صابڻ ۽ هڪ رپئي جو فائدو.

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏19 اپريل 2015۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    چاچي شفن پپنوءَ کي 15 رپيا ڏنا ته پُٽ وڃ سامهون واري دڪان منجهان صابڻ وٺي اچ.
    ٿوڙي دير کان پوءِ پپنو موٽي آيو ۽ اچڻ ساڻ چيائين:
    ”چاچا شفن! اڄ ته مان تنهنجو 1 رپئي جو فائدو ڪري آيو آهيان“
    چاچي شفن جواب ڏنو: ”واهه پُٽ پپنا ! اهو وري ڪيئن؟“
    پپنو: ”چاچا ! همراهه چيو ته ان صابڻ جي پني جيڪڏهن واپس ڪري ويندين ته پوءِ مان توکي هڪ رپيو ڏيندس. پوءِ مان کيس پني اُتي ئي لاهي ڏني ۽ اُن مون کي رپيو ڏنو..“
    چاچا شفن خوش ٿي پيو: ”واهه پپنا واهه! اهو هڪ رپيو هاڻي تون خرچي ڪري پاڻ وٽ رک، اڇا مون وارو صابڻ ته مون کي ڏي“
    پپنو: ”چاچا هُو مون کي اوهان واري پُٽ هڪ ڀيرو ٻڌايو هو ته جنهن شئي جي پني لٿل هجي اُها اوهان استعمال نه ڪندا آهيو، پوءِ مان اهو صابڻ نالي ۾ اڇلائي آيس.. “
    چاچا شفن: ”اڙي نڀاڳا پپنا! خدا جي ڪا مار پوي.. هڪ رپئي جي چڪر ۾ منهنجو 15 رپين جو نقصان ڪري ڇڏيئي“
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو