چاچي شفن پپنوءَ کي 15 رپيا ڏنا ته پُٽ وڃ سامهون واري دڪان منجهان صابڻ وٺي اچ. ٿوڙي دير کان پوءِ پپنو موٽي آيو ۽ اچڻ ساڻ چيائين: ”چاچا شفن! اڄ ته مان تنهنجو 1 رپئي جو فائدو ڪري آيو آهيان“ چاچي شفن جواب ڏنو: ”واهه پُٽ پپنا ! اهو وري ڪيئن؟“ پپنو: ”چاچا ! همراهه چيو ته ان صابڻ جي پني جيڪڏهن واپس ڪري ويندين ته پوءِ مان توکي هڪ رپيو ڏيندس. پوءِ مان کيس پني اُتي ئي لاهي ڏني ۽ اُن مون کي رپيو ڏنو..“ چاچا شفن خوش ٿي پيو: ”واهه پپنا واهه! اهو هڪ رپيو هاڻي تون خرچي ڪري پاڻ وٽ رک، اڇا مون وارو صابڻ ته مون کي ڏي“ پپنو: ”چاچا هُو مون کي اوهان واري پُٽ هڪ ڀيرو ٻڌايو هو ته جنهن شئي جي پني لٿل هجي اُها اوهان استعمال نه ڪندا آهيو، پوءِ مان اهو صابڻ نالي ۾ اڇلائي آيس.. “ چاچا شفن: ”اڙي نڀاڳا پپنا! خدا جي ڪا مار پوي.. هڪ رپئي جي چڪر ۾ منهنجو 15 رپين جو نقصان ڪري ڇڏيئي“