وارن تي نقش ٺاهيندڙ ماهر حجم

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏19 اپريل 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG]هيوسٽن (ع آ نيوز) وارن کان سواءِ عورتن جو سينگار ته ڇا پر مردن جو فيشن به اڻپورو آهي، آمريڪي رياست ٽيڪساس سان تعلق رکندڙ راب نالي مشهور حجم پنهنجي فن ۽ مهارت جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشهوي ماڻي رهيو آهي، راب ماڻهن جي وارن تي دنيا جي مختلف مشهور شخصيتن جي شڪلين جا نقش ٺاهڻ سميت مختلف ڊزائين جا خاڪا به تيار ڪري وڃي ٿو، جديد ٽيڪنالاجي مدد سان وران تي نقش ٺاهڻ جي شروعات ته هن 8 سال اڳ ڪئي هئي جيڪو اڄ ڪلهه پنهنجي عروج تي پهتل آهي. راب هن وقت تائين هالي ووڊ اداڪارن، مشهور فٽ بال رانديگرن، آمريڪي صدر باراڪ اوباما ۽ اسٽيو جانز سميت ڪيترن ئي مشهور شخصيتن جا نقش (پورٽريٽ) ٺاهي چڪو آهي، پنهنجي هٿن سان وارن تي مختلف نقش چٽڻ ته فن آهي ئي وڏي ڳالهه پر انهن ماڻهن کي به سلام آهي جيڪي اهڙو هئير اسٽائيل کڻي گهر کان ٻاهر نڪرن ٿا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو