀولڙي کي تبديل ڪيو ويو جنهن سان به ساڳيو حشر (مار پوڻ) ٿيو.. ايسيتائين جو پراڻا سمورا ڀولڙا تبديل ٿي ويا.. ۽ نون ايندڙ سڀني ڀولڙن سان ساڳيو حشر ٿيندو رهيو..
    هاڻي پنڃري ۾ صرف نوان ڀولڙا رهجي ويا هئا.. جن مان ڪنهن تي به سائنسدانن ٿڌو پاڻي نه هارايو هو.. پر پوءِ به هو ڏاڪڻ تي چڙهڻ واري ڀولڙي کي ماريندا هئا...
    جيڪڏهن اهو ممڪن هجي ها ۽ انهن ڀولڙن کان اهو پڇجي ها ته توهان ڏاڪڻ تي چڙهندڙ ڀولڙي کي ماريو ڇو ٿا ته يقينن سندن اهو جواب هجي ها ته “اسان کي ناهي خبر... اسان ته سڀني کي ائين ڪندي ڏٺو آ... ”

    سبق: اها ڳالهه سڀني ساٿين کي سمجهڻ گهرجي ته
    آخر اسان پنهنجي زندگي ائين ڇو ٿا گذاريو جيئن اها گذري پئي..؟
    اسان اهو ڇو پيا ڪريون جيڪو ٻين کي ڪندي ڏسون پيا... ؟
    اسان وٽ زندگي گذارڻ جو ڪو منصوبو يا پلاننگ ڇو ناهي..؟
    ڇا اسان وٽ هدايت جو سر چشمو قرآن موجود ناهي ..؟
    ڇا الله جي پياري نبي سڳوري صلي الله عليه والسلم هر هڪ معاملي ۾ اسان جي رهنمائي ناهي فرمائي...؟

    ته پوءِ ڇا سبب آهي ته اسان ٻين کي ڏسي انهن وانگر زندگي گذارڻ چاهيندا آهيون... ۽ ڪنهن عمل کي ڪرڻ جي اها دليل ڏيندا آهيو ته سڀ ائين ڪن پيا اسان ڪيو ته ڇا ٿي پوندو...؟
     
    19 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    تمام سٺو مثال بيان ڪيل آهي،
     
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سهڻو مثال آ سائين ، الله پاڪ سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    شايد اهڙي طرح اها ڳالهه فطرت بڻجي وڃي ٿي جنهن جي ڪري اڳيان ايندڙ انسان ان مخصوص فڪر يا ڊپ مان نڪري نه ٿا سگهن.. انسان کي ذهن جو استعمال ڪرڻ گهرجي نه ته مثال ساڳئي ڀولڙن جو ٿيندو...
    بهترين سمجهاڻي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سٺي ۽ سبق آموز شيئرنگ ...

    اسان وٽ ڪيئي ريتون، رسمون ۽ رواج هلندا پيا اچن ... جن مان ڪيئي وقت ۽ پئسي جي بربادي کانسواءِ ڪجهه به ناهن ، پر ڇو ته ٻيا سڀ ايئن ڪن ٿا، اسان جا وڏا به ڪندا رهيا مطلب ته اهو هاڻي ريت ۽ رسم ٿي پئي، ثقافتي ڏڻ ٿي پئي يا اسان جو ٽريڊيشن ٿي پيو .... انهن سڀني کي به تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    اسان هرهڪ ڪم جي نِيت ڪرڻ کان به پهرين اهو سوچيندا آهيون ته ”ماڻهو الاءِ ڇا چوندا“... ۽ پوءِ اهو سوچي نِيت ئي ڪونه ڪندا آهيون...
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. آزاد لاکو

    آزاد لاکو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 جولائي 2015
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    واه ادا واه تمام سٺو لڳو بهترين لکندا رهو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. چانڊيو عبدالرحيم

    چانڊيو عبدالرحيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    94
    ورتل پسنديدگيون:
    188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    زميندار
    ماڳ:
    ڪڙيو گهنور،ضلع بدين سنڌ
    تمام عمدي سمجهاڻي،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عزيزالله ميمن

    عزيزالله ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    Retired form govt.
    ماڳ:
    ميمن گوٽ ماير
    سمجهاڻي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    اسان جا وڏا جيئن ڪري ويا لازمي اسانکي انھن جي پيروي مطابق ھلڻو آھي، جيڪڏھن وڏن جي پيروي مطابق ڪون ھلنداسين ته اسان خانداني نه سڏائباسين يا خاندان مان لاتعلق ٿي وينداسين.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. رياض ملڪاڻي

    رياض ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    152
    ورتل پسنديدگيون:
    415
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    ملڪاڻي بدين
    ان مثال مان هڪ ٻي ڳالهه به بهترين لڳي ته يار ! جانورن ۾ به هڪ ٻي سان همدردي جو جذبو ڪيڏو بهترين تصوير آهي. جيڪو نئون ڀولڙو پڃري ۾ آيوٿي ان کي ٻين اجايو نه پي ماريو پر کين نقصان کان بچائڻ جي ڪوشش پي ڪئي حالانڪه ان سان نه ٻين کي نقصان ٿي رسيو نه ئي فائدو.
    اسان پنهنجو پاڻ ۽ معاشري ڏانهن ڏسون ڇا اسان ڪنهن کي تڪليف ۾ ڏسي ان جي مدد لا قدم وڌائيدا آهيون؟ انسان ايترو بي حس ۽ سخت دل ٿي ويو آهي جو جانور ته ٺهيو پر کين اڳيان انسان کي تشدد ڪري ماريو پيو وڃي ۽ هو فقط مزو وٺندي مووي ڀرڻ ۾ هوندو آهي ته نيٽ تي شيئر ڪريان. حيرت آهي اج جي حضرت انسان تي!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ثانيه زهرا

    ثانيه زهرا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏14 نومبر 2014
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    تمام سٺو ۽ سبق آموز قصو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. سراج بودلو

    سراج بودلو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    101
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ليڪچرر ( سنڌ اقراڪاليج بدين)
    ماڳ:
    ڪراچي
    تمام بهترين ادا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. اسد الله لغاري

    اسد الله لغاري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2015
    تحريرون:
    34
    ورتل پسنديدگيون:
    52
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف بدين
    بھترين سائين اھو اسان کي ڪلاس ۾ بائيولاجي جي استاس بڌايو ھو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو