اڄ جي ڪويتا

اڄ جي ڪويتا
____________

ڪيئن چوان تو ۾ ساه آ
ڪيئن وڌيو ويساه آ .....

چنڊ جهڙي چهري سان هي
چاهتن ۾ چاه آ ...ڪيئن وڌيو ويساه آ

نور ڀريو هي نرمل ماڻهو
جنهن لئه اندر اتساه آ .....ڪيئن وڌيو ويساه آ

قرب ۾ قابو ٿيندا وڃو بئي
بره بڀڙ آڙاه آ ...ڪيئن وڌيو ويساه آ

سندر تون آن دل ۾ دلبر
لنون جو هيءُ لڳاءَ آ ...ڪيئن وڌيو ويساه آ

پير پدمڙا جهومي هلي ٿي
هرهنڌ ٿي ويو هڳاءُ آ ...ڪيئن وڌيو ويساه آ

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top