آتم ڪٿا قسط 1

'سنڌي ادب' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    قسط نمبر 1

    آتم ڪٿا، آتم ڪهاڻي، آٽو بايو گرافي لکڻ لاءِ ڪو خاص سبب سمجھه ۾ نه آيو آهي. ڪو غير معمولي ڪارنامو سرانجام نه ڏنو اٿم. ٽيليفون ايجاد نه ڪئي اٿم. بجليءَ جو بلب نه ٺاهيو اٿم. آگبوٽ نه ٺاهيو اٿم. ريل گاڏي نه ٺاهي اٿم، ماڻهن کي مارڻ لاءِ بم ۽ بندوقون نه ٺاهيون اٿم. حياتي بچائڻ لاءِ ڪارٽيزون جھڙيون دوائون ايجاد نه ڪيون اٿم. ڪجھه به ته نه ڪيو اٿم! مان ته ٽچ بٽڻ ۽ ٽاچني به ٺاهي نه سگھيو آهيان! ريڊيو ۽ ٽيليوزن ته پري جي ڳالهه آهي، مان ته مس ۽ مس ڪُپڙي به ٺاهي نه سگھيو آهيان. نه ڪو ملڪ فتح ڪيو اٿم، نه وڻ پوکايا اٿم، ۽ نه کوهه کوٽايا اٿم، ۽ نه ئي اڻ آرين کي آريو ڪيو اٿم. ته پوءِ ڇا جي ڪري آتم ڪٿا ٻڌائڻ تي سندرو ٻڌو اٿم! ڪوشش جي باوجود سهڻيءَ جو ميهار، ۽ نه ئي سسئيءَ جو پنهون ٿي سگھيو آهيان. نه ليلى جو قيس ٿي فراق جو رڻ وڃي وسايم، ۽ نه ئي شيرين جو فرهاد ٿي تيشي سان خودڪشي ڪيم. نه ڪَوي ڪاليداس ٿيس، ۽ نه ئي گوتم جو گياني ڀڪشو آنند ٿي سگھيم. دل جي ڪينواس تي دز چڙهي ويئي. مان ڊوانچي، وان گوگ، پڪاسو، شاڪر علي، ۽ صادقين ٿي نه سگھيس. برش سڪي ويا، رنگن پنهنجو رنگ وڃائي ڇڏيو. هڪ رنگ سڀني رنگن تي حاوي ٿي ويو، ڪفن جو رنگ، سفيد رنگ!

    مان نه راڳ ملهار جو موجد ٿي سگھيس، ۽ نه ديپڪ راڳ جو راڳي. نه باهه لڳائي سگھيس، ۽ نه ئي لڳل باھه کي برسات سان وسائي سگھيس. مون ستن سرن لاءِ سين هنئين هئي. ديوتائن مون کي اٺين سُر ۾ آلاپ جو پاراتو ڏيئي ڇڏيو. مون ڪهڙي کيپ کٽي آهي جو آتم ڪٿا لکڻ ويهي رهيو آهيان! ڇا ڪيو اٿم؟ لهي ويل سج کي ڪڏهن چاڙهيو اٿم؟ چنڊ جي چهري تان داغن کي ڊاهيو اٿم؟ ايامن جي سڏ کي ورايو اٿم؟

    مان ٽٽل خوابن، وکريل تعبيرن، رُٺل بهارن ۽ آواز بنا سازن جو ليکڪ آهيان. مان لفظن ۽ جملن جو قافلو ڪاهي رڻ ۾ مفهوم جي رُڃ پٺيان تعاقب ۾ رُلندو آهيان. حاصل ۽ لاحاصل جي وچ ۾ ڀٽڪندو آهيان. مان تسڪين خاطر نه، بلڪه وجود جي مڪمل احتجاج مان اڇل کائي لکندو آهيان. لکڻ لاءِ مون کي بهارون متاثر نه ڪنديون آهن. مان سرءُ جا سڪل پن ڏسي لکندو آهيان. چانڊوڪي رات مون کي اداس، ۽ منهنجي دل کي وياڪل ڪري ڇڏيندي آهي. تنهن ڪري، چوڏهينءَ جي رات مون کي سمنڊ جي بيچيني سمجھه ۾ ايندي آهي. مون ڦٿڪندڙ لهرن تي نثر ۾ مرثيه ۽ نوحا لکي ڇڏي ڏنا آهن. جبلن سان ٽڪرائجي ٻڏي ويل جھاز جي تختن تي سفر ڪندڙ بيباڪ وارث وچ سمنڊ ۾ منهنجا نثر ۾ مرثيه ۽ نوحا پڙهندا، ۽ بي معنى لفظن ۽ جملن جي تھه مان معنى ڪڍي وٺندا.

    مان ٽئين دنيا جي هڪ اقتصادي، سماجي، ۽ سياسي طرح ڏتڙيل ملڪ جو توائي ليکڪ آهيان. سو به غير قومي زبان جو ليکڪ! ٽئين دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ لکڻ، خاص طرح سان اقتصادي ۽ سياسي طرح تباهه حال ملڪ ۾ لکڻ خودڪشيءَ برابر آهي. مان گذريل ٽيهن ٻٽيهن سالن کان مسلسل خودڪشي ڪري رهيو آهيان. جنهن ملڪ ۾ خفيه ايجنسين جو ڄار وڇايل هجي، ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي نالي ۾ سونهن، سوچ ۽ اظهار جي آزاديءَ جي ناڪه بندي ٿيل هجي، تنهن معاشري ۽ ملڪ ۾ لکڻ جک مارڻ آهي. مون کي ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي، مان لکڻ بدران ڄڻ ڪنهن سرڪس ۾ موت جي کوھه ۾ موٽر سائيڪل هلائي رهيو آهيان. يا، سري لنڪا جي سپيري وانگر شيشي جي ديوارن درميان هڪ سؤ چاليھه زهريلن نانگن سان جيئرو رهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. مون کي ڪاريهر جي مٿي مان مڻ ڪڍڻي آهي.

    سچ پُڇو آتم ڪٿا لکڻ لاءِ مون کي اڃا به، ڪو سبب سمجھه ۾ نه آيو آهي. ڪجھه دوستن جو خيال آهي ته ضمير متڪلم ۾ لکيل منهنجيون ڪهاڻيون، گھڻو ڪري، منهنجي عملي تجربي ۽ مشاهدي جو عڪس آهن. هڪ لحاظ کان هر ڪهاڻي منهنجي آتم ڪٿا جو هڪ چيپٽر آهي. پر، مان سمجھان ٿو، ائين نه آهي. مان سندن رايي سان متفق نه آهيان. ڪهاڻيون تخليقي عمل آهن. هڪ ليکڪ معاشري مان ڪردارن کي چونڊي، ڇنڊي ڇاڻي، ڪجھه ڪردارن کي تخليق ڪري معاشري تي پنهنجي احتجاج جي ڇاپ ڇڏيندو آهي. هو ڊفينس آف پاڪستان رولز، ۽ سيفٽي اڪيٽ جھڙن جڙتو، ۽ هٿ ٺوڪين ۽ ساهه سڪائيندڙ قانونن خلاف بغاوت ڪرڻ لاءِ اتساهه ڏياريندڙ ڪردار خلقيندو آهي. قلم کي سڌو سنئون ڪلاشنڪوف جي منهن ۾ ڏيئي ڇڏيندو آهي. هو ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريندو آهي. هڪ ڪهاڻي تاريخ کي بنيادي مواد وانگر استعمال ڪندي آهي. تنهنڪري منهنجيون ڪهاڻيون منهنجي آتم ڪٿا نه آهن. منهنجيون ڪهاڻيون سماجي، اقتصادي، ۽ سياسي ناهمواري، ڏڦيڙ، ۽ ويساهه گھاتين ۾ رهندڙ، جيئندڙ، ۽ مرندڙ ماڻهن جو تحريري دستاويز آهن.

    سندن احتجاجن، بغاوتن، ۽ ويڙھه جي گواهي آهن. آتم ڪٿا، آتم ڪهاڻي، آٽو بايوگرافيءَ کان مان هڪ شخص جي ذاتي، مخفي ۽ شخصي تاريخ سمجھندو آهيان.

    ڪهاڻين، ڊرامن، ناولن ۽ شاعريءَ جي ڀيٽ ۾، سنڌيءَ ۾ تمام گھٽ آتم ڪهاڻيون لکيون ويون آهن. تمام گھٽ، آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون! مان سمجھان ٿو، صنف طور آتم ڪٿا، يا آتم ڪهاڻي ادب ۾ پنهنجي لاءِ ڪا به اهميت واري، ۽ اهميت جوڳي جاءِ پيدا ڪري نه سگھي آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو خاص طرح سان ليکڪن، شاعرن ۽ محققن آتم ڪٿا کي ڪا به ترجيح نه ڏني آهي. مولائي شيدائيءَ جا ٻه تحقيقي ڪتاب، ’تاريخِ تمدن سنڌ‘، ۽ ’جنت السنڌ‘ پڙهي مون کي ڏاڍي حيرت ٿي هئي. ڪتابن ۾ ڏنل حوالا ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو هوس. ان مهل مولائي شيدائي سخت بيمار هو. مون، سچ پُڇو، ته وس آهر ڪوشش نه ڪئي، تنهنڪري چاهڻ جي باوجود مان ساڻس ملي نه سگھيس. جڏهن گذاري ويو ته ڏاڍو ڏُک ٿيم. اخبارن ۾ ٻه چار ليک پڙهيم، پر مولائي شيدائي منهنجي لاءِ ڏوراهين ڏيھه وانگر اڻ ڏٺل ۽ اجنبي رهجي ويو. مون هتان هُتان پُڇا ۽ پڪ ڪرائي. پتو پيو ته سنڌ جي قديم تاريخ تي کوجنا ڪرڻ واري، ايندڙ نسل لاءِ ورثي ۾ پنهنجي ذاتي تاريخ نه ڇڏي آهي. ايتري عميق کوجنا لاءِ مولائي شيدائي ڪنهن کان متاثر ٿيو، ڪنهن سندس همت افزائي ۽ رهنمائي ڪئي! ريلوائي جھڙي گوڙ گھمسان واري کاتي ۾ ڪم ڪرڻ جي باوجود مولائي شيدائي نويڪلائيءَ وارا ڪلاڪ، ڏينهن، راتيون، هفتا، مهينا ۽ سال ڪٿان وس ڪري وٺندو هو، جو هزارين ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن مان حوالا هٿ ڪري پنهنجي تحقيق کي جاري رکندو هو! عجب قسم جو هيڪلو، اڪيلو ۽ ويڳاڻو شخص هو. سندس ٻئي تحقيقي ڪتاب پڙهي پنهنجي پَر ۾ سمجھي ويٺو هوس ته مولائي شيدائي جو هڪ ڪتاب پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي، ۽ ٻيو ڪتاب پي ايڇ ڊي کان اڳتي سندس کوجنا جو ثمر آهي. پنهنجي پَر ۾ اهو به سمجھي ويٺو هوس ته مولائي شيدائي ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ جو پروفيسر هوندو، ليڪچرار نه، سچ پڇو فل پروفيسر! پر، ڪنهن ٻڌايو ته مولائي شيدائي ميٽرڪ پاس هو، ۽ ريلوائي جھڙي غير علمي محڪمي ۾ ڪم ڪندو هو.

    مون کي رکي خيال ايندو رهيو آهي ته مولائي شيدائيءَ آتم ڪٿا کي اهميت ڇو نه ڏني؟ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، امر ڏني مل، ڊاڪٽر دائودپوٽي، مولانا دين محمد وفائي، دين محمد عليگ، محمد عثمان ڏيپلائي، محمد صديق مسافر، پير حسام الدين راشدي ۽ پير علي محمد راشدي جھڙن عالمن ۽ محققن آتم ڪهاڻيءَ کي صنف طور قبول ڇو نه ڪيو، ۽ پيڙهه جو پٿر رکي ان صنف کي مضبوط ڇو نه ڪيو! پير علي محمد راشديءَ جو حيران ڪندڙ، ٻن ٽن جلدن وارو ڪتاب، ”اهي ڏينهن اهي شينهن“، هڪ لحاظ کان سندس آتم ڪهاڻي آهي. ساڳي طرح پير حسام الدين جو ڪتاب، ”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“ سندس شخصي ۽ ذاتي زندگي ۾ ليئو پائي ڏسڻ لاءِ جارو آهي. ڪٿي ائين ته ناهي، يادگيريون ۽ ساروڻيون آتم ڪهاڻيءَ جي هڪ صورت آهن! اهڙي طرح، مرزا قليچ بيگ جي ٻن ٽن سؤ ڪتابن جا مهاڳ جيڪڏهن جدا ڪري ڇپائجن ته اهي به آتم ڪهاڻيءَ جي ڪا نه ڪا شڪل وٺي بيهندا. جڏهن به ڪنهن ليکڪ، محقق، ۽ سائنسدان ضمير متڪلم ۾ ڪجھه لکيو آهي، هن اڻ سڌي طرح ڄڻ آتم ڪهاڻيءَ کي آزمايو آهي.

    ڊاڪٽر گربخشاڻي، عثمان علي انصاري، ۽ سچل سرمست جي عاشق آغا صوفيءَ به آتم ڪهاڻيءَ کي اهميت نه ڏني. ٽئين دنيا جي ڏتڙيل ملڪن جا ليکڪ صبح کان شام، بلڪه سانجھيءَ تائين اجھي ۽ اٽي لاءِ پاڻ پتوڙيندا آهن، ۽ پوءِ، راتيون جاڳي نور نچوئي تخليقي ڪم ڪندا آهن. اسان وٽ اڄ به فل ٽائيم، يعني ڪُل وقتي ليکڪ هئڻ جو تصور جنم وٺي نه سگھيو آهي. اسان جي زندگيءَ جا، روزانو، ڏهاڙي، تازا توانا ڏھه ٻارنهن ڪلاڪ سرڪاري، نيم سرڪاري ۽ پرائيوٽ نوڪرين ۾ فائلن جو کاڄ ٿي ويندا آهن. تنهن ڪري، ٽئين دنيا جي ليکڪن محدود وقت ۾ اول ترجيح تخليقي ڪم کي ڏني آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر دائود پوٽو، مرزا قليچ بيگ، مولائي شيدائي، ذري گھٽ سڀئي عالم، سرڪار سڳوريءَ جي نوڪريءَ ۾ هئا، ۽ زندگيءَ جي تازه دم ڏهن ٻارهن ڪلاڪن جو نذرانو، روزانو آفيس ۾ ڪاموريڪالي ديويءَ کي پيش ڪندا هئا. مان سمجھان ٿو، سنڌ جي عالمن ۽ محققن اسان جي لاءِ جيڪي ڪجھه خزانو ۽ علم جا ڀنڊار ڇڏيا آهن، سي سندن سنڌ لاءِ محبت جي نتيجي ۾ ڪرامت، ۽ وڏي ۾ وڏو ڪارنامو آهن.

    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، علي احمد بروهي، سراج، اياز قادري، ڊاڪٽر غلام علي الانا، نياز همايوني، تنوير عباسي ۽ شيخ اياز وٽ ضمير متڪلم ۽ اسان کي ٻڌائڻ لاءِ ايڏو ته ضخيم، ۽ انمول تجربن ۽ پيڙائن جو خزانو آهي، جو رڪارڊ تي رڪارڊ ڪرڻ ويهجي ته سوين، هزارين ڪيسٽون به جيڪر کٽي پون! شيخ اياز بنگال مان خطن، ڊائرين ۽ جيل جي يادگيرين ۾ پاڻ بابت گھڻو ڪجھه ٻڌائي ويو آهي، پر، مان محسوس ڪريان ٿو، اياز وٽ اسان کي ٻڌائڻ لاءِ گھڻو ڪجھه آهي پر، وري به ڳالھه اچي محدود وقت تي بيٺي آهي! اياز محدود وقت ۾ شاعري ڪري، يا آتم ڪهاڻي لکي! تنهنڪري مون ڏٺو آهي ته دنيا ۾ آتم ڪهاڻيون، گھڻي تعداد ۾، اداڪارن، رانديگرن، يا رٽائرڊ سياستدانن لکيون آهن، جن کي آتم ڪهاڻي لکڻ کانسواءِ ٻيو ڪو ڪم نه هوندو آهي.

    جيئن ميوي سان ڀرپور وڻ جون ٽاريون ڌرتيءَ ڏانهن جھڪي اينديون آهن، ۽ ٻارن کي ميوو پٽڻ تي هرکائينديون آهن. تيئن، ملڪ جون ناهموار، ۽ بي انصافيءَ تي بيٺل سماجي ۽ اقتصادي منڊيون، ۽ بدبودار ۽ غليظ سياسي حالتون مون کي مسلسل مواد ڏيئي لکڻ لاءِ آماده ڪنديون رهنديون آهن. جيئن اسپين جا ويڙهاڪ ڍڳا ڳاڙهو ڪپڙو ڏسي مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي بيهندو آهيان. مان روشنيءَ ۽ سوجھري جو ليکڪ نه آهيان. مان ظلم ۽ ناانصافين جي انڌيري ۾ وڌيڪ طاقت سان لکي سگھندو آهيان. هڪ دفعي ڪٿي لکيو هيم، مان خزائن جو ليکڪ آهيان، بهارون ملنديون ته مري ويندس. ملڪ جون حالتون منهنجي لکڻ لاءِ ايتريقدر ته موافق آهن، ۽ مواد جا انبار ايتريقدر ته ملي رهيا آهن، جو سچ پڇو ته آتم ڪهاڻي لکڻ لاءِ مون وٽ بنھه وقت ڪونهي. پر، تنهن هوندي به آتم ڪٿا هٿ ۾ کنئين اٿم. مان محسوس ڪريان ٿو، ته مون کي آتم ڪٿا لکڻ گھرجي.

    سوچيان پيو، ڪڏهن ڪڏهن مون جھڙي ڪنهن شخص کي به آتم ڪٿا لکڻ گھرجي، جنهن زندگيءَ ۾ ڪو به ڪارنامو ڪري نه ڏيکاريو هجي، ۽ جنهن فقط خواب ڏسڻ ۽ پاڇولن پٺيان ڊوڙڻ، ۽ اٺين سُر جي لاحاصل تلاش کانسواءِ ڪجھه نه ڪيو هجي. تنهنڪري مان آتم ڪهاڻي لکي رهيو آهيان.

    گھڻو اڳ، ذري گھٽ چاليھه سال اڳ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو 1951ع ڌاري مون آتم ڪٿا لکي هئي. اها آتم ڪٿا يا آتم ڪهاڻي مون پنهنجي استاد ۽ مهربان سائين عبدالعلي قلباڻيءَ جي چوڻ تي لکي هئي. اها آتم ڪهاڻي منهنجي نه هئي. اها آتم ڪهاڻي هڪ ڇڳل ۽ پراڻي بوٽ جي هئي، جنهن کي زندگيءَ جا آخري ايام گذارڻ لاءِ گند جي ڊهه تي جاءِ ملي هئي. تڏهن، مان اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ پنجين درجي ۾، اڄڪلھه جي حساب مطابق اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس، ۽ ڪرڪيٽ راند ۾ ڀڙ، ۽ پڙهڻ ۾ ڏڏ هوندو هوس. مون کي سمجھه ۾ نه پئي آيو ته پراڻي ۽ ڇڳل بوٽ جي آتم ڪهاڻي ڪيئن لکان؟ ڪرڪيٽ راند جي ڪري سڀئي استاد مون کي ڀائيندا هئا. پڙهڻ ۾ ڪچو هئڻ جو ڪڏهن طعنو نه ڏيندا هئا. بس، ايترو سو ضرور چوندا هئا، ته سال ۾ ٻارهن مهينا ٿيندا آهن، ڏھه مهينا ڀل راند ڪندو ڪر، ٻه مهينا پڙهي امتحان ڏيندو ڪر.

    ۽ پوءِ اِهو سلسلو ايم اي ڪرڻ تائين هلندو رهيو. سال جا ڏھه مهينا راند ۽ ٻه مهينا پڙهي امتحان! اسان جي ڏينهن ۾ ڪاپي، ڪارتوس ۽ ڪلاشنڪوف جي آڌار تي امتحان پاس ڪرڻ جو رواج نه هوندو هو، ۽ جيڪڏهن ائين هجي ها، ته پوءِ ٻارهوئي ڪرڪيٽ راند کيڏان ها، ۽ ڪتابن جي شڪل ڪڏهن به نه ڏسان ها.

    پراڻي بوٽ جي آتم ڪهاڻي مون کي سمجھه ۾ نه آئي هئي. سائين عبدالعلي قلباڻيءَ منهنجي رهنمائي ڪئي هئي. چيو هئائين! سمجھ کڻي ته تون پراڻو بوٽ آهين. محسوس ڪر ته تون ڇڳل بوٽ آهين، ۽ گند جي ڊهه تي پيو آهين، پر، گند جي ڊهه تائين پهچڻ کان اڳ نئون به ته هئين نه، شوڪيس ۾ رکيو هئين، ۽ پوءِ ڪنهن زميندار يا شاهوڪار تو کي خريد ڪري پير ۾ پاتو هو! ڪيئن، سمجھه ۾ اچئي ٿو نه! تڏهن، زندگي ۾ پهريون دفعو مون کي خبر پيئي هئي ته مان شدت سان سوچي سگھان ٿو. تمام شدت سان! مون محسوس ڪيو ته مان بوٽ آهيان، هڪ ظالم شخص جي پيرن ۾ پاتل آهيان، جنهن کي پنهنجن نوڪرن، ۽ سندن ٻارن کي ٺوڪرن سان مارڻ، ۽ بوٽ سميت لتون هڻڻ جي عادت آهي.

    سائين عبدالعلي قلباڻيءَ کي پراڻي بوٽ جي آتم ڪهاڻي ڏاڍي وڻي هئي. پيار وچان چيو هئائين! رشيد شاهه کان ته نه لکرائي اٿئي. رشيد احمد شاهه بخاري اسان جي ڪلاس جو مانيٽر هوندو هو، ۽ پڙهڻ ۾ ڀڙ هوندو هو. سال جا ٻه مهينا، جڏهن مان ڪرڪيٽ راند نه ڪندو هوس، رشيد مون کي امتحان جي تياري ڪرائيندو هو. اهو سلسلو ميٽرڪ تائين هلندو آيو. رشيد، اڄڪلھه ڊاڪٽر آر اي شاهه جي نالي سان سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر آهي. آتم ڪٿا کي مستند ۽ دلچسپ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته وڏن ماڻهن جو ذڪر ڪجي، ۽ وڏن ماڻهن سان پنهنجو تعلق ظاهر ڪجي. مون جھڙا معذور جن کي پنهنجون ٽنگون نه هونديون آهن، سي گھوڙين جو سهارو وٺندا آهن. 1951ع ڌاري اين جي وي هاءِ اسڪول جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪيپٽن ميڊيم فاسٽ بالر اي آر قاضي هوندو هو. اي آر قاضي اڄڪلھه جسٽس عبدالرحيم قاضيءَ جي نالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج آهي.

    ـــــــــــــــــ هلندڙ

    امر جليل
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: آتم ڪٿا قسط 1

    ادا هي توهان محترم امر جليل صاحب جي آتم ڪهاڻي ونڊ ڪري تمام وڏو ڪم ڪيو آهي، ادا اهيا آتم ڪهاڻي مون ڪراچي يونيورسٽي جي ميگ ڪلاچي ۾ پڻ پڙهي هئي۔ ۽ امر جليل صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي تمام سٺي انداز ۾ لکي آهي۔ ادا پر توهان آتم ڪهاڻي جو عنوان ته لکيو ناهي۔ ٻيو عرض ته توهان اهيا آتم ڪهاڻي هڪ هنڌ ڏيو هان ته بهتر ٿئي هان۔
    ان جو طريقو اهيو آهي ته توهان هڪ ليک ( هڪ قست ) پوسٽ ڪري وري ان جي هيٺان جواب واري ۾ وڃي ٻئي قست ۽ پوء ٽئين قست پوسٽ ڪري سگهو ٿا۔
    باقي اهڙي ونڊ لاء اوهان جس لهڻو۔ مهرباني۔


    امر جليل جون چونڊ تصويرون​



    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: آتم ڪٿا قسط 1

    ادا انشاء الله آئنده ائين ڪبو
    پر توهان محترم امر جليل صاحب جن جون تصويرون ڏيئي منهنجي ٽاپڪ کي 4 چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن
    اوهان جي وڏي مهرباني
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: آتم ڪٿا قسط 1

    مهرباني سائين​
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: آتم ڪٿا قسط 1

    ادا ممتاز سدا خوش هجو
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: آتم ڪٿا قسط 1

    جيئن ته امر جليل جي هر ڪٿا ۽ هر مضمون ۾ ڪا سمجهاڻي هوندي آهي، تيئن هن ليک کي به آتم ڪٿا گهٽ ۽ آتم ڪٿا لکڻ واري فن تي تنقيدي نظر وڌ آهي ۔۔۔

    ماڻهون آتم ڪٿا ڇو لکندا آهن؟ ڇا هُننِ ڪا وڏي کيپ کٽي هوندي آهي؟ جي ها ڪو وڏو ڪم ڪيو هجين ته انهن جي آتم ڪٿا ڪارائتي ۽ اتساهيندڙ هوندي پر جي ماڻهونءَ ڪو وڏو ڪم يا جمالي ڳائڻ جهڙو ڪم ئي نه ڪيو هجي ته پوءِ انجي ڪهاڻي پڙهڻ ۽ لکڻ مان ڪهڙو فائدو ؟

    ”انڌي جهڙي ساهرين تهڙي پيڪين“

    تمام سٺو ونڊ ڪيو آهي سهڻي ڀاءُ طاهر جنهنجي سنڌي هجڻ تي اسانکي به فخر آهي۔
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: آتم ڪٿا قسط 1



    شال ڌڻي هن سنڌيءَ کان سنڌ ماتا لاء اهڙا ڪم وٺي جو سنڌ جي وري عروج جي سببن منجهان مان به هڪ سبب هجان
    آمين
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: آتم ڪٿا قسط 1

    ثم آمين ۔۔۔ انشاء الله
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: آتم ڪٿا قسط 1

    سائين توهان جيڪي ڪهاڻيون لکيون آهن انهن جو مجموعو مونکي ملي ويندو؟
    ۽ ڪٿان؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو