• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وارن تي نقش ٺاهيندڙ ماهر حجم

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
هيوسٽن (ع آ نيوز) وارن کان سواءِ عورتن جو سينگار ته ڇا پر مردن جو فيشن به اڻپورو آهي، آمريڪي رياست ٽيڪساس سان تعلق رکندڙ راب نالي مشهور حجم پنهنجي فن ۽ مهارت جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشهوي ماڻي رهيو آهي، راب ماڻهن جي وارن تي دنيا جي مختلف مشهور شخصيتن جي شڪلين جا نقش ٺاهڻ سميت مختلف ڊزائين جا خاڪا به تيار ڪري وڃي ٿو، جديد ٽيڪنالاجي مدد سان وران تي نقش ٺاهڻ جي شروعات ته هن 8 سال اڳ ڪئي هئي جيڪو اڄ ڪلهه پنهنجي عروج تي پهتل آهي. راب هن وقت تائين هالي ووڊ اداڪارن، مشهور فٽ بال رانديگرن، آمريڪي صدر باراڪ اوباما ۽ اسٽيو جانز سميت ڪيترن ئي مشهور شخصيتن جا نقش (پورٽريٽ) ٺاهي چڪو آهي، پنهنجي هٿن سان وارن تي مختلف نقش چٽڻ ته فن آهي ئي وڏي ڳالهه پر انهن ماڻهن کي به سلام آهي جيڪي اهڙو هئير اسٽائيل کڻي گهر کان ٻاهر نڪرن ٿا
 
Back
Top