هي ڏيه ڏکن جو آ

هي ڏيه ڏکن جو آ

_______________

هي ڏيه ڏکن جو آ هي ديس آ دردن جو

هت روز ٿئي قتلام معصوم ۽ مردن جو

هت ممتا ٿي روئي هت ڀيڻ ويڳاڻي آ

هو پوءِ به ڏي ٿو لڪ پيار ۽ پردن جو

هت ناحق آ يارو هت ظلمت جو وارو

هت اونده جا اولا بي موت آ بندن جو

هت ڪاروباري آ ڪوڙوآ مڪاري آ

سستو وڪڻي خون ديس جي دودن جو

حياءُ ٿو وڪڻي هو بي شرم آ هي هت زور

ناپاڪ ڪري سوچون ٿو واڪ ڏي ڌنڌن جو


رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top