آتم ڪٿا قسط 2

'سنڌي ادب' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    قسط نمبر2

    آتم ڪٿا لکڻ جو فيصلو نه ڪيو اٿم، پر لڳيم ٿو، ڄڻ زندگيءَ جي جھنگ ۾ جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو اٿم. زندگيءَ جي جھنگ جو جائزو وٺڻ لاءِ جيترو جھنگ جھاڳيو اٿم، تنهن ۾ ٻيهر موٽ کائڻ جو فيصلو ڪيو اٿم، يا کڻي ائين چوان ته زندگيءَ جي رڻ ۾ ڀٽڪندي جيڪي ورهيه وڃايا اٿم، تن ورهين جا پيرا کڻڻ جو فيصلو ڪيو اٿم. سمنڊ جو اُهي ڇوليون جيڪي ڪنارن کي سجدو ڪري موٽي ويون آهن تن ڇولين کي ورائڻ جو فيصلو ڪيو اٿم، يادگيرين جي آئيني تان دز لاهڻ جو فيصلو اٿم، آئيني جي عڪس ۾ پنهنجو چچريل چهرو ڏسڻ جو فيصلو ڪيو اٿم، انهن چهرن کي ٻيهر ڏسڻ جو فيصلو جن چهرن سج وانگر منهنجي زندگيءَ کي روشني ڏني آهي.

    زندگي ڪنهن ترتيب ۽ سٽاءَ سان نه گذري آهي. زندگي بدحواسيءَ، افراتفريءَ ۽ بدنظمي ۾ گذري آهي. تسلسل جي غير موجودگيءَ جو اوهين ان مان اندازو لڳائي سگھو ٿا جو منهنجي ڪنهن به ڪهاڻيءَ کي نه شروعات هوندي آهي ۽ نه ڪا پڄاڻي. منهنجون ڪهاڻيون اڌ مان شروع ٿينديون آهن ۽ اڌ ۾ ختم ٿي وينديون آهن. اڌ ۾ ڇڏيل ڪهاڻيءَ مان ٻي ڪهاڻيءَ جنم وٺندي آهي، ۽ اها ڪهاڻي به پڄاڻيءَ کان اڳ اڌ ۾ ختم ٿي ويندي آهي. مون کي احساس آهي ته آتم ڪٿا ۾ تسلسل نه هوندو. بيان جو سلسلو لاڳيو هلي نه سگھندو. سلسلو ڳنڍبو ۽ ٽُٽندو رهندو. آتم ڪٿا جي انت تائين وقفي وقفي کان پوءِ ساڳين مرشدن، مهربانن، دوستن، رهبرن ۽ رهزنن، جو ذڪر اٿلندو رهندو. مان جن جو اولڙو آهيان، مان جن جو عڪس آهيان، مان جن جو پاڇو آهيان تن جو ذڪر هلندو رهندو.

    ڪجھه هنڌ، ڪجھه مقام، ڪجھه جايون، ڪجھه گھر، ڪجھه گھٽيون ۽ ڪجھه گھيڙ ۽ ڪجھه شهر منهنجي زندگيءَ ۾ دائم ٿي پيا آهن. اُتي ئي خوابن کي اُڻيوسين ۽ اتي ئي خوابن کي اُڊوڙيوسين، رشتن کي جوڙيوسين ۽ رشتن کي ٽُٽندي ڏٺوسين، دعائن سان در تي دستڪ ڏني سين، ۽ ورندي ٻڌي سين، ”هليو وڃ، هليو وڃ، هليو وڃ.“

    مان ڏهن يارهن سالن جو هوس جڏهن 1947ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو هو. سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان کي ڇڏي، باقي سمورو هندستان ٻرندڙ جبل وانگر ڦاٽي پيو هو، جنهن مان رجيل لاوي بدران انسانن جو رت وهي نڪتو هو. ائين پئي لڳو ڄڻ سمورو ملڪ شمشانن ۽ قبرستانن ۾ بدلجي ويو هو. سڙندڙ گوشت جي ڌپ ۽ ڍونڍ هوائن کي زهريلو ڪري ڇڏيو هو. ڌرتي دوکو ٿي پئي هئي ۽ آسمان تان انسان جو اعتبار کڄي ويو هو. ڊپ، هراس ۽ دهشت ماڻهن جو ساهه سڪائي ڇڏيو هو. ڪراچيءَ ۾ فسادن جي باهه اڃا ڀڙڪو نه کاڌو هو. هر طرف موت جھڙي ماٺ مسلط هئي. گھمڻ، ڦرڻ، ملڻ، جلڻ ۽ راندين روندين جا دستور بدلجي ويا.

    هونءَ جو شام ٿيندي ئي بابا سان ڪڏهن ڪلفٽن، ڪڏهن ڪياماڙيءَ، ڪڏهن صدر، ۽ ڪڏهن گانڌي گارڊن ۽ برنس گارڊن ۽ ڪڏهن ٽڪريءَ تي هوا خوريءَ لاءِ هليا ويندا هئاسين، تن تفريحن کي انت اچي ويو. گھٽ ۽ ٻوسٽ جو احساس وڌي ويو. اهڙي ماحول ۽ حالتن ۾ منهنجي ابتدائي ذهني اوسر ٿي رهي هئي، ۽ ٻالڪپڻ ۾ منهنجي پرورش ٿي رهي هئي!

    ڪراچيءَ جو شهر تمام مختصر هوندو هو. ٽڪريءَ وٽ شهر ختم ٿي ويندو هو. ٽڪري اُها جاءِ يا مقام آهي، جتي هينئر قائداعظم جو مقبرو آهي. ٽڪريءَ جي هڪ پاسي شڪارپور ڪالوني هوندي هئي جنهن ۾ سنڌ جا ڪروڙ پتي هندو سيٺ عاليشان بنگلن ۾ رهندا هئا. ٽڪري جي ٻئي پاسي جمشيد روڊ ۽ پارسي ڪالوني هوندي هئي، جنهن ۾ ڪراچيءَ جا سُکيا ستابا پارسي رهندا هئا، جيڪي عرفِ عام ۾ ايراني سڏبا هئا، پر اصل ۾ ٻنهي جاتين ۾ ڪو بنيادي ويڇو هو، جيڪو مون کي سمجھه ۾ نه ايندو هو. ٽڪريءَ کان ٻه اڍائي ميل پري شهر کان ڪافي ٻاهر ڪراچيءَ جو سينٽرل جيل هو. ساڳيو جيل اڄڪلھه شهر جي وچ ۾ آهي. ٽڪريءَ جي اوڀر طرف، هڪ ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي هڪ برساتي نالو هوندو هو. جيڪو اڄ به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. ان نالي جي پرئين پاسي جبلن ۽ ٽڪرن جي ترائين تائين ميدان هوندا هئا. غير آباد، ٿوهرن ۽ ڪنڊين ۽ ڪانڊيرن سان ڀريل، اورئين پاسي لالو کيت نالي هڪ ڳوٺ هوندو هو، جيڪو اڄڪلھه لياقت آباد جو هڪ حصو ٿي پيو آهي. ميدان غائب ٿي ويا آهن. ميدانن تي ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد، لياقت آباد، عزيز آباد ۽ ان قسم جا انيڪ شهر اندر شهر آباد ٿي ويا آهن. جتان جو الطاف حسين بيتاج بادشاهه آهي. برساتي نالي تي ٺاهيل ٻن پُلين لسٻيلا بُرج ۽ تين هٽي برج جي پرئين پاسي سندس سلطنت آهي.

    مختصر شهر جا ڏينهن ويران، شامون بي رونق ۽ راتيون اداس ٿي پيون، بابا تعليم کاتي ۾ ڪم ڪندو هو. سوير گھر هليو ايندو هو. پاڻ سان ٻه چار انگريزي ۽ سنڌي اخبارون کڻي ايندو هو. اڌ رات تائين اخبارون پڙهندو هو. ريڊيو تان خبرون ٻڌندو هو. اخبارن ۽ ريڊيو جي خبرن تي تبصرو ڪرڻ لاءِ ڪڏهن پاڻ چاچا فضل الله صديقيءَ وٽ وڃي ويهندو هو، ۽ ڪڏهن چاچا فضل الله صديقي ڏاڪڻ لهي هيٺ اسان وٽ هليو ايندو هو. اسان جا فليٽ سعيد منزل جي ڀرسان آغا بلڊنگ ۾ هوندا هئا. اسين فليٽ نمبر اٺين ۾ رهندا هئاسين ۽ چاچا فضل الله صديقيءَ جن مٿئينءَ ماڙ تي فليٽ نمبر يارهين ۾ رهندا هئا. چاچا فضل الله سنڌ سي آءِ ڊي ۾ ڊي ايس پي هو. قدآور، سنهڙو، ۽ تمام گھٽ ڳالهائيندڙ، هميشه سوچ ۾ ٻڏل ۽ ڳنڀير رهندو هو. بابا سان ۽ بابا جي ساڻس دوستي تمام پراڻي هئي. ننڍپڻ جا دوست هئا. اسڪولن ۾ گڏ پڙهيا هئا.

    چاچا فضل الله صديقيءَ جن جي گھر ۾ هڪ فقير جي تصوير لڳل هوندي هئي. فقير ڪجھه ڪجھه پنگلو نظر ايندو هو. وار وکريل، ڏاڙهي وڌيل، ڪپڙا ڦاٽل، ۽ ليڙون ٿيل! هڪ هٿ ۾ ڪشڪول ۽ هڪ هٿ ۾ يڪتارو هوندو هوس. اُها تصوير اصل ۾ ٻهروپ، چاچا فضل الله صديقيءَ جي تصوير هئي. سندس ڪم ڪرڻ جو ڏانَو ڏاڍو نرالو ۽ عام پوليس آفيسرن کان بنهه مختلف هوندو هو. پنهنجي سٽا ۾ ڪنهن کي به شامل نه ڪندو هو. خوفناڪ خونين ۽ ڏوهارين جي تعاقب ۾ اڪيلي سر نڪري پوندو هو. مخفي رهڻ لاءِ پنهنجو پار پتو به نه ڇڏيندو هو. ويندي، گھر ڀاتين کي به سندس مهم جوئيءَ جي ڪا خبر چار نه هوندي هئي. چاچا جسماني طرح ڪو پهلوان نه هو، ٽارزن يا اڄڪلھه وارو رينبو نه هو. بي انتها سنهڙو، ڊگھو، ۽ دمڪشيءَ (اسٿما) سبب اڪثر تڪليف ۾ رهندو هو. هڪ دفعي ”جن سنگھين“ وارن ڪراچيءَ کي بمن سان اڏائڻ جي رٿا کي پنگلي فقير جي روپ ۾ ناڪام ڪري ڇڏيو هئائين، ”جن سنگھي“ ڪي عام رواجي دهشتگرد نه هوندا هئا. ڏاڍا منطم هئا. ۽ سخت ضابطي تحت ڪم ڪندا هئا ۽ سائنسي طريقن تي وارداتون ڪندا هئا.

    بابا ۽ چاچا فضل الله جون سڙٻاٽن ۾ ڳالهيون مون کي سمجھه ۾ نه اينديون هيون. هو ٻئي مون کي ڏاڍا فڪر مند لڳندا هئا. هن وقت، ماضيءَ جي ڌنڌ پٺيان مان سندن چهرا ڏسڻ ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، ته مون کي لڳي ٿو هو ٻئي شهر ۾ موت جھڙي خاموشي کان ڊڄي ويا هئا. مشرقي پنجاب جي شهرن امرتسر، لڌيانه، پٽياله ۽ ڪپورٿلا، ۽ ٻين شهرن ۾ وڏي پيماني تي قتل عام شروع ٿي ويو هو. سڄي دنيا جي مشهور اخبارن جا صحافي ۽ ريڊيو جا براڊ ڪاسٽر هندستان پهچي ويا هئا. هو خونريزيءَ جي هڪ هڪ لمحي کي قلم بند ڪري رهيا هئا. هو هڪ اهڙي اکين ڏٺي تاريخ لکي رهيا هئا، جنهن ٻئي مهاڀاري جنگ جي خونريزيءَ کي پوئتي ڇڏي ڏنو هو. ڪلڪتي ۾ وحشي ڪوس شروع ٿي ويو. وچ هندستان تمام وڏي شمشان ۾ بدلجي ويو ۽ فسادن جي باهه آسمان کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو. اهڙي سياسي وايو منڊل ۾، ڪراچيءَ لاءِ قبرستان جھڙي خاموشي ڏاڍي پراسرار هئي. پر منهنجي لاءِ سڀ کان وڌيڪ پراسرار هو ڊاڪٽر چوئٿرام جيساڻيءَ جو الوپ ٿيڻ! ائين به نه هو ته هو ڪو شهر ڇڏي ڪيڏانهن هليو ويو هو. هو ڪراچيءَ ۾ ئي هو. هڪ بنگلو بندر روڊ تي هاڻوڪي پراڻي نمائش وٽ هوندو هوس، ۽ ٻيو سولجر بازار ۾. ورهاڱي کان اڳ ئي هن بندر روڊ وارو بنگلو وڪڻي ڇڏيو هو، ۽ پاڻ وڃي ٻارن سميت سولجر بازار واري بنگلي ۾ رهيو هو. بابا جو تمام گھاٽو سنگتي هوندو هو. بولٽن مارڪيٽ جي پٺيان بامبي (بمبئي) بازار ۾ ڪلينڪ هئس. مان سمجھان ٿو، پنهنجي وقت جو هو سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان مشهور هوميوپيٿي ڊاڪٽر هو. سڄي سنڌ مان پراڻن مرضن ۾ ورتل مريض وٽس ايندا هئا، ۽ جھٽ صحتياب ٿي موٽندا هئا! قد جو پورو پنو، پر بيحد ٿلهو هو. پاسنگ شو نالي سگريٽ ڇڪيندو هو، ۽ لاڳيتو ڇڪيندو هو. اصل چين سموڪر هو. (آخري عمر ۾ ارادي جي ڪمال قدرت سان سگريٽ ڇڪڻ ڇڏي ڏنو هئائين) مريضن کي دوا سان گڏ هدايتن ۾ سگريٽ کان پرهيز لاءِ سختيءَ سان تلقين ڪندو هو. بابا اڪثر، آفيس کان پوءِ ڊاڪٽر جيساڻيءَ جي ڪلينڪ تي وڃي ويهندو هو ۽ رات جو ڪلينڪ بند ٿيڻ کان پوءِ گھر ايندو هو. جنهن ڏينهن، يا ڪجھه ڏينهن تائين، جيڪڏهن بابا سندس ڪلينڪ تي نه ويندو هو، ته ڪلينڪ بند ڪرڻ کان پوءِ سڌو اسان وٽ هليو ايندو هو. گھڻو پوءِ، بابا جي وفات تي مون سڀ کان وڌيڪ ڊاڪٽر جيساڻيءَ کي روئندي ڏٺو. سڏڪن ۾ سهڪندي چيو هئائين، اڙي اڄ منهنجو اڪيلو ڀاءُ مري ويو. منهنجو ڀاءُ مري ويو.

    ڊاڪٽر جيساڻيءَ گھر مان نڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. پنهنجن ٽن پٽن وسڻ، وشني ۽ گل سان سولجر بازار واري جاءِ ۾ بند ٿي ويهي رهيو. بابا آفيس وڃڻ کان اڳ ۽ آفيس مان موٽڻ کان پوءِ ڊاڪٽر جيساڻيءَ وٽ ويندو هو. سندن ٻڏل دل مٿي ڪندو هو. مان اڪثر پڇندو هوس، چاچا جيساڻيءَ اسان وٽ ڇو نه ٿو اچي؟

    بابا وٽ موٽ ۾ هڪ ئي جواب هوندو هو، ”ايندو، بابا ايندو، ڇو نه ايندو.“ خاموش ڏينهن سان آيل خاموش راتيون وڌيڪ اونداهيون ۽ اُماس جھڙيون هونديون هيون. بلب ٻرندا هئا، پر لڳندو هو بلبن ۾ روشني نه هوندي هئي. چنڊ نڪرندو هو پر ڄڻ وساميل هوندو هو. تارا تمام پري، ۽ اُجھايل ڏيئن وانگر محسوس ٿيندا هئا. اهڙي ئي هڪ رات هئي، جڏهن بابا ۽ چاچا فضل الله پاڻ ۾ ڪافي دير تائين سڙٻاٽن ۾ ڳالهيون ڪيون هيون. اسان جو مختصر خاندان هوندو هو. تمام مختصر، بابا، امان، ادا، ادي ۽ مان. ڪل پنج ڄڻا. پنجن ڄڻن مان ادا، قاضي فيض محمد، سڪرنڊ جي ڪنگ ايڊورڊ ايگريڪلچر ڪاليج ۾ پڙهندو هو، ۽ اتي ئي هاسٽل ۾ رهندو هو. موڪلن ۽ وڪيشن تي گھر ايندو هو. مون کان چوڏهن پندرهن سال وڏو هو. مون سان ڏاڍو پيار ڪندو هو. فٽبال، والي بال ۽ ايٿليٽڪس جو زبردست رانديگر هوندو هو، منهنجي ڪهاڻيءَ، ’ ٽيون وجود‘ ۾ مرڪزي ڪردار تي ڇانيل هو.

    ۽ پوءِ انهن ئي ڏينهن ۾ لاهور جي ريلوي اسٽيشن تي لڌيانه کان لاشن سان سٿيل ٽرين پهچڻ جي خبر آئي. اڍائي ٽي هزار ٻارن، عورتن، ۽ مردن جا لاش، تلوارن، خنجرن، نيزن، ڪهاڙين ۽ ڪاتن سان وڍيل ۽ چچريل! گاڏين مان وهندڙ ۽ ٽمندڙ رت ريل جي ڦيٿن ۽ پٽن کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو. ڄڻ بارود کي باهه لڳي. اخبارن سرخيون لڳايون ۽ تصويرون شايع ڪيون. سمورو ملڪ ڌڏي ويو. ڄڻ ٻرندڙ جبلن بدران ڌرتيءَ مان رجيل لوهه، گندرف ۽ تيزاب ڦاٽ کائي ٻاهر نڪري آيو. سڀ کان اڳ لاهور ۽ راولپنڊي ۾ فسادن جو راڪاس رستن تي نروار ٿيو.

    مان انگريزي اخبارون پڙهي نه سگھندو هوس. سنڌي اخبارن مان خبرون پڙهي معاملي کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو هوس. سک ڏاڍي منظم نموني سان وڏي پئماني تي مشرقي پنجاب ۾ قتل ڪري رهيا هئا. لاشن سان ڀريل هڪ ٽرين کان پوءِ هنن به چار ٻيون ٽرينون به لاشن سان ڀري روانيون ڪيون. اڄ جڏهن هيءَ آتم ڪٿا لکڻ لڳو آهيان تڏهن سکن لاءِ اڄ ڪلھه جي پنجابي مسلمانن جي محبت تي حيران ٿي رهيو آهيان. جن سنگھين، مهاسڀائين، مرهٽن ۽ گورکن ڏاڍي بيدرديءَ سان هندستان جي مسلمان جو قتلِ عام ڪيو، ۽ جواب ۾ لاهور، راولپنڊي ۽ پسگردائيءَ جي ڳوٺن ۾ مسلمانن، هندن ۽ سکن کي ماريو. پر، جھڙي تربيت، ۽ رٿابنديءَ سان سکن مسلمانن کي ماريو تنهن سموري دنيا کي لوڏي ڇڏيو. ٽائيمس جي صحافي اِئين مورسين، جنهن ٻئي مهاڀاري جنگ ۾ محاذ تان خبرون موڪليون هيون، تنهن مشرقي پنجاب ۾ سکن جي قتل و غارتگري ڏسي پنهنجي اخبار کي لکي موڪليو، ”هن قسم جا وحشي ۽ غير انساني منظر اسان ٻئي مهاڀاري جنگ ۾ به نه ڏٺا هئا.“

    تاريخ ۾ سؤ سوا سؤ سالن جو عرصو ڪا خاص وڇوٽي نه ڇڏيندو آهي.1947ع واري قتلِ عام کان هڪ سؤ سال اڳ راجا رنجيت سنگھه لاهور ۾ مسلمانن جو ٽن ڏينهن ۽ ٽن راتين تائين قتلِ عام ڪرايو هو، ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ جيڪي مسلمان مرد ۽ عورتون معجزي طور بچي ويا هئا، تن کي اگھاڙو ڪري لاهور ۾ جلوس ڪڍايو هو.

    درگذر ڪرڻ، وساري ڇڏڻ، ۽ بخشي ڇڏڻ جھڙي اعلى انساني اقدار جي انتها آهي، يا بيحسيءَ جي انتها آهي جو هر سال پنجابي ٻانهون ۽ دلين جا در کولي ٻه ٽي دفعا سکن جي جٿن کي پنجاب ۾ خوش آمديد چوندا آهن، ۽ سندن آڌر ڀاءُ ۽ مهمانوازيءَ ۾ اڳيان پويان رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندا آهن. پنجا صاحب جي ميڙي تي، بابا گرونانڪ جي جنم ڏينهن تي، ۽ راجا رنجيت سنگھه جي ورسيءَ تي هر سال هزارن جي تعداد ۾ سک لاهور ۾ داخل ٿيندا آهن، ۽ پنجاب تي ڇائنجي ويندا آهن. پنجاب ۾ فساد جو ڌوڏو سنڌ ۾ تڏهن محسوس ڪيو ويو، جڏهن رتن تلاءَ جي ڀرسان گردواري تي حملو ٿيو، جنهن ۾ ٻه سک مري پيا. رتن تلاءَ اسان جي گھر ۽ سعيد منزل کان بنھه ويجھو آهي. بندر روڊ، جنهن کي ايم اي جناح روڊ جو نالو ڏنو اٿائون، اڪلي، ريڊيو پاڪستان جي پٺيان جيڪو علائقو آهي، تنهن کي رتن تلاءَ سڏيندا هئا. اتي ئي رتن تلاءَ پرائمري اسڪول هو، جتي مون پرائمري جا پهريان چار درجا پڙهيا هئا. اُتي ئي، رتن تلاءَ پرائمري اسڪول ۾ مون سان گڏ امپيريل سينيما جي مالڪ جي ڌيءَ اندرا پڙهندي هئي. هوءَ چوٿون درجو پاس ڪري پيءَ سان گڏ هندستان هلي ويئي، پر منهنجي ذهن ۽ تصور کان پري ٿي نه سگھي. منهنجي تصور ۾، مون سان گڏ هوءَ وڏي ٿيندي رهي آهي. مون سان گڏ هاءِ اسڪول ۾، ڪاليج ۾، ۽ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي رهي آهي. مون سان گڏ ٿيٽر ۾، ريڊيو ۾، ٽيليويزن ۾، فلمن ۾، يونيورسٽي ۾ ڪم ڪندي رهي آهي. هوءَ منهنجي تصور ۾ ان مقام تي پهتل آهي، جتي حاصل ۽ لاحاصل جا لفظ بيمعنى ٿي پوندا آهن. سندر هئڻ، منهنجي لاءِ ڪائنات جي هئڻ جو دليل آهي. هوءَ منهنجي ڪهاڻين ۾، جيڪا ڪنهن جي نصيب ۾ لکيل نه آهي، سا اندرا آهي. مون پنهنجي پهرين ڪهاڻي ’اندرا‘ جي عنوان سان، ۽ اندرا جي حوالي سان، اڄ کان ستٽيهه سال اڳ 1955ع ۾، ’ادا‘ رسالي لاءِ لکي هئي. هوءَ تڏهن به نائڪ کي ملي نه سگھي هئي. ويجھڙائيءَ ۾ لکيل ڪهاڻي ’ٽيون وجود‘ ۾ هوءَ روپ جي نالي سان آئي هئي، ۽ هميشه وانگر وڇوڙي جي علامت ٿي آئي هئي. ڪهاڻي ’هڪ دل جي اڪيلائيءَ‘ ۾ هوءَ نرگس هئي ۽ ڪهاڻي ’مان برف ۾ توسان ملندس‘ ۾ هوءَ مريم هئي. هن جي هئڻ تي مون کي نه هئڻ جو ۽ نه هئڻ تي هئڻ جو گمان ٿيندو آهي.

    امر جليل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو